Shah Abdul Latif’s Poetry in Romanized Sindhi

Waya mor maree
Hanj na rahiyo hekrro
Watan thiyo waree
Koorran Kaainyran jo
Shah Abdul Latif Bhittai
ويا مور مري
هَنجُ نه رهيو هيڪِڙو
وطن ٿيو وري
ڪُوڙن ڪانِيرن جو
شاه عبدالطيف ڀٽائي

تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

آڪاش انصاري

تون پڇين ٿو پرين!

مان هليو ڇو ويس؟

جڏهن شام جو جام،

خالي نه هو،

رات رم جهم هُئي،

تنهنجي ساهن جي،

جهيڻن سُرن ۾ سُتل

منهنجي بستر تي

مُنڪر ڪا موسم هئي۔

تنهنجي ڪجلين اکين جي،

ڪنارن مٿي،

منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،

لڳي ئي لڳي،

ها! انهي کان اڳي،

مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!

دل به چاهيو گهڻو،

ڪا گهڙي تنهنجي،

وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان

واس وٺندو رهان!

ٻن گهڙين لئه سهي

تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾

ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،

مان پناهون وٺان،

کن پل لئي سهي،

ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو،

تنهنجي نيڻن جون،

نرمل هي چاندوڪيون،

سدا مست نينڍون نياپا کڻي

روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔

دل ته چاهيو گهڻو،

تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،

۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا

سئو سنديسا کڻي

منهنجي تن تي سدا

ايئن وکريل رهن۔

ها مگر ڇا ڪجي؟

تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،

قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!

جيڪا ويئي ڇڪي۔

دل ته ماڻڻ گُهريون،

تنهنجون سڀ دلبريون،

ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،

پنهنجي لذت هئي،

جيڪا وئي ڇڪي،

تون پڇين ٿو پرين

مان هليو ڇو ويس؟

Amar Jaleel

”مان نماز پڙهان ٿو يا نٿو پڙهان. روزا رکان ٿو يا نٿو رکان. اهو منهنجو ۽ منهنجي مولا جي وچ جو معاملو آهي. پر اسان جي تنگ نظر ۽ تنگ دل معاشري ۾ اهو معاملو ايمان ۽ عقيدت جي ٺيڪيدارن پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو آهي. هاڻي هي فيصلو ڪندا ته مان جنتي آهيان يا جهنمي، متقي ۽ ڪافر هئڻ جو فيصلو به هي ڪندا. مفتين ۽ مولوين جي معاشري ۾ مان اوپرو آهيان. نه هو مون کي قبول ڪندا ۽ نه مان هنن کي قبول ڪندس.“ امر جليل
In Romanized Sindhi
“Maan nimaaz parrhaan tho yaa na tho parrhaan. Roza rakhhan tho yaa na tho rakhhan. Iho munhinjo aein munhinjay mola jo muaamilo aahay. Par asaan jay tang nazar aein tang dil muashiray mein iho muamilo eeman aein aqeedat jay thhikaydaran panhinjay hathan mein khhanni warto aahay. Hannay he  fayslio kanda ta maan janati aahyaan yaa jahnami, Mutaqi aein kaafir, huann jo faysilo bu he kanda. Mutaqiyen aein molviyn jay muashiray mein maan opro aahyaan. Na hoo moon khhay qabool kanda aein na maan hinan khhay qabool kandus. ~ Amar Jaleel

To See Roman Sindhi Alphabet, please click Here

Courtesy: Above paragraph of Amar Jaleel is adopted from facebook

From the treasure of Shah Abdul Latif’s poetry

Ever Serve the Sea , Where there is Endless water flows
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
And in its current there flows thousands of Pearls and other precious things
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
If you got only a Tiny part of it , O,Priest , your will be the wealthiest one

Poetry by: Shah Abdul Latif
Translation by Ibrahim Saleh Mohammad
Courtesy: via Facebook

سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي

سنڌ جي هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪو نه ٿو اچي، جيڪو ٻئي هنڌ بدرجه اتم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي. کين گهڻي مذهبي آزادي آهي. سنڌ جي حڪمرانن جو هندن تي گهڻو ويساهه آهي ۽ هندو اهم سرڪاري عهدن تي مقررٿيل آهن. مسلمانن ۾ شيعي سني فرقي ۾ ڪو به متڀيد ڪو نه آهي ۽ سڀئي ميٺ محبت سان گذارين ٿا. – ڪئپٽن مڪمرڊو

نوٽ: ڪئپٽن مڪمرڊو جي سنڌ بابت هيءَ معلومات برطانيه ۽ آئرلينڊ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي 1834ع جي جلد I ڀاڱي II ۾ ڇپي هئي.

ريفرينس؛ سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، ليکڪ؛ جيمس مئڪمرڊو، سنڌيڪار؛ عطا محمد ڀنڀرو
Source: http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=160

سنڌي ڊرامون

منظور ڪوهيا

Excerpt

سنڌي ڊرامي جي پهرين نقاد ”رچرڊ ايف برٽن“، جي هيءَ راءِ يا تنقيد اسان کي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي .جنهن سان سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان ڪي گم ٿيل ڪڙيون ملن ٿيون .مثلن جڏهن ”رچرڊ ايف برٽن“ اهو ڊرامو لاڙڪاڻي ۾ ڏسي ٿو، ته اهو دور 1876ع جو آهي. وڏي ڳالھ ته ڊرامي جي حوالي سان جڏهن اهو ٻڌائي ٿو ته شاعري ۽ ٻيون ڳالھيون به سنڌيءَ ۾ آهن .ته پوءِ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نج سنڌي ڊرامو1876کان اڳ ۾به رائج هيو ۽ جنهن کي ماڻهو وڏي ذوق شوق سان ڏسندا هيا. ان ڊرامي کي لاڙڪاڻي جا سهڻا سيبتا ۽ من موهڻا ڪلاڪار پيش ڪندا هيا.ان ڪري سنڌي ڊرامي جي شروعات 1879 يا 1880 کان ڪرڻ بي انصافي آهي.

Courtesy: Sindh Salamat
Read more => http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260
ريفرنس؛ ماهتاب

Sindh Revisited

by Richard Francis Burton
Translation by: Atta Mohd. Banbhuto

”سائين، جان بل! مون کي پنهنجو واعدو ياد آهي ته اوهان کي لاڙڪاڻي جو ناچ ضرور ڏيکاريندس. اوهان کي اها به خوشخبري ٻڌايان ٿو ته اهڙو بندوبست پاڻ واري منشي هريچند ڪري ورتو آهي. هاڻي اها پنهنجي ڀينرن سان گڏ اچي رهي آهي.سندس هرهڪ ڀيڻ پنهنجي جدا ڪجائي ۾ سوار ٿيندي. اهڙي ريت نون اُٺن جو قافلو هوندو.اجھو ڄاڻ پهتيون.
ميان جان بل!اکيون راه ۾ اٽڪايون ويٺو آهي.اڃا ته اوهان ماهتاب کي ته ڏٺو ئي ڪونه آهي.پر جڏهن انهيءَ جي اکين جي ڪجل جون ڪهاڙيون هليون ته توهان پوئتي انگلنڊ ته ڪونه پهچي سگهندا. ماهتاب جي محفل چنڊ آهي، هي ماهتاب به چنڊ کان گھٽ ڪونه آهي.ڄڻ قدرت پنهنجي ڪاريگر هٿن سان چنڊ جي هڪ ٽڪري کي هٿوڙي ۽ ڇيڻيءَ سان گھڙي ٺاهي،ماهتاب جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. سندس جسم جو هرهڪ عضوو قدرتي سونهن ۽ سيبتائي جو بي مثال شاهڪار آهي. توهان کيس ڪهڙي به پاسي کان ڏسندا ته ان جي خوبصورت منهن جو وَجھُ بي انتها سهڻو من مهڻو لڳندو. ڪارا ۽ تلهڙ ڊگھا وار ڄڻ ڪنهن جوڳيءَ جي پنڊي مان ڪاريهر نانگن جيان نڪري سندس ڪلهن تي وکري ويا آهن. چمڙي به سفيد سنگ مرمر جھڙي اٿس. وات جھڙو وينڊو, چپ گلاب جون پنکڙيون. نڪ آمي ڦار. پنبڻيون تاڻيل تلوارون. جاڙا ڀرون، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون ۽ ننڊاکيون ڄڻ منجھن مڌ جا مٽ اوتيل آهن.ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ قدرت انهن کي هاڻي تازو تيار ڪري هن جي جسم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن جو اڪيلي سر منهن به مڪمل حسن جو هڪ خوبصورت اظهار آهي. اها آهي ماهتاب لاڙڪاڻي جي ڊونا (Donna ). ڏسو ڪيڏي نه سنجيده آهي. سندس ماکيءَ لار جھڙي مٺڙي منهن تي ڏکن جا پاڇولا آهن.ڀلي ان ڏانهن بار بار نهاريو.ڀلي پيار ۽ نفرت وچان هن ڏانهن گھوريو.ڀلي کيس خوش ڪرڻ ۽ کلائڻ جا جتن ڪريو،پر سندس خوبصورت چپن تي مرڪڻ جي هلڪي جھلڪ به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي، ڏسڻ ۾ ائين ايندو ڄڻ ته اها هڪ زنده انسان بدران سنگمرمر جي بي جان مورتي آهي، جيڪا چوڏنهين جي چانڊوڪي ۾ گھمي ڦري رهي آهي.
سائين جان بل! ماهتاب جو منهن مختلف شين جو مجموعو آهي. ان کي اوهان سونهن جا بيشمار روپ چئي سگھو ٿا.اوهان اهي بيشمار قسم ڏسي ڳڻي ٿڪجي پوندا.اوهان جيڪڏهن ان جي جسم ڏانهن نظر ڪندا ته اتي اوهان کي گھڻ رنگيون انڊلٺيون ڏسڻ ۾ اينديون.سائين جان بل!مان سمجھان ٿو ته ڪا شئي اوهان جي نڙيءَ ۾ اٽڪي بيهي رهي آهي. اوهان ڪا شئي چوڻ چاهيو ٿا، پر ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ڪونه ٿا سگھو. توهان شايد اهو چوڻ چاهيو ٿا، ته ماهتاب عاج جو سفيد منارو آهي.جنهن کي مٿان چوڏنهين جي چنڊ جو چورو ٻرڪيو ويو آهي. ڳچي به هرڻيءَ جهڙي سهڻي. مان اهي لفظ تشبيھ طور چيا آهن. پر اها ماهتاب جي حسن جي توهين آهي.ان کان سواءِ سونهن جي سڪايل اوهان جي نظر،سرڪندي ترڪندي وڃي ماهتاب جي ڪلهن وٽ ٽڪ ٻڌي بيهي وڃي ٿي.ان وقت توهان جي دل مان دانهن نڪري وڃي ٿي، ته ڇا ته سندس سِر جي سونهن آهي؟ ڇا ته سندس ڌڙ جو حسن آهي!؟ اوهان اتي جو اتي بيهي رهو،جان بل! ڪٿي اوهان جون نظرون محبت ڪرڻ جي صفا غلطي نه ڪري وجھن. هن ٽوليءَ جي ڊگھي چوليءَ پاتل ۽ نيٽ جي چهي جھڙي سنهڙي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ دين ايمان گنوائي ويهندوء. هن کي ننڍڙو عورتاڻو خوبصورت ڪوٽ پاتل آهي. هاڻي اوهان جي ته مون تي اک به ڪانه ٿي ٻڏي. منهنجي چوڻ تي اوهان جو ڪن به ڪونه ٿو لڏي. توهان هن منظر ۾ صفا گم ٿي چڪا آهيو. آخر ته اوهان کي وطن ڏانهن به ورڻو آهي. مان ته اهو سوچي ڏڪي ويو آهيان،ت ه خوبصورتي جي نقطئه نظر کان هيءَ طرحدار ۽ شوخ ڇوڪري آهي. ٿڌي ساه کڻڻ کانسواءِ ڪجھ ڪري به نه ٿو سگھجي. اسان هاڻي ناچ شروع ڪرڻ لاءِ اشارو ڏينداسون. سڀ ڳائڻيون تنبوءَ جي پاسي سان وڇايل گلم تي ويهي رهن ٿيون. جن سان گڏ هڪ بين وارو،هڪ گٽاروارو ۽ ڌڪڙن وارو آهي، جيڪي پنهنجين مقرر جاين تي ويهي رهن ٿا. وڄائيندڙن آڏو ماهتاب ۽ سندس ڀينرون ويٺل آهن.جيڪي ڏاڍيون خوش نظر اچي رهيون آهن.پر ماهتاب جي منهن تي ڪنهن به قسم جي خوشي نظر ڪونه ٿي اچي.ان جو سارو جسم سون سان جھنجھيل آهي.هنن سڀني عورتن کي اطلس ۽ ڪيمخواب جا وڳا پاتل آهن. سندن هار سينگار به انتها جو آهي.جتيون به اهڙيون پاتل اٿن ، جن تي بيهڻ به مشڪل پيو لڳي. شلوارون سوڙهيون ۽ مُرن ۾ ڦاٿل آهن. لانگون ڪڏهن به سرڪي ڪونه ٿيون سگھن. سندن نرڙ تي پٽي ٻڌل آهي. تنهنڪري هنن جي شڪل صورت ۾ ڪجھ تبديلي اچي وئي آهي.اچرج جھڙي ڳالھ آهي، ته هنن ڳائڻين جي ٽولي سان گڏ تلوارون، خنجر ۽ ڍالون به آهن. هنن کان اڃا به وڌيڪ خطرناڪ صراحيون ۽ پيالا آهن. صراحين ۾ شايد پاڻي آهي، جنهن ۾ ٿورو شراب ملايو ويو آهي.
ناچ شروع ٿيڻ وارو آهي. ماهتاب ويٺل ماڻهن کي گھوري ڏسي رهي آهي. نچندي سندس هر عضوو ٿڙڪي ۽ ڦڙڪي رهيو آهي.سندس اهڙي تيز ۽ تڪڙي چر پر ۾هڪ طوفان موجود آهي. يورپ جي ناچ ۾ اهڙي ڪلا ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندي. هتي ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن جو وس پڄي ته جيڪر ناچڻين جا مٿا ڪوڙي کين رتورت ڪري ڇڏين ۽ اهڙين ٻوسٽ ۽ گھُٽ وارين ڪوٺين ۾ واڙي ڇڏين جن ۾ در ۽ دريون به نه هجن.
ماهتاب ڄڻ هوا ۾ ترندي ۽ تڙڦندي اڳتي وڌندي رهي آهي. سندس ان تيز چرپر ۾ ڪو آواز ئي ڪونه هيو، ڄڻ مور جو کنڀ هوا ۾ ڦڙڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي. هن جي اڇين ٻانهن تي ڏسبو ته انهن تي ڄڻ ماٺار ڇانيل آهي، ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هير تي زعفران جا نرمل ۽ نازڪ لڱ ٿڙڪي رهيا هجن.هن جي ٻانهن جي ٿڙڪڻ جو ته ڪو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. مٿس هڪ قسم جي بي خودي طاري آهي. کيس اهڙو ڪو احساس ئي ڪو نه آهي، ته هوءَ اوهان جي مٿان اچي بيٺي آهي. پوءِ هڪ غير محسوس انداز ۾ ڦڙڪندي ۽ ٿڙڪندي هلي ٿي. ڄڻ ڪو مکڻ مان زعفران جو ونگ کسڪائي ڪڍي رهيو آهي. سندس هن ڦيري کي گول چڪر به چئي ڪونه ٿو سگھجي.ا هو ته ڄڻ ٽئگليوني Taglioni) ) وارو ڦيرو آهي. هوءَ هاڻي نچندي پوئتي هٽندي پئي وڃي ۽ ناچ جي ڪنهن اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏندي پئي وڃي. هوءَ هڪ جاءِ تي بيهي آهستي آهستي ائين نچي رهي آهي ڄڻ ته بيٺي آهي ۽ هوءَ ميڻ جي اڇي گڏي وري ساڳي طريقي سان نچڻ شروع ڪري ٿي. سندس هر عضوي جي لونءَ لونءَ ۾ ڄڻ ساه ڀريل آهي.
Reference:  Richard Francis Burton: 1821-1890
via => Sindhi Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260

اَمر جليل

اَمر جليل

سر آهوجا اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. وچولي قد وارو، اڇو، سهڻو ۽ صاف شفاف هوندو هو. ڪڏهن سوٽ، ته ڪڏهن اڇو پاجامون، ڪڙتو ۽ مٿي تي اڇي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪلاس ۾ اسين ويهه ٻاويهه شاگرد هوندا هئاسين. مان ڪاري ڪوجهي کي سر آهوجا ڏاڍو ڀائيندو هو.

هڪڙي ڏينهن سر آهوجا سلوار قميص ۽ مٿي تي جناح ٽوپي پائي آيو. اسين شاگرد وائڙا ٿي وياسين. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته سر آهوجا ڏاڍو وساميل وساميل پي ڏٺو. پيرڊ ورتائين، پر ڌيان ٻئي ڪنهن طرف هُئس. رسيس مهل جڏهن اسين ڪلاس مان ٻاهر پي نڪتاسين، سر آهوجا مون کي سڏ ڪيو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سر جي ڀرسان وڃي بيٺس. سر آهوجا ڪجهه ڪجهه هٻڪندي مون کان پڇيو، ”تون صبح جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڇا پڙهندو آهين؟“

مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم، ”مان ته ڪجهه به نه پڙهندو آهيان.“

”اري نه ڀائي، نه.“ سر آهوجا چيو، ”توهين مسلمان پڙهندا آهيو نه، لا الله الا الله اڳتي ڇا چوندا آهيو؟“

چيم، ”محمد الرسول الله.“

سر آهوجا پينسل پنو کڻي ورتو، ۽ چيو، ”ٻيهر ٻڌاءِ.“

مون سر آهوجا کي ٻه ٽي دفعا ڪلمو پڙهي ٻڌايو.

سر آهوجا ڪلمو لکي ورتو، ۽ مون کي پڙهي ٻڌايو. اِئين هن ٻه ٽي دفعا ڪيو. پڇيائين، ”ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“

مون هاڪار ڪئي. سر آهوجا ڪاغذ ويڙهي قميص جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڀڻڪن ۾ ڪلمو ياد ڪندو رهيو. لهجي سان گڏ پاڻ به خوف وچان ڪنبندو رهيو.

ان ڳالهه کي چوهٺ پنجهٺ سال گذري ويا آهن. پر، مان اُن گهڙيءَ جو درد وساري نه سگهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪر فساد ٿي پيا. اسڪول بند ٿي ويو. خبر پيئي ته سر آهوجا ٻارين ٻچي هندستان هليو ويو هو. تمام ننڍي عمر ۾ مون ماڻهن کي مذهبن جي نالي ۾ دربدر ٿيندي، وڙهندي، مرندي، ماريندي، وڇڙندي، ۽ محبتن کي نفرتن ۾ بدلجندي ڏٺو هو.

جنوري 1947ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪوٽوال بلڊنگ مان شفٽ ٿي سعيد منزل جي پاسي کان پنهنجي نئين عمارت ۾ آيو. اسان جي فليٽ جو پويون ڪمرو بنهه اسڪول جي سامهون هوندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اسڪول کان سڏ پنڌ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هفتيوار ليڪچرن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽي پارسين جي سوسائٽي هئي جنهن کي پنهنجي عمارت هوندي هئي. عمارت ۾ هڪ هال ۽ ڪتابن سان سٿيل لائبريري هوندي هئي. هال ۾ اسٽيج جي مٿان ٿياسافيءَ جي باني فلاسافر ايني بيسنت جو قول وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو هو. ڪوبه مذهب سچ کان مٿاهون ناهي. ان قول ۾ مذهبن بابت منهنجي ويچار جي تصديق ٿيل هئي. ساڳيئي هال ۾ 62-1960ع دوران منهنجا
اردوءَ ۾ لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا هئا.


انهن ئي ڏينهن ۾ مون پهريون دفعو مذهبن بابت امان کان سچل سرمست جو هڪ بيت ٻڌو هو.

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر
وسايا،


اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن مان
مذهبن جي مونجهارن کان آزاد ٿي ويو آهيان. الف الله – ب جي بات ويئي.


جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون. سو هيءُ، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.1 سو رام، سو رحيم. سو ڪاشي، سو ڪعبو. سو هرهنڌ هوئي آهي.

آپے آہو آپے چیتا، آپے مارن دھایا

آپے صاحب آپے بردہ، آپے مل وکایا 2

هو آهي، اِن کان اڳتي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهو وڃي مونجهارن ۾ پيا آهن. انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ ڄمايا واري رمز سمجهه ۾ آئي. مون کي مونجهارن کان
مڪتي ملي ويئي. پڇندا آهن، ته تون ڪير آهين؟هندو آهين، مومن آهين، مسيحي آهين، يهودي آهين، يا گوتم جو گياني آهين؟ جواب ۾ مان سچل سائينءَ جي سِٽَ جهونگاريندو آهيان: ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي – مان جوئي آهيان، سوئي
آهيان.


نا میں مومن وچ مستیاں

نا میں وچ کفر دیاں ریتاں

نا میں پاکاں وچ پلیتاں

نا میں موسیٰ، نہ فرعون3

رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي
پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.

Courtesy: Sindh Salamat
Read more => http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=235

ڪامريڊ جمال الدين بخاري

منظور ڪوهيار

مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾ ، دهل تي ڏونڪي مثل.

1976ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو تهBetween fire and water ڇاکي چئبو آهي.

سائين مولوي نور الدين فرمايو: “ڪميونزم سراسر غلط آهي.“   

ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميو نزم سيکاري ٿو …تون وري چوين ٿو ،ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، ربي،عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“

”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“

”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو.

”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“

”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ….مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ….اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو….؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“

”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي… پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي …خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو ،مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه…اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“

ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي.

1976ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. 1977ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو :

”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ….بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“

مون چيو، اڄ خير نه آهي …. گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي…

مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو:

”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين.

”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو .

”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي …؟“ڪامريڊ پڇيو.

”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو.

”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.

”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس…..جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو ، پر ڇا ٿيندو …؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي…. مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ .. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو! ؟“

ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون …..“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو .

”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه …؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه….؟ تبديلي آئي آهي ايا نه …..؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي …پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو …؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو …؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو …؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو …؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو…؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي …. ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي …؟“

ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو:

”اري بيٽي .. ميري دانت لائو…!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا:

”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ….. ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي … اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي … هڪ ڪيو آهي … ته اسان کي چوڻ کپي … ٻه ڪر…! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو … اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس … ٻيڻا وٺ…! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو … ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ …! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو …ائين نه ڪري ….. هيئن ڪري….. مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ….. چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي … پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن … وڌڻ ڏيوس …!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو.

”اري بيٽي!… هماري لئي چاءِ لائو …!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو .

”هڪڙي ڳالهه ٻڌ…! اسان جا دوست بيوقوف آهن … اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن … هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان … ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو….گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو … هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو:

اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا ؟

خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس:

”نه …“ مون وراڻيو.

”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“

ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به.

منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم.

منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش 14 مارچ 1900ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا.

ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب 1919ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين.

1920ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين .

1925ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.1927ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. 1930ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. 1939ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. 1940ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1940ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. 1942ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل1948ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو.

1949ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1960ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“

مون چيو؛”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو.آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو :

”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“

مون کلندي وراڻيو، ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ”هن جو دماغ گرم آهي.هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو ، ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘

پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي.

سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي:

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“

سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون.

زندگي جا 22 سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري 12 ڊسمبر 1984ع ۾ گُـــل ٿي ويو .

پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي .

کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي:

جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري،

ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري.

Courtesy: Sindh Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=255
Reference book: ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر

پنهنجو اچڻ!

حليم بروهي

جيڪي ڪجهه سنڌ صوبي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن پنهنجين ذاتين جي باري ۾ لکيو آهي، سو اوهان غور سان پڙهو، هڪ ڀيرو نه، بلڪه هزار ڀيرا ۽ اوهان محسوس ڪندا ته اوهان جي ذهن ۾ نئين سنڌ صوبي
جي هڪ عاليشان ”مختصر تواريخ“ ٺهي ويندي. اهڙي عاليشان جيڪا قابلِ اعتبار ۽ قابلِ اعتماد هوندي. اڳي مان انڌو هوس تنهن ڪري سنڌي اخبارون نه پڙهندو هوس ۽ اڳي مان ٻوڙو هوس تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو ڳالهائڻ نه ٻڌندو هوس. ٽي چار مهينا ٿيا آهن، جو مون کي اخبارن مان ڄاڻ پئي آهي ته هر هڪ سنڌي پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ”مختصر تواريخ“ آهي جو هنن مان هر هڪ ڄاڻي ٿو ته سندس وڏا ۽ انهن جا به وڏا ۽ انهن وڏن جا به وڏا سنڌ ۾ ڪٿان آيا هئا. سنڌين جي انهيءَ جوڙيل سندن ذاتين جي ”مختصر تواريخ“ جي اوهان چاهيو ته فقط هڪ سٽ ۾ لکي سگهو ٿا ۽ اها جادوئي سٽ آهي ته ”سنڌ صوبي ۾ رهندڙ موجود سڀئي سنڌي يا غير سنڌي ذاتيون سنڌ صوبي ۾ عربستان مان آيون آهن.“ سنڌ صوبي ۾ رهندڙ ڪا هڪڙي به سنڌي يا غير سنڌي ذات دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ مان نه آئي آهي. هر هڪ ذات سعودي عرب ۽ عربستان ۾ لائين ۾ بيٺل هئي. سنڌ صوبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ته جيئن اڳئين لائين سنڌ ۾ داخل ٿئي ته پوءِ هو به داخل ٿئي. اها مون ڪئي آهي. ”تمهيد“ جنهن کي اوهان ”ديباچو“ يا ”ٻه اکر“ به چئي سگهو ٿا. هاڻ ٿو ٻڌايان ته مان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي زباني سندن ذاتين جي ”مختصر تواريخ“ جا پڙهي، هو پاڻ به خوش ٿيندا ۽ اوهان به گد گد ٿيندا.


اوهان هندن جو ڌرمي ڪتاب ارٿ شاستر پڙهيو آهي؟ ضرور پڙهيو هوندو، جو اوهان پڙهاڪو مشهور آهيو. مون ان جون ٻه چار پئراز پڙهيون هيون. پهرين ڪجهه نه هو، چوڌاري دونهاٽيل هو، ڪو به رنگ نه هو، ڪجهه اهڙي نموني جي شروعات هئي انهن پيراز جي، جيڪي مون پڙهيون. اهو ڪتاب منهنجو دوست مير مظفر ٽالپر ڪئناڊا کڻي ويو، پر اها هڪ سٽ مون لاءِ، اوهان لاءِ ۽ سنڌ جي مختصر تواريخ لاءِ ڪافي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه نه هو. بلڪل خالي هئي، نه ڪو پکي هو، نه ڪو جانور هو، نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو جيت هو، مطلب ته ڪجهه نه هو، ڇو؟ ڇو ته دنيا سڄي ۾ جيڪي به ماڻهو جيت پکي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿيل هئا ۽ لائينون لڳائي رهيا هئا سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ. سو سنڌ بلڪل خالي هئي، ڳالهه ته ڊگهي ٿي ويندي، پر لکڻ به ضروري آهي جو آخر مان به ته ليکڪ آهيان. دنيا ۾ جيڪي به سنڌي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿي بس فقط سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آتا هئا. ڪمال هي به آهي ته عربستان ۾ عرب به نه هئا، جيڪي انهن گڏ ٿيل سنڌين کي سمجهائين ته عربي ۾ گ ناهي، تنهن ڪري ذات منگي ٺيڪ طرح لکو، عربي ۾ ڙ به ناهي سو ابڙو
به خيال سان لکو ۽ عربي ۾ چ به ناهي، سو چچ نامي جي ڳالهه متان ڪريو. پر اهي ڳالهيون اجايون آهن، ڇو ته سنڌين مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهرين ٻولي سنڌي ٺهي هئي، جا عربستان ۾ گڏ ٿيل سنڌي پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ ان وقت تائين عربي، بلوچي، بروهي، پشتو، گجراتي، مارواڙي وغيره ايجاد نه ٿيون هيون، جو اڃان سنڌ جا محقق سنڌ ۾ نه پهتا هئا.


هي ته هئا دنيا، جهان ۽ ڪائنات جي ماضي، حال ۽ مستقبل جا سنڌي جيڪي عربستان ۾ گڏ ٿيل ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته عربستان جا دروازا کلن ته سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃن ۽ علم، ادب، ٻولي، سائنس، آسمان، چنڊ، تارن ۽ ڪائنات تي تحقيقات ڪري وڏا سائنسي ڪتاب لکن. ان زماني ۾ ڏکڻ ايشيا (هندستان، مهاڀارت) جو ڪهڙو حال هو؟ ڇو ته دنيا جا سڀئي سنڌي عربستان ۾ هئا، تنهن ڪري ڏکڻ ايشيا بلڪل اهڙو پوٺو هو،
جنهن ۾ نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو ڇيڻو هو، نه ڪو ٻڪر هو، نه ڪا رڍ هئي. مطلب ته بلڪل خالي هو. اوچتو جو عربستان جا دڳ کولي قدرت سنڌين کي چيو ته ”سڄي هندستان بلڪه دنيا ۾ پکڙجي وڃو ۽ سائنس کي ترقي وٺايو. سو هڙئي سنڌي
هندستان ۾ پکڙجي ويا. اهو معجزو هو جو جن کي عربي ٻولي جي هڪ سٽ جي معنيٰ به نه ايندي هئي سي عربي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ائين پڙهي ويا، جيئن انهن ترجمن ۾ ڪا خامي يا نقص جو سوال ئي نه هو. بس، بس ثابت ٿي ويو ته سڄي هندستان بلڪه ڪائنات ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ماڻهو ڇائنجي ويا. اهي سڀئي ماڻهو عرب نسل سڏائڻ لڳا آهن ۽ پوءِ به چوندا آهن ته ”اسان سنڌي آهيون.“ چئو ته عرب آهيون ۽ هتان نڪرو ٻاهر، يا چئو ته سنڌي آهيون. مان سمجهي نٿو سگهان ته اوهان کي سچ ڳالهائڻ ۽ سچ مڃڻ ڇو نه ٿو اچي؟ منهنجو پيءُ بروهي هو، منهنجي ماءُ سومري هئي، منهنجو نانو عبدالله خان سومرو خيرپور ناٿن
شاهه کان اچي حيدرآباد ۾ الهندي ڪچي ۾ سيٽل ٿيو هو، جنهن کي اڄ گاڏي کاتو چوندا آهن. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ هوٽل کان وڏي هوٽل سنڌ زميندار هئي جيڪا منهنجي وڏي مامي محمد حسن جي هئي. منهنجو ٻيو مامو الله ڏتو سومرو هوٽل فاران جو مالڪ هو. هاڻ سندس پٽ اختر آهي، جيڪو منهنجو ماروٽ آهي. سنڌي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ منهنجي ماروٽ جو پٽ آهي، سو مان آهيان بروهي ۽ امان هئي سومري. جيڪڏهن اوهان جي ماءُ پيءُ مان ڪو هڪڙو سومرو ۽
ٻيو بروهي آهي ته بيشڪ مون سان بحث ڪريو، نه ته پنهنجو وات رکو بند.


پوءِ هندستان ۾ اهي هندو ڪٿان آيا، جن تي هر هفتي هر ڏهاڙي افغانستان مان ڪڏهن ڪو خلجي، ڪڏهن ڪو غزني، ته ڪڏهن ڪو غزنوي حملو ڪري ايندو هو؟ انهن سنڌين ان زماني ۾ عربستان ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ڪهڙن بروهين آسمان ۾ اسپٽنگ ڇڏيا آهن جو بروهي اڄ به فخر ڪن؟ ڪهڙن چنڊ تي ماڻهو لاٿا آهن، ڪهڙن نيوٽن جي لاز آف موشنس ۾ هڪڙو به واڌارو ڪيو آهي جو آپي کان ٻاهر نڪرندا وڃن؟ چار اکر سنڌيءَ جا لکي ۽ پڙهي پاڻ کي آسماني مخلوق سمجهڻ اوهان کي انهن چمچن سيکاريو آهي، جيڪي اسٽيج تي چڙهي ائين ڳالهائيندا آهن، جيئن ڄاڻ هو جيوپيٽر ۽ مارس تي پهتا؟ پهرين ٻه چار ٻوليون ڄاڻو، پوءِ ڏسو ته جيڪي ترجما پڙهندا آهيو، سي سڌا آهن يا آڏا ابتا آهن. جنهن پني تي مان پيو لکان ۽ جيڪي پنا اوهان خراب ڪندا آهيو، سي ڇا اوهان ٺاهيا هئا؟ اوهان کي اچي ڇا ٿو ۽ اوهان ڪيو ڇا آهي جو پدرم بادشاهه بود چئي پراوا پنا به خراب پيا ڪريو؟ مون کي پاڻ کان گهٽ يا پنهنجي برابر نه سمجهجو. منهنجا افعال بڇڙا رهيا آهن، پر مون جيڪي ڪم ڪري ڇڏيا آهن، سي اوهان کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.

هندستان جو رهاڪو هندو نه سڏبو ته ڇا افغان سڏبو؟ عربستان جو رهاڪو عرب نه سڏبو ته ڇا بنگالي سڏبو؟ توهان کي ڇو دشمني آهي نالن سان، ناتن سان، عادتن سان، ذهنيتن سان، متن سان، ڌرمن سان، مذهبن سان، پيار محبت سان؟ مان مسلمان آهيان، پر مان ڪنهن به غير مسلمان کي زبردستي مسلمان نه ڪندس؟