تخليقي نگاه سان ڏسڻ

ڪتابَ پاروُٿين پروڪين ۽ ٻئي زمان مڪان جي صداقتن يا سچائين تي ڳالهائيندا آهن جن کي مجرد سچائيون چيو ويندو آهي. مطلب ته اهڙيون وائي بادي خبرون زميني حقيقتن کان بيگانيون خبرون يا سچائيون هونديون آهن. پر انهن ۾ ڪي ڪي معروضي حالتن سان لاڳاپو  کائيندڙ ڳالهيون به هونديون آهن. ان لاءِ  ميڪانيڪي سوچ کان پرهيز  ڪرڻ  گھرجي بلڪ متحرڪ حالتن تي گھري جدلياتي نگاه رکڻ گھرجي. جيئن جو دم غافل سودم ڪافر هوندو آهي يعني هڪ سچو انقلابي اهو ئي ٿي سگھي ٿو، جيڪو معروضي صورتحال کي جدليات جي تخليقي نگاه سان ڏسڻ جي فن کان بخوبي آگاه هجي. آدم
نوٽ: هي مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي
سوشل ميڊيا جي ٿورن سان

سياست ۽ زميني تقاضائون

سياست زميني تقاضائن جي روشني ۾ ڪئي ويندي آهي نه ڪي ڪتابن جي رٽيل ڳالهين جي پيشنظر ڪئي ويندي آهي سياست جي لاءِ تضادن تي نظر رکڻ جي ڀر پور جدلياتي صلاحيت هجي يعني داخلي ۽ خارجي صورتحال جو ڀرپور جدلياتي جائزو وٺجي معروضي صورتحال جو ڀرپور ادراڪ سان گڏو گڏ پنهنجي ۽ دشمن جي دوست دشمن قوتن جي سڃاڻپ تاريخي تقاضائن سان هم آهنگي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندڙ تنظيم هجي ڪتابن جون اڪثر گھڻيون ڳالهيون مجرد صداقتن تي بيٺل هونديون آهن پر ڪافي عالمي قومي انقلابي تحريڪن جا تجربا عمل جي ميدان ۾ مما ثلت جي ڪري رهنمائي به ڪندا آهن تنهنڪري نه صرف ڪتابن تي سکڻو لڏا لاهي ويهجن نه ئي ڪتابن جي اندر موجود انساني تجربن جي مما ثلتي ڪردار کي نظر انداز ڪجي هميشه اهي اصول ئي جنگين ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن جيڪي آفاقي طور تي يا مجموعي طور تي عام جنگي اصولن جي ترجماني ڪندا آهن .آدم
نوٽ: هي مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي
سوشل ميڊيا جي ٿورن سان

علم جيستائين بحث جي بٺيءَ مان پچي راس نه ٿيندو

علم جيستائين بحث جي بٺيءَ مان پچي راس نه ٿيندو آهي تيستائين خود علم جي مٿان چڙهيل زنگ نه لهندي آهي نه ئي تيستائين علم لاڳو ڪرڻ جو فن پنهنجي ڪمال کي رسندو آهي بحث انسانن کي حاضر دماغ بڻائيندا آهن ۽ علم بحث جي لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڏيندو آهي تنهنڪري جيترا بحث مباحثا يعني دليل بازيءَ جا مقابلا ايمانداراڻي سچائيءَ جي بنياد تي ٿيندا اوترائي تيز فهم ماڻهون انهن مباحثن جي ٽڪرائن مان پيدا ٿيندا ۽ نيون نيون سچائيون به هنن جي اهڙي ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ سان سامهون اينديون ۽ ورڪرن ۾ يا مباحثي ۾ بحرو وٺندڙ ماڻهون مطالعي ڏانهن راغب ٿيڻ تي مجبور ٿيندا .آدم
هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي
سوشل ميڊيا جي ٿورن سان

مُنهنجي ٿر جو حالُ جي پڇندين! روئي پوندين

جت لُڪ لڳي، جت اَڪَ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي. اياز
ٿر جا ماڻهو سنڌ جي محبتن جا اَمين آهن. سائين نور احمد جنجهي ڪچهريءَ ۾ مون کي ٿر جو هڪ واقعو ٻڌايو ته ”مشرف جي دور ۾، هڪ آمريڪي ٽيم ٿر جي دوري تي آئي هئي. جنهن ۾ هڪ انگريز عورت ٿر جي ماين جا انٽرويو پڻ ڪيا هئا، ٿر جي ڏکويل عورتن جون تڪليفون ڏسي، اها عورت روئڻ هارڪي ته اڳ ئي ٿي وئي هئي. پر جڏهن انگريزياڻيءَ کانئن پڇيو ته ”هاڻي ملڪ جو صدر پرويز مشرف پڻ ٿر گهمڻ اچي رهيو آهي ته اهي سڀ مطالبا اوهان ان کان ڇو نٿا ڪيو ته اوهان کي زندگيءَ جون بنيادي سهوليون ڏئي؟” سندس ان سوال تي هڪ اڻپڙهيل ٿري عورت کيس سادي لهجي ۾ جواب ڏنو ته ”اسين آيل مهمان کان ڪجهه گهرندا ناهيون! ان جواب تي اها انگريزياڻي روئي ويٺي ۽ پوءِ کانئن ڪو به سوال نه ڪري سگهي.“
نوٽ هي ٽڪرو  رحمت پيرزادي جي ڪالم ”ماءِ کاهوڙي آئيا“ تان کينل آهي.
روزآني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان
27 اپريل 2016

Sindhi Proverbs & phrases

 انڌن وڃي ملتان لڌو
Seek and ye shall find
اَڻ گُهريو ماءُ به پُٽَ کي نه ڌارائي
Ask and it shall be given
اُهو ڪو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي
Make hay while the sun shine
اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪَنَ ڇني
Better a tooth out than aching
آهي ته عيد نه ته روزو
Waste not, want not