هي سنڌ هاڻي موئن جي دڙي واري سنڌ ناهي رهي

ڪهاڻي — هن ڄار ۾
ليکڪ — امرجليل
علي ڪجھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“
”اھڙي بددعا ته نه ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“
”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“
”چري ته ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“
”چئي ٿي، ته موھن جو دڙو دنيا جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“
————
”يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، ته سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“
علي مارگريٽ کي ڪجھ چيو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانھن ڏسي عليءَ کي ڪجھ چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونھن سنڌ جي ٻڌي ھيم، تھڙي ڏٺم.“
”ٻيو ڪجھ به چيائين ڇا؟“
”چيائين ته توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز آھيو.“
مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
————–
ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي ته سنڌو نديءَ ۾ ھماليه جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن ھماليه بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق به بلند آھن
اسان ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن مرڪي نھاريو.

Continue reading

Sindhi Proverbs & Phrases

اَٽي جو گهوٻاٽو
I talk of chalk and you of cheese
اَٽو کاڌو ڪوُئي، مار پئي گابي تي
One doth the blame, another bears the shame
اَپڻي گهوٽ ته نشا هووي
Paddle your own canoe
اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڀڄي، تنهنجو اڌ به وڃي
A bird in hand is worth two in the bush
اڳياڙي تڏهن سُرهي، جڏهن پڇاڙي سُرهي
All is well that ends well

Sindhi terminology

Cellular organization گهرڙياتي جوڙجڪ
Binary fission نسلي جوڙي واڌ يا اڌو اَڌ ٿيڻ جو عمل
Mutation ڦير ڦار
Gametes جنسي لڳ ڪندڙ گهرڙا
Sperms نَرُ جزا
Germ cells پيدائشي گهرڙا
Genetic material وِراثتي مواد
Unicellular form هڪ گهرڙياتي روپ
Multi-cellular form گهڻ گهرڙياتي روپ
Photosynthesis روشنائي ترڪيب