چاونڊوڪيون ۽ چيٽ

عبدالواحد آريسر

تون ڏاڍي سھڻي آھين. تنھنجي جسم جي خوشبوءِ ۾ شئمپين جي بوتل جو نشو آھي. تنھنجو بدن ڀاڪر ۾ اچي ٿو، ڄڻ ٺٽي جي ريشم سان ڀاڪر ڀرجيو وڃن. تنھنجي چپن تي نظر پوي ٿي ڄڻ ڄامشوري جي پھاڙن جي پويان لهندڙ سج جو آخري ڪنارو ياد اچيو وڃي. تنھنجي وارن جي واس وٺڻ لاءِ جبرئيل به لهي اچي ٿو. تنھنجي نيڻن جي ڪوملتا کي ڏسي ڀيڄ ڀنيءَ جا تل ۽ ترايون ياد اچيو وڃن. تنھنجي اُرھن کي ڪوھيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ٽڪرين جون چوٽيون ذھن ۾ ھونديون آھن ۽ ھڪ پراڻي تشبيھ ذھن ۾ ايندي آھي ته گلاب جي ھنن گلن ۾ ٻه ڀؤنر ويھي انھن جو واس وٺي رھيا آھن. تنھنجي کلڻ تي مور پنھنجا ٽھوڪا وساري ڇڏيندو آھي. تنھنجي مرڪڻ سان سڄي سنڌ پرھه جي روشنيءَ سان پالوٽجي ويندي آھي. تون ڳالهاائيندي آھين ته تنھنجي آواز سانيزدان جي دل ۾ اڌما اٿندا آھن. تون منھنجي محبت آھين، تو تان منھنجو سڀ ڪجھ قربان، پر اي منھنجي ماڪ جي ڦڙن جھڙي مقدس محبت، تون به سنڌ تان قربان.

عبدالواحد آريسر
چاونڊوڪيون ۽ چيٽ