هندو معنا سنڌي

لفظ هندو (Hindu) نه ته سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ نه ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو لفظ آهي. هندو ڪنهن مذهب يا ڌرم جو نالو ناهي. ڇو جو ڪنهن به پراڻي ويد ۾ لفظ ”هندو“ جو ڪو ذڪر ئي ٿيل ناهي. سنسڪرت ۾ سنڌو ندي جي لاءِ ”سنڌو“ لفظ آهي. فارسي (پارسي) زبان ۾ لفظن جي شروع ۾ اکر ”س“ کي ”هه“ سان بدلائڻ جو لاڙو رهيو آهي. تاريخدانن پهريون دفعو لفظ ”هندو“ سنڌو دريا جي لاءِ ڪتب آندو. زنداوستا ۾ به ان کي هندو دريا سڏيو ويو آهي ۽ ان جي ڪناري تي رهڻ وارن کي به سنڌي جي بدرآن ”هندو“ سڏيو ويو آهي.
517 قبل مسيح ۾ جڏهن فارس جي شاهه دارا (داريوس) اول جڏهن پنهنجي سلطنت سنڌو دريا تائين پهچائي ورتي ته سنڌ رهاڪو به ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا، جن کي اهي ”هندو“ چوندا هئا. ان کان پوءِ يونانين ۽ آرمينيائي تاريخدانن پڻ اهو اُچار جيئن جو تيئن ئي رکيو. ٿر جي پار واري علائقي کي ڀارت چيو ويندو هو.
ويدن جي مڃڻ وارن کي ڪڏهن به هندو نه سڏيو ويو آهي. انهن کي سنتنا ڌرما سڏيو ويو آهي. ڇو جو هندو رڳو سنڌو دريا جي ڪناري رهڻ وارا سڏيو ويندو هئا.

اوشو

”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪيو ٿا تہ وچ ۾ آزاديءَ جو ناتو هجڻ گهرجي. سڀاڻي جيڪڏهن توهان پنهنجي زال کي ٻئي سان ڀاڪر پائيندي ڏسو تہ حسد جي ڪا ضرورت ڪانهي. اُها تہ مالا مال ٿئي پئي، اُها تہ محبت جي هڪ نئين ذائقي کي چکي رهي آهي. بلڪل ائين جيئن توهان ڪڏهن هندوستاني کاڌا ڇڏي ڪنهن چائنيز ريسٽورينٽ ۾ هليا ويندا آهيو. ذائقو بدلائڻ لاءِ“…
ڪتاب: عورت, ص: ٥٧
سنڌيڪار: الطاف ملڪاڻي

مخدوم محمد زمان طالب المولا

1936ع ۾ جڏهن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم ۽ ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون.
هن کي شروع کان ئي وٺي علم ۽ ادب جي واڌاري جو شوق هو. جنهن ڪري هالا ۾ ”الزمان“ نالي هڪ پريس کولرايائين، جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ سندن سرپرستي هيٺ ڪڍيون ويون.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ختم ويل اُچار

حليم بروهي ڪاوش ۾ لکيل پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڪجهه تاريخي حوالن سان لکيو هو ته سنڌي ٻولي ۾ هڪ آواز يا اُچار اهڙو به هو، جيڪو ڇ، ش، چ کي ملائي ڪڍيو ويندو هو. پر انگريزين جي دور ۾ عربي فارسي لپيءَ ۾ ان آواز لاءِ ڪو اکر ٺاهي نه رکيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز يا اُچار سنڌي ٻولي مان ختم ٿي ويو. پر اڃان به ڪجهه ٺيٺ بروهي يا براهوڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا اهو آواز اچاري سگهن ٿا. پر سنڌي ٻوليءَ مان اهو آواز بلڪل ختم ٿي ويو آهي.

استاد بخاري

حڪومت تہ عُھدن ۾ مجبور آھي.
پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ،
ڪندي مصلحت فيصلا آھي گُم سُم،
حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ.
ڪلامن ۾ منصور شاعر اسان جا.
بيانن ۾ مشھور رھبر اسان جا،
دلين ۾ دغائون،سرن ۾ انائون،
پڙھي دور ويو آھي اندر اسان جا.

