پڙھيو پڙھيجاءِ

سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول : ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“

نوٽ؛ حشو ڪيولراماڻي جو هي قول سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي ڏاهي سانئڻ جيجي ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد

محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو.
باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طيءَ ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي.
سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جي تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوالَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سيد اعظم، سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي.
جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابترحال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اول العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي.
جيجي دُرِ شهوار مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 19722ع تي، يعني اڄ کان پورا 42 سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي:
“انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو!
“ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!”
ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس ۽ “تون مون کي حاجي چَئُه، مان توکي قاضي چوان” قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون.
اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ تها سان جي هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽ والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي!
جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي.
“زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو:
سک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
هاڻ جي تون جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو……” (12-1-1976)
هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو اثاثو (Assett) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي چڪو آهي.
جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو:
(1) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (2) شاهه لطيف تي تحقيق، (33)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (4)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد 1، (5) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (6)تحقيق جو طريقيڪار
آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!”

نوٽ؛ ڊاڪٽر دُر شهوار سيد تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں

ڈاکٹر آکاش انصاری کی شہید نذیر عباسی کے لیے لکھی گئی سندھی نظم

ترجمہ ابراہیم صالح
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں ،
پاسبانان ظلمت کے ہاتھوں اگر ،
مرے گمگشتہ سب ساتھیوں کی طرح ،
گر میں مارا بھی جاؤں کہیں نہ کہیں ،
اشک گریاں سے پلکیں بھگونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
گر یہ شاہی قلعے کی فصیلیں تجھے ،
میری موجودگی کا پتہ بھی نہ دیں ،
اور دلائل کے منحوس زندان پر ،
منڈلاتی ہوئی گدھ چیلین تجھے ،
خوں آلودہ چونچوں سے محو متن ،
کچھ بتا بھی دیں ..
ماری ماری تھکی ، در بدر تو پھرے ،
شام غم بھی اگر ، تجھ کو یوں دیکھ کر ،
تیری حالت پہ پرسہ و ماتم کرے،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
یہ تقاضاۓ خوں عباسی ہے ماں،
جسم اپنے کو تحفے میں دوں کھرچیاں،
کب تلک بنر ذہن و ضمیر و زبان ،
کب تلک وطن پر وردیاں وردیاں ،
ایسے حالات میں ،جبر کی رات میں ،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں…..
(ترجمہ ابراہیم صالح)

English translation of some stanzas of famous Sindhi poem of Shaikh Ayaz

شاعري؛ شيخ اياز
ترجمو؛ منوج ڪمار
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I accept my crimes,
I have committed many crimes.
Blue lotus blossoming in sewer,
and chukar bird flying in darkness,
Are all criminals.
Isn’t it a crime
That I have kneaded anew,
The clay of man?
Yes, I accept my crimes.
هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان-
ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime that I have left lofty sky,
instead loved the beloved mother earth ?
I resist the temptation of accepting the joyful night,
And long for the bright dawn.
I have floated with gracious clouds,
and, rained down with bright rays.
Yes, I accept my crimes.
هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي،
مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟
تو نفرت جي ديوار کنئي،
مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ-
مون ڳاتا گيت محبت جا،
مون واڳ وطن جي موڙي آ،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime;
That I have built a temple of love,
on the earth?
And,demolished
the wall of hate, you have erected.
I have sung the songs of love,
and, have steered my land anew.
Yes, I accept my crimes.
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مون لاٿا طوقَ غلامن جا،
هي گيت هُيا يا جادو ها،
زنجير ٽُٽا ايامن جا!
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I sung for liberty,
I removed the iron collars,
From necks of slaves.
These magical songs,
Broke the chains of centuries.
All now pick my tears,
Thinking them precious pearls,
Yes, I accept my crimes.
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I have brought a singular talent,
Strings of musical instruments are at war with swords,
my songs are striking against your metallic walls,
Your massive forts are shaking ,
And, with heavy weapons, you went to be weak.
Yes, I accept my crimes.
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه مرڻو هان-
گُنجار ڪندي جا مون کان پو،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان-
ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي
You’ll send me to gallows,
But I’ll be back and alive.
I am fountain of the life,
That will flow unhindered even in my absence,
I’l resuscitate from my ashes ;will come back again,
Like minstrel carrying the harp.
Yes, I accept my crimes.
نوٽ؛ شيخ اياز جي مٿئين شاعري ۽ ان جو منوج ڪمار طرفان ڪيل ترجمو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

جي ايم سيد ۽ ڀٽو

ڄام ساقي، ڪجھه ورهيه اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ لکيو هو ته هو ۽ جي ايم سيد ٻيئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو ته در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ، چيائين ته مان ذاولفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نه ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي ته ڀلي ڄام ساقي کان تصديق ڪري جو اهڙي دعوا ڄام ساقي ڪئي آهي.
سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو ته پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه، شهيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاهه کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان ته ڀٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ائين نه ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌريو دوست انهيءَ تي روشني وجھي.  اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي. (محمد خان سيال)

نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا (محمد خان سيال جي فيس بُڪ وال ورتل آهي.

جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي لا۽ رنو

“ جنهن رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو ٖ قدرتي طور جي ايم سيد جي طبيعت ناساز هئي ٖ جي ايم سيد روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو ٖ ڀٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻڌي نہ سگهيو ٖ ان ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پو۽ صبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اها خبر ٻڌڻ سان سائين جي ايم سيد روئي پيو ٖ مون سائين کي چيو،  “سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون؟ “سائين پنهنجون اکيون مٿي کڻي جواب ڏنو تہ “مان ڪنهن جي موت زندگي تي نہ ٿو روئان، مون کي پنهنجي قوم جي بيوسي تي روئڻ ٿو اچي، اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪڇيو بہ نہ، اسان جي پاڪستان ۾ اها حيثيت آھي.“
( عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “ مجيب ۽ ڀٽو “ تان ورتل اقتساب صفحو نمبر 127 )

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

انٽرنيشنل هاسٽل ڪمرو نمبر 13

سنڌي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي جيئي سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شروعاتي منشور لکيو ويو ۽ ان جي جهنڊي جي ڊزائين به ان ڪمري ۾ ئي ٺاهي وئي هئي ۽ جساف جو شروعاتي بنياد، جي ايم سيد جي منظوري سان 1969ع ۾ اقبال ترين جي سرواڻيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اقبال ترين ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر بڻيو.

نوٽ؛ مٿي ڏنل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ تان) ورتل آهي.

تلور

تلور (Houbara or Macqueen’s Bustard/Chlamydotis Undulata Macqueenii ) پکيءَ جو قسم آهي. 70 سينٽي ميٽر ڊگهي، پٿريلي وارياسي رنگ جي هن ڊيل جھڙي وڏي پکيءَ جي نر ماد ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. نر جا رنگ پٿريلي ماحول سان هم آهنگ هوندا آهن، هن جي پيٽ ۽ ڊگھي ڳچيءَ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو، سرمائي ڪاري چوٽي ۽ ڳچيءَ تي مٿان کان هيٺ تائين اڇن ۽ ڪارن کنڀن جي جهالر ٿئي ٿي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ڪاريون ۽ ميٽوڙي هيڊيون ٿين ٿيون. هن جي پيرن ۾ ٽي ٽي آڱريون هونديون آهن. هي سياري جو مهمان پکي آهي. هي پکي اڪثر اڪيلو يا ننڍڙن گروهن ۾ هوندو آهي ۽ نيم صحرائي علائقن، ڍورن ۽ ساحلي ڪنڌين تي ملندو آهي، سنڌ ۾ پارڪر واري علائقي ۾ سياري دوران هي پکي تمام گهڻي انداز ۾ ايندو آهي. هي ڊوڙ جو ڏاڍو تکو آهي.

تلور پکيءَ جو شمار دنيا جي خاص پکين ۾ ٿئي ٿو. ڏاکڻي اسپين جي تجوسيگيورا (Tajosegura) غارن مان تلور پکيءَ جا جيڪي نشان ملن ٿا، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته -تلور- پکي 4000 کان 6000 ق. م اڳ به ڌرتيءَ تي رهندو هو. اڄڪلهه هي پکي آفريڪا، آسٽريليا، يورپ ۽ -ايشيا- کنڊ ۾ ملي ٿو، پر بنيادي طور تي هيءُ پکي اصل آفريڪا جو رهندڙ آهي.

تلور جا 22 قسم آهن، -جن کي وري 47 ننڍن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو فرق، سائيز ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي. تلور جي عام قسمن ۾ هوبرا تلور، وڏو انڊين تلور، ڪوري تلور، ