ڪامريڊ جمال الدين بخاري

منظور ڪوهيار

مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾ ، دهل تي ڏونڪي مثل.

1976ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو تهBetween fire and water ڇاکي چئبو آهي.

سائين مولوي نور الدين فرمايو: “ڪميونزم سراسر غلط آهي.“   

ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميو نزم سيکاري ٿو …تون وري چوين ٿو ،ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، ربي،عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“

”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“

”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو.

”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“

”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ….مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ….اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو….؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“

”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي… پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي …خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو ،مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه…اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“

ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي.

1976ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. 1977ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو :

”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ….بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“

مون چيو، اڄ خير نه آهي …. گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي…

مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو:

”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين.

”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو .

”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي …؟“ڪامريڊ پڇيو.

”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو.

”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.

”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس…..جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو ، پر ڇا ٿيندو …؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي…. مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ .. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو! ؟“

ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون …..“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو .

”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه …؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه….؟ تبديلي آئي آهي ايا نه …..؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي …پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو …؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو …؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو …؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو …؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو…؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي …. ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي …؟“

ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو:

”اري بيٽي .. ميري دانت لائو…!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا:

”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ….. ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي … اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي … هڪ ڪيو آهي … ته اسان کي چوڻ کپي … ٻه ڪر…! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو … اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس … ٻيڻا وٺ…! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو … ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ …! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو …ائين نه ڪري ….. هيئن ڪري….. مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ….. چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي … پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن … وڌڻ ڏيوس …!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو.

”اري بيٽي!… هماري لئي چاءِ لائو …!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو .

”هڪڙي ڳالهه ٻڌ…! اسان جا دوست بيوقوف آهن … اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن … هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان … ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو….گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو … هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو:

اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا ؟

خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس:

”نه …“ مون وراڻيو.

”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“

ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به.

منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم.

منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش 14 مارچ 1900ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا.

ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب 1919ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين.

1920ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين .

1925ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.1927ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. 1930ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. 1939ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. 1940ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1940ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. 1942ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل1948ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو.

1949ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1960ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“

مون چيو؛”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو.آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو :

”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“

مون کلندي وراڻيو، ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ”هن جو دماغ گرم آهي.هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو ، ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘

پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي.

سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي:

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“

سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون.

زندگي جا 22 سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري 12 ڊسمبر 1984ع ۾ گُـــل ٿي ويو .

پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي .

کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي:

جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري،

ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري.

Courtesy: Sindh Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=255
Reference book: ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر