نئين آھي محفل نئون جام پيئبو – حافظ نظاماڻي

حافظ نظاماڻي

نئين آھي محفل نئون جام پيئبو
نه لِڪ ڇپ ڪبي ھت سرعام پيئبو
ٻڌايان ٿو توکي وڏي سڏ آئون واعظ
بنا سھو جي ھت صبح شام پيئبو
الللا جو ته نالو ھر ھنڌ لکيل آ
اسين رند چئون ٿا ڪري رام پيئبو
متان عشق وارن سان اٽڪي ميان جي
انالحق جو نعرو ڪري عام پيئبو
آئون حافظ آھيان ھوڏ تان نه لهندس
مُلئين جي اڳيان ھت ھڻي جام پيئبو