ماءُ پيءُ جو ادب

۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان. (15)
۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوھان کان بيزار آھيان مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا ته (قبرن مان) ڪڍيو ويندس ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن، ۽ اُھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس ته) پنھنجي ڪم بختي ڇڏي ايمان آڻ، بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي ته اِھي رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن. (17)
حوالو؛ سورة الأحقاف

نوٽ: مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سوچون هڪ سچار جون – نجم عباسي

چون ٿا ته رسول صلعم خدا سان آسمان تي ملڻ ويو۔ حقيقت ۾ نه ست آسمان آهن ۽ نه ئي اتي ڪو موجود آهي۔ پوءِ هو ڪنهن سان ملڻ ويا ۽ ڪٿي ويا؟ چيو وڃي ٿو ته خدا هر هنڌ موجود آهي ۽ انسان کي سندس شهه رڳ کان به ويجهو آهي۔ پوء سوال ٿو اٿي ته ڪنهن مخصوص جگهه تي، ڪنهن هستي سان وڃي ملڻ جو مطلب ڇا ٿيو؟ هي ته سنئون سڌو تضاد آهي۔ خاص ڳالهه هي آهي ته ٻئي ڪنهن انسان هنن کي براق تي چڙهي آسمان طرف روانو ٿيندي يا ويندي نه ڏٺو۔
جيڪڏهن حضور جن پاڻ ائين چيو آهي ته ان جي معنا ٿي ته هنن اهڙي قسم جو ڪو خواب ڏٺو هو۔
ڪتاب ” سوچون هڪ سچار جون“ (نجم عباسي)

Courtesy: مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

پراڻي فلڪيات ۽ نيئن فلڪيات

ڪو به علم بيٺل نه ٿو رهي، ان ۾ لاڳيتو واڌارا ۽ تبديليون اينديون رهن ٿيون. بنيادي طور تي فلڪيات جي علم کي ٻن وڏن دئورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
بطلوسي فلڪيات، جيڪا ٽئين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي هئي، ان مطابق ڌرتيءَ کي ڪائنات جو مرڪز مڃيو ويندو هو ۽ سمجهيو ويندو هو ته سج ۽ تارا جيڪي به آهن انهن سڀني جو مرڪز اسان جي هيءَ ڌرتي يا زمين آهي.
ڪوپرنيڪس جي فلڪيات (Copernicus-Astronomy) سورهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي. جنهن مطابق ڪائنات جي مرڪز جي ڪا ڄاڻ ناهي. ڌرتي جو سيارو سج جي چوڌاري ۽ پنهنجي محور تي ڦري رهيو آهي ۽ ڦرڻ جا ٻيا به دائرا آهن جيئن سج منڊل (نظام شمسي) ۽ ٻين ڪهڪشائن جو نظام وغيره
ستين صدي عيسوي ۾ جڏهن اسلام اڀريو ته عربن جي فلڪيات سادن مشاهدن تي بيٺل هئي. انهن ڏٺو پئي ته چنڊ ۽ سج اُڀرن ۽ لهن ٿا، گهٽجن ۽ وڌجن ٿا، چنڊ جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جو چڪر 29 کان 30 ڏينهن ۾ پورو ٿئي ٿو. سج جي شمي سال جي پوري ٿيڻ ۾ چنڊ جا ٻارنهن مهينا لڳن ٿا.
جيستائين بطلوسي فلڪيات ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ هندي فلڪيات جو اثر رهيو، ته ان دور جا مذهبي عالم پنهنجي ڌرمي ڪتابن مان اهو ثابت ڪندا هئا ته سندن مذهبي ڪتاب عين بطلوسي فلڪيات مطابق آهن. الخوارزمي، الفرغاني، ابن الهثيم، ابو عبداجزجاني، البيروني، معين الدين الاردي، ناصر الدين الطوسي، قطب الدين الشيرازي، ابن الشاطر ۽ ٻين جا ڪتابَ ان ڳالهه جي پڪ ڪرائين ٿا.
سورهين صدي ۾ جڏهن ڪوپرنيڪس جي فلڪيات اڀرڻ لڳي ۽ ويهين صدي تائين اها پنهنجي صداقت سان عالمي طور ڇانئجي وئي ته وري مذهبي عالمن پنهنجي پنهنجي مذهبي ڪتابن مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪوپرنيڪس جي فلڪيات جي سچائي سندن مذهبي ڪتابن مطابق آهي، جيڪا سندن مذهبي ڪتابن ۾ سوين سال اڳ ئي بيان ڪري ڇڏي وئي هئي.

حوالو: تشريح الافلاڪ، ليکڪ بهاءُ الدين العاملي

Courtesy: Social media

مانگولوجي

سوشل ميڊيا جي ذريعي سنڌي ٻولي ۾ هي هڪ نئون اصطلاح ڪَتب اچڻ شروع ٿيو آهي. هن نئين اصطلاح کي مانگولوجي چيو وڃي ٿو. هن جو ملطب آهي ته همت ڪري پاڻ ڪو ڪم ڌندو يا پرهيو نه ڪبو ۽ هر وقت اَٽي تي چٽي بڻجي ٻين تي ڀاڙبو يا ٻين کان مدد جي اميد رکڻ جي ڪيفيت کي مانگولوجي چئجي ٿو.

Courtesy: Social media

فيسبوڪ ۾ سنڌي ڪيئن شامل ڪرائجي؟

مُنهنجي سنڌ سا سڄڻئو!
توهان فيسبوڪ تي تمام گھڻو وقت گُذاريو پيا، توهان جون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تحريرون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇا توهان نٿا چاهيو ته اُهي تحريرون ٻين ٻولين وارا پنهنجين ٻولين ۾ پڙهي سگھن ؟
ڇا توهان نٿا چاهيو ته سنڌي ٻولي گوگل کان پوءِ فيسبوڪ جي سرشتي ۾ به شامل ٿئي ؟
ته پوءِ مُنهنجي سنڌ جا سڄڻئو! اڄ توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته فيسبوڪ ۾ به سنڌي شامل ڪرائي سگھجي ٿِي، پر اُن جو طريقيڪار ٿورو مختلف آهي.
توهانجا فيسبوڪ جي بانيءَ کي لکيل خط پهتا ته هوندا ته پر توهان پاڻ سوچيو! اسانجي سنڌ جو وزيرِ صحت اسانجا خط نٿو پڙهي ته هيڏي وڏي سوشل فورم جو بانِي ”مارڪ زڪربرگ“ توهانجي ۽ اسانجي خطن کي اهميت ڪيئن ڏيندو؟
ساٿيو! دُنيا جا ٻيا مُلڪ ٽيڪنالاجيءَ جِي ڊوڙ ۾ تمام گھڻو اڳتي نِڪري ويا آهن ۽ اسان سنڌين هاڻ اَکَ پَٽِي آهي، پر اک کُلڻ کان پوءِ به اسان ”اديب“ ۽ ”بي_ادب“ جا ٺپا لڳائي رهيا آهيون، بيشڪ ”ادب“ اسانجي ثقافت جو حصو آهي پر هاڻ اسانکي ”ٽيڪنالاجي“ جو سهارو وٺڻو پوندو ۽ ثقافت ۾ نواڻ آڻڻي پوندِي.
بهرحال! ڳالهيون کوڙ آهن.. مقصد جِي ڳالهه هِي آهي ته فيسبوڪ تي اسان پنهنجي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ لاءِ فيسبوڪ انتظاميه کي درخواستون ڪريون.
توهان کي ڪرڻو هيئن آهي ته هيٺ ڏِنل لِنڪ ڪلڪ ڪريو، جنهن ۾ ”Request a new language“ جو باڪس آهي.
توهان پهرين خاني ۾ انگريزيءَ ۾ Sindhi لکو ۽ ٻئين خاني ۾ سنڌي شامل ڪرڻ جا سبب بيان ڪريو ۽ پوءِ Send جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..
ائين ڪرڻ سان توهانجو پيغام فيسبوڪ انتظاميه وٽ پهچي ويندو.. جيڪڏهن هڪ لک سنڌي ائين ئي ٻولي شامل ڪرڻ لاءِ درخواستون موڪلين ته فيسبوڪ به پنهنجي سرشتي ۾ اسانجي ٻوليءَ کي شامل ڪري ڇڏيندو. لِنڪ هِي آهي.
https://web.facebook.com/help/contact/106059432853074
ياد رکو!! ٻوليءَ جي ٽيگ ۾ Sindhi لکڻو آهي، ڇوته گوگل به پنهنجي سرشتي ۾ انگريزي لفظ Sindhi ئي لکيو آهي.
۽ سبب انگريزيءَ ۾ ڄاڻائڻو آهي. ۽ اِهو ٻُڌائڻو آهي ته اسانجي ٻولي دُنيا جي کوڙ سارن ۾ مُلڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿِي.. (فيسبوڪ انتظاميا سنڌي فلحال ڪانه ٿِي سمجھي)

نوٽ: مٿيون مواد فيس بڪ تان ورتل آهي،
Courtesy: Social media

ارتفاق

شاهه ولي الله جا نظريا
شاه ولي الله جو سماجي نظريو ”ارتفاق“
انساني سماج ۾ جيڪو نظام، خاندان جي بنياد تي ايڪي کان ترقي ڪندو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي وڃي ٿو. شاهه ولي الله ان کي ”ارتفاق“ چيو آهي ۽ ان کي چئن درجن ۾ ورهايو آهي. جيئن ته اهو هڪ ارتقا ڪندڙ عمل آهي، ان ڪري ”ارتفاق“ کي ”ارتقا“ جي هم معنيٰ لفظ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان ڪجهه مختلف آهي.
”ارتفاق“ عربي لغت جي اعتبار سان ”افتعال“ جي باب جو مصدري صيغو آهي. جيئن ”اختيار“ ”احتياط“ ”اقتباس“ ”ارتقاء“ وغيره ”ارتفاق“ جو مادو ”ر ف ق“ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”نرمي /هم آهنگي پيدا ڪرڻ“. عربي ۾ دوست کي ”رفيق“ به ان معنيٰ ۾ چئبو آهي جو گڏجي رهڻ، ڪم ڪرڻ يا سفر ڪرڻ سان پاڻ ۾ هڪ قسم جي نرمي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي آهي. هاڻي سوال آهي ته ”نرمي“ يا هم آهنگي جو مفهوم هتي ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شاه ولي الله ان لفظ کي ڪيئن هڪ جامع مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي!
هن ڌرتي جي گولي تي انسان ۽ ٻين حيوانن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي سرگرمين سان قدرتي ماحول ۾ جيڪي تبديليون پيدا ڪيون آهن انهن سڀني کي پنهنجي ذهن مان ٿوري دير جي لاء موبائل جي ميسيج وانگر ڊليٽ ڪري ڇڏيو! هاڻي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان ۽ ٻيا سمورا حيوان اگهاڙا زمين تي موجود آهن. هاڻي ڏسو ته انسان سميت سڀني حيوانن کي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته شين ۾ هڪ درجي جي ڏکيائي ۽ ”سختي“ آهي. مثال طور انسان جي جسماني ڪيفيت اها آهي ته هو زمين تي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ ۽ بين اناجن مان براه راست غذائي ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي جيستائين ڪجهه محنت جي ذريعي ان جي ”سختي“ کي ”نرمي“ ۾ تبديل ڪري ان کي ”اٽو“ بڻائي ، وري ان ۾ اڃا به وڌيڪ تبديلي ڪري ان کي ”ڳوهيل اٽو“ بڻائي ان کان پوء باهه تي پچائي لذيذ مانيءَ جي شڪل ڏئي. سڌو سنئون ڪڻڪ جا سنگ يا داڻا کائيندو ته سندس وات يا پيٽ جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ اهو اسان آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. اهڙي طرح سيءَ ۽ گرمي کان بچڻ جا طريقا ڏسو! ۽ آخر ۾ هوائي جهاز ۽ پوء خلائي مشينن تائين هليا وڃو!
هاڻي قدرتي شين مان فائدي وٺڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ ”سختي“ هئي ان ۾ عقل ۽ جسماني محنت جي ذريعي ”نرمي“ پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جو نالو ”ارتفاق“ آهي پوء اهو ”ارتفاق“ قائم ڪرڻ ۾ انسان سميت سڀني جانورن جي عقلي ۽ جسماني صلاحيتن جي درجه بندي آهي. هر هڪ ”نوع“ جو پنهنجو پنهنجو ”ارتفاق“ آهي. انسان جي لاء ماحول گهڻو سازگار ناهي ته ان کي عقل وڌيڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن اعليٰ درجي جو ”ارتفاق“ قائم ڪري سگهي ۽ جانورن کي عقل گهٽ آهي ته انهن جي لاء زمين تي موجود شيون اڳواٽ ئي اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو انهن کي سدو سنئون فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ پيش نٿي اچي، تنهن ڪري انهن جي ”ارتفاق“ کي هڪ درجي تي ”منجمد“ ۽ ”فريز“ ڪري ڇڏيو ويوآهي. شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ۽ فلسفين موجب پڻ حيوانن جي عقل جا درجا مختلف آه،ن تنهن ڪري ارتفاق جي درجن ۾ فرق آهي.

Courtesy: حجت الله البالغه + Social media

يورپ ۽ هندوستان

هڪ ڪاٿي موجب 1750ع کان 1850ع جي دور تائين يورپ ۽ هندوستان جي هر فرد جي آمدني هڪ جيتري هئي. پر يورپ جي سخت سياري جي ڀيٽ ۾ هندوستان جي گرم موسم سبب، هندوستان ۾ رهندڙن جي زندگيءَ جو معيار يورپ وارن کان وڌيڪ سٺو هو.
پر پوءِ به سرمائيداراڻو جمهوري انقلاب هندوستان ۾ نه آيو. ڪارل مارڪس ان جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هندوستان جا ڳوٺ ايشيائي نموني جي پيداوار سبب پاڻڀرا هئا. پر جيئن ته هاري ڪڏهن به سرمائيداري انقلاب جو هر اول دستو نه رهيا آهن، ڇو جو اهي قدرت تي ڀاڙڻ وارو قدامت پرست طبقو آهن. گرامچيءَ جي ”بي عمل مزاحمت“ جي نظريئي جو لاڳاپوبه سامراجي دور سان آهي، نه ڪي ”آزاد سماج“ سان. ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي ته يورپ جا ڏاها (دانشور) بهادر هئا ۽ اهي پادري ۽ بادشاهه جي اختيار (اٿارٽي) کي چيلينج ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همٿ رکندا هئا، پوءِ ڀلي کين زهر جا پيالا پيڻو پيا، جيئرا ساڙيا ويا، ڦاهين تي ٽنگيا ويا ۽ سندن سِر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا.
جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جاڳرتا جي تحريڪ، فرانسيسي انقلاب جو روپ وٺي رهي ئي هئي ته ان زماني ۾ هندوستان، ترڪي، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ماٺار لڳي پئي هئي.

Courtesy: Social media

سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ۽ انهن جو عرصو

495ع کان 632ع تائين رائي خاندان
632ع کان 712ع تائين برهمڻ
712ع کان 1050ع تائين عرب
1050ع کان 1350ع تائين سومرا
1350ع کان 1555ع سمان
1555ع کان 1700ع تائين مغل
1700ع کان 1782ع تائين ڪلهوڙا
1782ع کان 1843ع تائين ٽالپر
1843ع کان 1947 تائين انگريز

The names of Sindhi months

سنڌي ڪئلينڊر جا چيٽ کان شروع ٿيندڙ سنڌ هند جا مهينا.

1. چيٽُ = مارچ – اپريل. (March – April)
2. وِهاءُ / ويساکُ = اپريل- مئي. (April – May)
3. ڄيٺُ = مئي- جون. (May – June)
4. آهاڙُ / آکاڙ = جون – جولائي. (June – July)
5. سانوڻ= جولائي – آگسٽ. (July – August)
6. بَڊو / بَڊرو = آگسٽ – سيپٽيمبر. (August – September)
7. اَسُو = سيپٽيمبر- آڪٽوبر. (September – October)
8. ڪَتِي= آڪٽوبر – نومبر. (October – November)
9. ناهِري/ مَنگهر= نومبر- ڊسمبر. (November – December)
10. پوهُه = ڊسمبر – جنوري. (December – January)
11. مانگهه = جنوري- فبروري. (January – February)
12. ڦڳڻ= فبروري – مارچ. (February – March)

نور الله تنيو

نورالله تنيئي 1985ع ڌاري شهداد ڪوٽ ۾ استاد نيڪ محمد تنيي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد اسڪول ۾ استاد هو، جنهن ڪري هن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪار ڪسر باقي نه ڇڏي. نور الله شروعاتي تعليم شهداد ڪوٽ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحدا لاڙڪاڻي مان پاس ڪري بي ايس سي پاس ڪيائين.
نورالله جو قومي سياست ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ٿيو، ڇو ته سندس چاچو الطاف تنيو جي ايم سيد جي سياسي پارٽي سان لاڳاپيل هو، وٽس قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ هوندي هئي. جڏهن سرائي قربان سان ويجهڙائي ٿيس ته سرائي جي دوستي هن کي مڪمل نظرياتي بڻائي ڇڏيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شامل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ جڏهن سرائي قربان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ته هيءُ به ساڻس جسمم ۾ شامل ٿيو. هن جو گهڻو وقت سرائي قربان ۽ روپلي سان گڏ گذرندو هو ـ
نورالله 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان، روپلي چولياڻي سان گڏ سنڌ جي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو ته سانگهڙ کپري روڊ باکوڙي موريءَ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان زخمي ٿيو، ان دوران سندس ساٿي شهيد ٿي ويا، پر نورالله بچي ويو هو، مقامي ماڻهن هن کي اسپتال پهچائڻ چاهيو پر هن انهن کي چيو ته توهان مان ڪنهن وٽ موبائيل هجي ته هنن نمبرن تي اطلاع ڪيو ـ نورالله جو ان وقت سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو ۽ سندس چيلھ کان هيٺيون حصو مڪمل سڙي ختم ٿي چڪو هو پر هن جو حوصلو سلامت هو ۽ هن اهڙي حالت ۾ انهن دوستن جا نمبر ٻڌايا ۽ پاڻ انهن دوستن سان ڳالهائي آگاھ ڪيو ته اسان جي مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ڪيو آهي، سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا آهن، سندس دوستن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ائين ڪئين پيو ڳالهائي، تيستائين مقامي صحافين ٽي وي چينلن تي بريڪنگ نيوز نشر ڪئي ته سڄي سنڌ باھ جي ڄڀين ۾ ڀڙڪي اُٿي ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جاقافلا باکوڙي موريءَ تي پهچڻ شروع ٿي ويا ـ نورالله سانگڙ کان ڪراچي تائين نهايت ئي بردباري جو مظاهرو ڪيو هو ۽ هن سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيا جي اڳان کلي ڳالهايو هو.
نورالله تنيو جون ٻئي ڄنگهون ضايح ٿي چڪيون هيو نيٺ زخمن جا سور نه سهندي 30 اپريل 2011ع تي اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو، جتان سندس مائٽن ۽ قومي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ شهداد ڪوٽ آندو ويو جتي سندس وصيت موجب کيس پنهنجي شهيد ساٿي سرائي قربان کهاوڙ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ـ