مک صفحو » Sindh » هي سنڌ هاڻي موئن جي دڙي واري سنڌ ناهي رهي

هي سنڌ هاڻي موئن جي دڙي واري سنڌ ناهي رهي

ڪهاڻي — هن ڄار ۾
ليکڪ — امرجليل
علي ڪجھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“
”اھڙي بددعا ته نه ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“
”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“
”چري ته ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“
”چئي ٿي، ته موھن جو دڙو دنيا جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“
————
”يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، ته سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“
علي مارگريٽ کي ڪجھ چيو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانھن ڏسي عليءَ کي ڪجھ چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونھن سنڌ جي ٻڌي ھيم، تھڙي ڏٺم.“
”ٻيو ڪجھ به چيائين ڇا؟“
”چيائين ته توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز آھيو.“
مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
————–
ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي ته سنڌو نديءَ ۾ ھماليه جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن ھماليه بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق به بلند آھن
اسان ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن مرڪي نھاريو.

——–
مان در جي وچ وڃي بيٺس. علي اوٽ ٿي بيٺو. مون وک اڃا مس وڌائي جو خاموش فضا ۾ ڪارتوس ڇٽڻ جا ٻه آواز ٿيا. ھوءَ ڇرڪ ماري اٿي ويٺي. اکيون مھٽيندي در ڏانھن ڏٺائين. مون تي نظر پيس، ته ذري گھٽ کانئس رڙ نڪري ويئي. ھوءَ پلنگ تي ڀت ڏانھن سرڪندي ويئي. ڪاوڙيل لھجي ۾ ڪجھ چوڻ لڳي. ڪجھ به سمجھي نه سگھيس. پر محسوس ڪيم ته ھوءَ سنڌ تي ڇوھ ڇنڊي رھي ھئي. عليءَ کي سڏ ڪيم علي به منھنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. عليءَ کي به ساڳئي حال ۾ ڏسي رن کان دانھن نڪري ويئي.
عليءَ کان پڇيم، ”اسان سنڌي آھيون، گاريون برداشت نھ ڪندا آھيون. رن گاريون ٿي ڏئي ڇا؟“
علي وراڻيو، ”پنھنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي گاريون ٿي ڏئي.“
رن ڏانھن وڌندي چيم، ”ٻڌائينس ڇو نه ٿو علي، ته ھيءَ سنڌ، موھن جو دڙو ناھي.“
ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر ڪنبڻ لڳي. ڊنل ڊنل نگاھن سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي. اوچتو، ڇلانگ ماري وڃي سوگھو ڪيومانس.
(اصل ڪهاڻي مان مختصر)
ڪهاڻي — هن ڄار ۾
ڪتاب — دل جي دنيا
ليکڪ — امرجليل
نوٽ: اَمر جليل جي مختصر آکاڻيءَ جا هي ٽڪرا سوشل ميڊيا تان ورتل آهن.

 

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري