۽ جڏھن پليجي ڳالھايو

ڪارو ھجي يا گورو ھجي، سنڌي ڳالهائي يا يوناني ڳالهائي، جرمني ڳالهائي، پنجابيڳالهائي اسانجو عزيز آھي، قريب آھي. انسانيت جي رشتي جي ناتي– انسانيت زندہ آباد، اھو اسانجو ايمان آھي. اھا لطيف جي تعليم آھي. پر پنھنجي ملير جي عزت جي حفاظت ڪرڻ اسانجو پهريون فرض آھي. پنھنجي وطن، پنھنجي مارن، پنھنجي ڌرتي، پھاڙن، ميدانن، جبلن، سرزمينن، دريائن، ھڪ ھڪ شئي ۽ ھڪ ھڪ وڻ، گاھ جي ھر ھڪ ٻوٽي ۽ پنَ تي اسانجو حق آھي. اھو اسانجو آھي ۽ اسانجو ئي رھڻ کپي. اسين ان جا مالڪ ۽ وارث آھيون ۽ دنيا جي ڪنھن بہ ماڻھون کي اھو اختيار ناھي تہ ھو ان ڏانھن اک ميري ڪري ڏسي

ٿي نه محبت مات — عبدالواحد آريسر

آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن مذهب جو وجود ڪو نه هو. آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي چانڊوڪين ۾ منهنجي ڌرتيءَ جو دراوڙ، سومرس جون جمنيون اندر ۾ اوتي وحشيانه ناچ ڪندو هو ۽ آءٌ ان وق به سنڌي هوس، جڏهن سانجهي ٽاڻي مُوهن جي ميدانن ۾ زندگيءَ جو فطري رقص، ڪائنات جي دل ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيندو هو.

انساني پيدائش کان وٺي مون ڪيئي مذهب مٽايا آهن، پر سنڌيت جو لباس نه لاٿو اٿم. ڪنهن وقت آءٌ عناصر اربع جو پرستار هوس. ٻئي وقت آءٌ هزارها ديوتائن جو پوڄاري هوس. آءٌ سالن جا سال مڪتيءَ جي تلاش ۾ مهاتما ٻڌ جي جي چرنن ۾ مٿو ٽيڪيندي رهيو آهيان، جڳن تائين منهنجي چتا، برهمڻ ازم جي چکيا تي چڙهندي رهي آهي. ۽ پوءِ آءٌ خداءِ واحدجي سامهون جهڪڻ لڳس.

اُنهن سڀني مذهبن مون کان منهنجي ’سنڌيت ۽ سنڌي زبان‘ نه ڦري ۽ آءٌ اَڄ به هڪ سنڌي محب وطن ملزم جي حيثيت ۾ اوهان جي سامهون بيٺو آهيان، آءٌ مناسب سمجهان ٿو ته پنهنجي تخليل واري سنڌ جي وضاحت ڪريان، جنهن جي وجود سان لاڳاپيل هجڻ سبب آءٌ هتي بيٺو آهيان.

نوٽ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعري

ستمگر سامراجي سازشي  مرده
باد!


غريبان مارَ ۽ مڪارَ ۽ ڪذابَ
مرده باد!


هي دشمن عام جا ۽ نام جا نواب
مرده باد!


هي مرده باد، مرده باد، با
احباب مرده باد!



ٿيا زخمي هنن جي چابڪن کان
رهنما پنهنجا!


هنن جي وحشي چنبن کان ٿيا ڪيئي
فنا پنهنجا!


هنن جي ڪارنامن داستان ڪارا ڪيا
پنهنجا!


هي ڪارا قلب جا ۽ ظاهري مهتاب
مرده باد!


هتان ئي آئي ون-يونٽ جي آفت ۽
زبردستي!


مِٽائن ٿا سنمگر سنڌ سونهاريءَ
سندي هستي!


وسائڻ ٿا گهرن اڄ پنهجو گهر ۽
باغ ۽ بَستي!


هي ون-يونٽ جا باني، حامي ۽
اسبابَ مرده باد!



ڀُلائي ويٺا بُلا شاهه، وارث
شاهه، فريدڻ کي!


مٺو آواز جن جو ٿو وٺي انسان کي
وڻ کي !


قلندر کي، سڪندر کي، پورس کي
برهمڻ کي!-


هي انساني اخوت جا عدوَ احباب
مرده باد!



هي هڪ پيغام آ پنجاب ڏي هڪ
نعرهء حيدر!


ٿيو انسان، رهو خوش ڀائرن کي
ڪيو خوشتر!


مُبدل ٿي وڃي هي شعر، برپا عيد
ٿئي گهر گهر!


بلوچستان زنده باد ۽ پنجاب
زنده باد!


سدائين سنڌ زنده باد، پاڪ آداب
زنده باد!

انصاف جو تقاضو – خليل جبران

هڪ رات بادشاهي محل ۾ دعوت هلي
رهي هئي .ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو جنهن پاڻ کي بادشاه جي حضور پيش ڪيو.سڀ
مهمان متوجه ٿي ويا.انهن ڏٺو ته ايندڙ ماڻهوء جي هڪ اک نڪتي پئي هئي لڙڪي
پئي ۽ خالي جاء مان رت پئي وهيو.


بادشاه پڇيو ”توساڻ ڪهڙي واردات ٿي“ ؟

ماڻهوء جواب ڏنو ”حضور مان پيشه ور چور آهيان مان اڄ رات هڪ سيٺ جي گھر چوري جي نيت سان داخل ٿيڻو هئس پر ڀُل ۾ ڀر واري ڪوريءَ جي گھر ۾ داخل ٿي ويس .دريء مان اندر ٽپو ڏنم ته
منهنجو مٿو ڪپڙي اُڻڻ جي مشين تي لڳو ۽ منهنجي اک نڪري پئي ..هاڻي مان ڪوريء جي سلسلي ۾ اوهان کان انصاف جو طالب آهيان.“


اهو ٻڌي بادشاه ڪوريء کي گھرايو ڪوري درٻار ۾ حاضر ٿيو.بادشاه منٽن ۾ فيصلو صادر فرمايو ته بدلي ۾ ڪوريء جي اک ڪڍي وڃي…!!!!!! ڪوري فيصلو ٻڌي حيران رهجي ويو.هٿ ٻڌي باادب عرض ڪيو“ ظل سبحاني توهان جو فيصلو درست آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين منهنجي ڪم ۾ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي ته جينئن ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف جي ڪپڙي کي ڏسان ۽ ڪپڙو درست اُڻان…… منهنجي پاڙي ۾ هڪ موچي رهي ٿو ان جون ٻئي اکيون سالم آهن، هن جي ڌنڌي ۾ صرف هڪ اک جي ضرورت آهي ٻي اک واندي اٿس …“

ظل سبحاني هڪدم موچيء کي طلب فرمايو هو آيو ۽ شهزادي جي حڪم تي سندس هڪ اک ڪڍي وئي …. ۽ اهڙي طرح ”انصاف جو تقاضو“ پورو ٿيو.

نوٽ: خليل جبران هو هي ٽُڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

مخدوم طالب الموليٰ

ڪافي

ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان

ڪن جذباتن جو جواب آهيان

مان ڪنهنجون طلبون تمنائون

ڪنهن روح جي رمز ۽ راز آئون

ڪنهن جي آهيان اميد ۽ آس به مان

ڪنهن جي عشق جي اڃ اداس به مان

ڪنهن جي اندر جا ارمان به مان

ڪنهنجي دردن جا درمان به مان

ڪنهنجي نرمل نوري نگاهن ۾

ڪنهنجي آهن ۾ ڪنهنجي داهن ۾

ڪنهن ذهن جي سوچ ويچار ٿيس

ڪنهن دلبر جو ديدار ٿيس

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ لکان

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ ٻڌان

جنهنکي ڪنهن سوچئو ۽ نه ڪنهن
سمجهئو


جنهنکي ڪنهن نه لکئو ۽ ڪهن نه
پڙهئو


مان ڪنهنجي دل جون تقاضائون

ڪنهن حب جو هڪڙو حجاب آهيان

ڪنهنجي پيار جي آهيان پياس به
مان


ڪنهنجي شوق جو آءٌ شراب آهيان

ڪنهنجي سڪ وارا سامان به مان

ڪنهنجي برهه جو آءٌ باب آهيان

ڪنهن ڪاري رات جي راهن ۾

ڪنهن دنيا ۾ ڪمياب آهيان

ڪنهن دل ۾ خود مختار ٿيس،

ڪهن محبت جو مضراب آهيان

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ پڙهان

پنهنجو ن ڪنهنجي اطق پاڻ ڪتاب
آهيان

جنهنکي ڪنهن نه ڏٺو ۽ ڪنهن نه
ٻڌو


تنهن نوري رخ جو نقاب آهيان

ڪنهنجو طالبَ اڄ مطلوب ٿيس

ڄاڻي مولا مان مرغوب ٿيس

ڪنهن محبت سان منسوب ٿيس

چاهه جو لُبِ لُباب آهيان.

مخدوم طالب الموليٰ

امرجليل

منهنجي واتان جيڪي تون ٻڌڻ چاهين ٿو، سو مان چوڻ لاءِ تيار نہ آهيان ۽ جيڪي مان چوڻ چاهيان ٿو، سو تون ٻُڌڻ لاءِ تيار نہ آهين . تون ۽ مان هڪ ٻئي جو ضد آهيون. تنهنجو منهنجو فيصلو تاريخ جي صفحن ۾ ٿيندو. امرجليل

شھید بختاور لاشاري Shaheed Bakhtawar Lashari

سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوت جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هئائين. اهو ڳوٺ احمدي ڀائيچاري (ڪميونٽي) جو حصو هو، -جن- کي اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل -جاگير- هئي، جيڪا ’احمدي اسٽيٽ‘ جي نالي سان سڏي ويندي آهي. هنن کي اها -جاگير، -انگريز سرڪار، 1914ع ۾ انعام طور عطا ڪئي هئي.
مائي بختاور جي شهادت جو پسمنظر هن ريت آهي ته 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو. ان جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. اڌو اڌ بٽئيءَ جي مطالبي کي مڃرائڻ
لاءِ سڀ کان پهريائين نوابشاهه ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ ڊاڪٽر هاسارام، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکي (سڪرنڊ واري)، -بالاچ خان بروهيءَ، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو ۽ هنن تحريڪ کي زور وٺايو، هارين زميندارن کان اڌ بٽئيءَ جو حق گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پنهنجي سگهه ۽ ٻل تي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾ جان محمد پلي، ڪامريڊ
غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک اوڏ ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي
ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي اشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪامريڊ حيدربخش -جتوئي- ساٿين سان گڏ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽  ڪامريڊ ميرمحمد -ٽالپر به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش
وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽  زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين
عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنهن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي. ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي -ايس- پي ديوان تلجارام پهچي چڪا هئا، هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس داخل لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، -جتي- گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس تربت  ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو.  ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان -بهادر- مرزا سڪندر بيگ هو، جنهن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. -ان- وقت سيشن جج شنڪر سنگهه آڏواڻي هو. هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي -پاڪستان- جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي 25 ۽ چوڌري خالد کي 20 سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله 25 سال ٽيپ برابر ڪاٽي
اهڙيءَ طرح سنڌ جي هاري جدوجهد ۽ شهيد بختاور سنڌ جي غريب عوام کي سبق ڏنو ته پنهنجي حق لاءِ جان ڏئي سگهجي ٿي، پر پنهنجو حق نه ٿو ڇڏي سگهجي. مائي -بختاور شهيد جي ريٽي رت جي قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ صدين تائين لازوال
رهندي.
نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

مارکسزم ، خواب، انحراف – وجاہت مسعود

حقیقی چیلنج یہ ہے کہ منڈی کی معیشت اور جمہوری سیاست میں غریب، بے وسیلہ اور پچھڑے ہوئے انسانوں کے مفاد کا تحفظ کیسے کیا جائے۔ ہم ایک ایسی دنیا کی طرف بڑھ رہے ہیں جہاں معیشت میں خام مال اور افرادی قوت کی اہمیت تیزی سے کم ہو رہی ہے۔ بڑی سرمایہ کار کمپنیاں اپنے معاشی اثر و نفوذ میں ریاستوں سے بھی زیادہ طاقتور ہو رہی ہیں۔ ایسے میں معیشت کی آزادی اور فرد کی محرومی میں توازن کیسے پیدا کیا جائے۔ سرمایہ کی ماورائے اخلاق یلغار کے سامنے وہ کون سا سیاسی بند و بست پیش کیا جائے جو آزادی اور انصاف میں مطلوبہ توازن قائم کر سکے۔ مارکس کا خواب زندہ ہے، زمینی حقائق بدل گئے ہیں۔ چنانچہ اس خواب کی تعبیر کے لئے نیا نسخہ دریافت کرنا ہوگا۔
نوٹ: یہ ٹکڑا سوشل میڈیا سے لیا گیا ہے

Roman Sindhi Alphabet

Roman Sindhi Alphabet
DD
ڏ

A
ا، ع
TH
ٿ
JH
جھ
H
ه، ھ، ح
B
ب
TT
ٽ
JJ
ڄ
KH
خ
DHH
ڍ
BB
ٻ
THH
ٺ
NJN
ڃ
D
د
R
ر
BH
ڀ
P
پ
CH
چ
DH
ڌ
RR
ڙ
T
ت، ط
J
ج
CHH
ڇ
‘D
ڊ
S
س، ث ،ص
SH
ش
F
ف
PH
ڦ
K
ڪ
Q
ق
GHH
غ
KKH
ک
G
گ
GH
گھ
GG
ڳ
NGN
ڱ
L
ل
M
م
N
ن
NN
ڻ
W,V
و
E,
EE, I, Y ي
Z
ض، ذ،
ز، ظ


A,
U رومن سنڌيءَ ۾ زَبر جي طور استعمال ٿين ٿا
اَ
E,
I رومن سنڌيءَ ۾ زير ۽ ي لاءِ به استعمال ۾ اچن ٿا
اِ،
عِ، ي
U’
رومن سنڌيءَ ۾ پيش جي طور تي به استعمال ۾ اچي ٿو   
اُ

جيبڪترا

ڪلڪتي (ڪول ڪته) ۾ رهندڙ پنجابي ٻوليءَ جي ڪجهه اديبن ۽ قلمڪارن هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌو. پر جڏهن ادبي سنگت جي نالي رکڻ جو مرحلو آيو ته ڪو به هڪ نالي تي متفق ڪو نه پئي ٿيو  تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته ادبي تنظيم جو نالو پنجابيءَ جي مشهور مصنفه اَمرتا پريتم سنگهه جي ڪنهن ناول تان کنيو وڃي. پر وري جهڳڙو ان ڳالهه تي شروع ٿي ويو ته ڪهڙي ناول جي نالي تي؟ ان ڪري اَمرتا پريتم جي لکيل سڀني ناولن جا نالا الڳ الڳ پرچين تي لکي ڪڻو ڪڍيو ويو. چونڊيل پرچيءَ کي جڏهن کوليو ويو ته ان تي مصنفه جي جنهن ناول جو نالو لکيل هو، اهو هو جيبڪترا

عبدالله مورائي

عبدالله مورائي
ئيڊن ۾ 3 ايڊيٽس 3 Idiots فلم هتان جي قومي ٽي وي تي هلائي هئن. هاڻي اهو به ته ڪير ٻڌائي نه ته اها فلم هڪ سنڌي ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي جي ڊائريڪٽ ڪيل هئي. چوڻ جو مقصد ته پاڻ سنڌين وٽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي ڏيکارڻ لاءِ، جنهن سان قوم جو بهتر کان بهتر تصور قائم ڪرائي سگهجي ٿو. خاص طور تي سنڌين جي دنيائي سطح تي ڪاروباري ڪاميابيون، ٿر، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن جي سنڌين جو گهرن کان نڪرڻ ۽ روزگار جي سلسلي ۾ دنيا ۾ ڇانئجي وڃڻ. سنڌي گهرن ۾ رڳو عورتن جون منڍيون ته ڪونه ٿا ڀڃن نه! سنڌي هاڻي نوڪيا فون ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ به آهن ته مائڪروسافٽ ۾ انجنيئر پڻ. پاڪستان آرمي ۾ ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏوگڏ يو ايس آرمي ۾ پڻ آهن. نه رڳو مرد پر سنڌي ڇوڪريون پڻ هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پروفيشنل نوڪريون ڪن ٿيون. جن کي موقعو مليو آهي، انهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. موقعا به انهن کي ئي ملندا آهن، جيڪي ان جي ڪوشش ڀرپو طريقي سان ڪندا آهن.
نوٽ هي ٽڪرو عبدالله مورائي جي ڪالم تان ورتل آهي.
روزآني عبرت، مئي 11، 2016ع جي ٿورن سان

هر جاءِ جلوا مون ڪيا، غائب به ٿي حاضر به ٿي

هر جاءِ جلوا مون ڪيا، غائب به ٿي حاضر به ٿي
اول به ٿي آخر به ٿي، باطل به ٿي ظاهر به ٿي.
خوش خيال پنهنجي کي ڪيم، مسجد مندر مئخاني ۾،
موکي به ٿي مئڪش به ٿي، مومن به ٿي ڪافر به ٿي
العشق واري انگور سان، اعليٰ غُليلايون ڪيم
آدم به ٿي حوا به ٿي، شجر به ٿي، شرر به ٿي.
ٻولي حُسن جي ۾ وڃي، هر رنگ ۾ رلجي ويس
ڪرمز به ٿي زردو به ٿي، احمر به ٿي اَخضر به ٿي.
ڪِيئن رئاريم ڪِيئن کلايم، ڪِيئن ڀُلايم ڪِيئن ملايم،
ظالم به ٿي سالم به ٿي، رهزن به ٿي رهبر به ٿي.
هر سن ۾ هوسو هرطرح، هر ڪا خبر هر هر ڏنم
انبياءُ ٿي اولياءُ ٿي، سالڪ به ٿي رهبر به ٿي
اعجاز واري ويس ۾، پنهنجو پروڙيم پاڻ ۾،
پاڳل به ٿي سياڻو به ٿي، بي زر به ٿي با زر به ٿي
اعجاز شاهه

Roman Sindhi Script

रोमन सिंधी लिपि

رومن سنڌي اسڪرپٽ

Koorr tay bbadhal asaan jo samaaj haannay aetro apaahij thee chuko aahay jo sachu bbudhann je salahiyat bu winjnaay wethho aahay
ڪوڙ تي ٻڌل اسان جو سماج هاڻي ايترو اپاهِج ٿي چڪو آهي جو سچُ ٻُڌڻ جي صلاحيت به وڃائي ويٺو آهي
  • BBٻ
  • RR ڙ
  • NN ڻ
  • NJN ڃ

قومپرستيءَ جا قسم

قومپرستيءَ جون ٽي شڪليون آهن. هڪ حڪمران قوم جي شائونسٽ فاشٽ سامراجي قومپرستي، ٻي مظلوم محڪوم قوم جي حريت پسند ترقي پسند قوم پرستي، ٽين جاگيرداراڻي لساني فرقي پرست غير وطني ثقافتي قومپرستي هوندي آهي، جيڪا رجعت پسند ٿيندي آهي. جديد قوم پرستي قومي منڊيءَ جي مرڪوزيت مان سر مائيداراڻي سماج ۾ قوم جي پنجين فيڪٽر سياسي اقتصادي مفادن جي وحدت مان جنم وٺندي آهي، جيڪا قومن جي قومي تشڪيل جي عمل کي مڪمل ڪندي آهي.آدم
نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

امداد حسينيءَ جي شاعري

جڏهن سجُ چڙهندو، تڏهن ڏيهه ڏسندو
نه رهندا نه رهندا، انڌيرا نه رهندا
جڏهن واچَ سان وَڏ ڦڙو مينهن وسندو
ته واريءَ مٿان يارَ پيرا نه رهندا
جڏهن وقت جو تيز طوفانُ اُٿندو
ننڍيرا نه رهندا، وڏيرا نه رهندا
نه رهندي، نه رهندي، لڄالٽ نه رهندي
نه رهندا، نه رهندا، لُٽيرا نه رهندا
نوٽ: هيءَ شاعري سوشل ميڊتا تان کنيل آهي

When sun will rise,The world will see
The darkness will remain no longer

When it will rain heavily along with cyclone
The footprints on sand will cease to remain

When strong wind of revolution will blow
Neither chieftain and subject will be nor this status quo

The oppression will cease to exist
Neither oppressor will be alive and nor tryst

Poetry:  Imdad Hussaini
Translation:  Aijaz Mangi

داغستان

جيڪڏهن هن دنيا ۾ لکين انسان تو سان پيار ڪرڻ وارا آهن،
ته انهن مان هڪ آئون به آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ هزارين انسان تو سان پيار ڪرڻ وارا آهن،
ته انهن مان هڪ آئون به آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ صرف هڪ انسان تو سان پيار ڪرڻ وارو آهي،
ته اهو صرف آئون آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ هڪ انسان به تو سان پيار ڪرڻ وارو ناهي،
ته سمجهي ڇڏ جان ”رسول حمزا توف“ هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي
رسول حمزا توف

Roman Sindhi Script رومن سنڌي اسڪرپٽ

Roman Sindhi Script would help the speed of Sindhi language’s promotion and growth in the digital World, we wouldn’t have many hurdles in getting technology platforms adopt it
مُورَ کان وياج مِٺو  
رومن سنڌي ۾ ٻن طريقن سان لکيو آهي. پهرئين نموني ۾ بنا زبر ۽ پيش جي لکيل آهي ته ٻئي نموني ۾ زبر ۽ پيش
سان لکيل آهي

Moor Kkhan Viyaaj Mithho
يا
Moor’a khhaan Viyaaju Mithho
مُورَ کان وياج مِٺو

سچائي

سچائي کانسواءِ ڏات تصوراتي يا ٺڳيءَ جي ٺاه تي بيٺل ٿيندي آهي اها ڪنهنکي دوکي ڏيڻ لاءِ ته استعمال ڪري سگهبي
آهي تنهنڪري ان ڏات جو ڪردار به منفي هوندو آهي ته مثبت به هوندو آهي ڏات جيسيتائين تاريخي تقاضائن کي پورو نه ڪندي آهي اها پنهنجي حقيقي عظمت کي نه رسندي آهي ۽ تاريخي تقاضائون ما ڻهن جي آرائن کان آزاد تاريخي سچاين تي انحصار رکنديون آهن تڏهن ئي ڏاهن انسانن تاريخ عالم ۾ پنهجي دور جي تاريخي ضرورتن جي ادراڪ جي روشنيءَ ۾ ئي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي جيئن ته ادراڪ علم ڏاهپ ۽ سچائي آهي ان کان ٻاهر فطري ڏات جو مثال ڪوريئڙي جي اڻت جهڙو آهي جنهنجي ڏات ۾ ڪروڙها سالن کان وٺي ڪابه ارتقا نه ٿي سگھي آهي پر شعور جي سچائيءَ تائين رسائي انسان کي مٿي تي تخليقن ۽ ايجادن جو تاج سجائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انسان ڀولڙن جيان پيدائشي ٽيلينٽ تائين محدود هجي هان ته هوند انسان ئي نه ٿي سگھي هان ٽيلينٽ حاصل ڪرڻ جي جستجو انسان کي سچائيءَ سان ڳنڍي سچي عمل جي روشنيءَ ۾ تخليقن ۽ ايجادن جي دنيان سان هم ڪنار ڪيو.آدم
هي ٽُڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي