ارتفاق

شاهه ولي الله جا نظريا
شاه ولي الله جو سماجي نظريو ”ارتفاق“
انساني سماج ۾ جيڪو نظام، خاندان جي بنياد تي ايڪي کان ترقي ڪندو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي وڃي ٿو. شاهه ولي الله ان کي ”ارتفاق“ چيو آهي ۽ ان کي چئن درجن ۾ ورهايو آهي. جيئن ته اهو هڪ ارتقا ڪندڙ عمل آهي، ان ڪري ”ارتفاق“ کي ”ارتقا“ جي هم معنيٰ لفظ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان ڪجهه مختلف آهي.
”ارتفاق“ عربي لغت جي اعتبار سان ”افتعال“ جي باب جو مصدري صيغو آهي. جيئن ”اختيار“ ”احتياط“ ”اقتباس“ ”ارتقاء“ وغيره ”ارتفاق“ جو مادو ”ر ف ق“ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”نرمي /هم آهنگي پيدا ڪرڻ“. عربي ۾ دوست کي ”رفيق“ به ان معنيٰ ۾ چئبو آهي جو گڏجي رهڻ، ڪم ڪرڻ يا سفر ڪرڻ سان پاڻ ۾ هڪ قسم جي نرمي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي آهي. هاڻي سوال آهي ته ”نرمي“ يا هم آهنگي جو مفهوم هتي ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شاه ولي الله ان لفظ کي ڪيئن هڪ جامع مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي!
هن ڌرتي جي گولي تي انسان ۽ ٻين حيوانن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي سرگرمين سان قدرتي ماحول ۾ جيڪي تبديليون پيدا ڪيون آهن انهن سڀني کي پنهنجي ذهن مان ٿوري دير جي لاء موبائل جي ميسيج وانگر ڊليٽ ڪري ڇڏيو! هاڻي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان ۽ ٻيا سمورا حيوان اگهاڙا زمين تي موجود آهن. هاڻي ڏسو ته انسان سميت سڀني حيوانن کي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته شين ۾ هڪ درجي جي ڏکيائي ۽ ”سختي“ آهي. مثال طور انسان جي جسماني ڪيفيت اها آهي ته هو زمين تي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ ۽ بين اناجن مان براه راست غذائي ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي جيستائين ڪجهه محنت جي ذريعي ان جي ”سختي“ کي ”نرمي“ ۾ تبديل ڪري ان کي ”اٽو“ بڻائي ، وري ان ۾ اڃا به وڌيڪ تبديلي ڪري ان کي ”ڳوهيل اٽو“ بڻائي ان کان پوء باهه تي پچائي لذيذ مانيءَ جي شڪل ڏئي. سڌو سنئون ڪڻڪ جا سنگ يا داڻا کائيندو ته سندس وات يا پيٽ جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ اهو اسان آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. اهڙي طرح سيءَ ۽ گرمي کان بچڻ جا طريقا ڏسو! ۽ آخر ۾ هوائي جهاز ۽ پوء خلائي مشينن تائين هليا وڃو!
هاڻي قدرتي شين مان فائدي وٺڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ ”سختي“ هئي ان ۾ عقل ۽ جسماني محنت جي ذريعي ”نرمي“ پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جو نالو ”ارتفاق“ آهي پوء اهو ”ارتفاق“ قائم ڪرڻ ۾ انسان سميت سڀني جانورن جي عقلي ۽ جسماني صلاحيتن جي درجه بندي آهي. هر هڪ ”نوع“ جو پنهنجو پنهنجو ”ارتفاق“ آهي. انسان جي لاء ماحول گهڻو سازگار ناهي ته ان کي عقل وڌيڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن اعليٰ درجي جو ”ارتفاق“ قائم ڪري سگهي ۽ جانورن کي عقل گهٽ آهي ته انهن جي لاء زمين تي موجود شيون اڳواٽ ئي اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو انهن کي سدو سنئون فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ پيش نٿي اچي، تنهن ڪري انهن جي ”ارتفاق“ کي هڪ درجي تي ”منجمد“ ۽ ”فريز“ ڪري ڇڏيو ويوآهي. شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ۽ فلسفين موجب پڻ حيوانن جي عقل جا درجا مختلف آه،ن تنهن ڪري ارتفاق جي درجن ۾ فرق آهي.

Courtesy: حجت الله البالغه + Social media

يورپ ۽ هندوستان

هڪ ڪاٿي موجب 1750ع کان 1850ع جي دور تائين يورپ ۽ هندوستان جي هر فرد جي آمدني هڪ جيتري هئي. پر يورپ جي سخت سياري جي ڀيٽ ۾ هندوستان جي گرم موسم سبب، هندوستان ۾ رهندڙن جي زندگيءَ جو معيار يورپ وارن کان وڌيڪ سٺو هو.
پر پوءِ به سرمائيداراڻو جمهوري انقلاب هندوستان ۾ نه آيو. ڪارل مارڪس ان جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هندوستان جا ڳوٺ ايشيائي نموني جي پيداوار سبب پاڻڀرا هئا. پر جيئن ته هاري ڪڏهن به سرمائيداري انقلاب جو هر اول دستو نه رهيا آهن، ڇو جو اهي قدرت تي ڀاڙڻ وارو قدامت پرست طبقو آهن. گرامچيءَ جي ”بي عمل مزاحمت“ جي نظريئي جو لاڳاپوبه سامراجي دور سان آهي، نه ڪي ”آزاد سماج“ سان. ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي ته يورپ جا ڏاها (دانشور) بهادر هئا ۽ اهي پادري ۽ بادشاهه جي اختيار (اٿارٽي) کي چيلينج ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همٿ رکندا هئا، پوءِ ڀلي کين زهر جا پيالا پيڻو پيا، جيئرا ساڙيا ويا، ڦاهين تي ٽنگيا ويا ۽ سندن سِر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا.
جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جاڳرتا جي تحريڪ، فرانسيسي انقلاب جو روپ وٺي رهي ئي هئي ته ان زماني ۾ هندوستان، ترڪي، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ماٺار لڳي پئي هئي.

Courtesy: Social media