جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تان ورتل ٽڪرو

اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسي خيز ناول لکندڙ، اگاٿا ڪرسٽي، ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛ هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينين سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئا سين ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ _ هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته
”ڪڏهن آيو آهين؟“
”اڄ صبح جو.“
”ڇاتي؟“
”جيپ تي.“
”ڪنهن کان ورتي اٿيئي جيپ؟“
”پنهنجي آهي.“
”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي! مان ته اڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ _ هائوس وٽ ڪار روڪي ۽ هنن کي اتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها ته ڪپڙا لٽا سب ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“
”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم.“
”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا.“ ائين چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو، ۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:
”منهنجي مڌُ کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،
تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.“
سو، اها هئي هڪ تعليم يافته سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت _ اها تهذيب جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي!
شيخ اياز – جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خوبصورت شاعري

تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
جڏهن شام جو جام خالي نه هو
رات رم جھم هئي تنهنجي ساهن
جي جيڻن سُرن سان
منهنجي بستر تي ستل منڪر ڪا
موسم هئي
تنهنجي ڪجلين اکين جي ڪنارن مٿي
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي
ها انهي کان اڳي مان هليو ڇو ويس
سچ پڇين جي سڄڻ روح رهڻ لاء ڏاڍا
ريلا ڪيا

Continue reading

مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ

تاريخ ۾ عظيم مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ فرد کي پنهنجن روايتي حقن تان هٿ کڻڻو پوندو آهي. گهر ۽ سنسار جي وِچ تي هڪ چانئٺ ئي ته هوندي آهي. اڪثر عظمتن کي اُنهن چانئٺن جي ٻِچتائيءَ جي ڪيفيت ۾ پَسيو ويو آهي. دنيا جي شاعريءَ ۾ اُن ڪيفيت کي ڪافي چٽيو ويو آهي، جنهن ڪيفيت گهڻن گهوٽن کي ان ريت اُلجهائي رکيو آهي ته:
هيڏانهن دار اسان جي يار،
هوڏانهن پاڻياريءَ سان پيار!
اياز تي به اُن ڪيفيت، اُن وقت ڀرپور حملو ڪيو هو، جڏهن هو سکر جيل ۾ قيد هو ۽ هن جا ٻارَ، هن سان سَهمي سَهمي ملاقاتون ڪندا هئا!
پر جڏهن در ٻاهريون دُک، در اندرئين دُک تي غالب ٿي ويندو آهي، تڏهن انسان اُن حيثيت کي ماڻي وٺندو آهي، جو عظيم شاعرن جا اهڙا شعر، هن مٿان گُلن جي پنکڙين جيان نڇاور ٿيندا آهن ته:
مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ،
سڀني وِڌا ويڻ، پر ويندڙ، ويندا ئي رهيا!
(اياز)
هُو جي کَڙيون کُوههَ تي، ٻانهُن پائي کَنجَ،
ڏسي روئڻهارڪيون، سنجيل گهوڙا سنجَ،
هر هر ڇِڪي هنجَ، چُمن پنهنجا ٻارڙا!
(اياز)
ڪتاب — اميد جو قتل
ليکڪ — عبدالواحد آريسر
جي مهاڳ ۾ لکيل اعجاز منگي جا ڪجھ لفظ
نوٽ: هي  مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي

 

مولانا عبيدالله سنڌي فرمايو

منهنجي قوم جي ذهن ۾ شاهه پرستي اندر تائين گهر ڪري ويل آهي. اسان جو مذهب، اسان جو علم، اسان جو سماج، اسان جي سياست، ايتري تائين جو اسان جي سڄي زندگي شاه پرستيءَ کان متاثر ٿيل آهي. بيشڪ هاڻي اسان وٽ بادشاهه ناهن رهيا، پر اسان جي شاه پرست ذهنيت، انهن جي جاءِ تي نوابن، راجائن، ۽ پيرن کي، ايتري حد تائين جو سياسي ليڊرن کي به بادشاهه بڻائي ڇڏيو آهي.
مولانا عبيدالله سنڌي
نوٽ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

Bitter truth is far better than a sweet lie.

پَڪَ تڏهن ٿيندي، جڏهن شڪ ڪندئو، شڪ تڏهن ويندو جڏهن سوال پڇندئو، سوال تڏهن پڇندئو، جڏهن پرستش ڇڏيندئو، سوالَ پڇو ۽ جوابَ ڳوليو، ڏهڪائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ سچ به سهڻيَ ۽ وڻندڙ ڪوڙ کان هزار ڀيرا بهتر آهي. – اياز لطيف پليجو

سوشل ميڊيا تان ورتل

شيخ اياز

اسان جي دل اوھان جو حسن، جي ملندا تہ ڇا ٿيندو
ڪٿي جنت ڪندا آباد پنھنجي ڪا، تہ ڇا ٿيندو

جھان نو! اوھان جي زلف برھم جا ھي سودائي
جڏھن دار و رسن تي جھومندا ويندا تہ ڇا ٿيندو

خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا بہ ڪيسين آشيان وارا
قفس آه و فغان سان گونجندا رھندا تہ ڇا ٿيندو

اسان جو عشق ھاڻي مثل موجِ پرسڪون آھي
اگر اٿلي پيو ھُو حسن جو دريا تہ ڇا ٿيندو

اجايو زندگانيءَ ڀر سپون سونجھيون سي ساحل تي،
نہ ملندو جيڪڏھن ھو گوھر يڪتا تہ ڇا ٿيندو

وطن تنھنجي تصور جو اياز آخرڪٿي آھي؟
چئي ڏيندين اگر پڇندا وطن وارا، تہ ڇا ٿيندو…
شيخ اياز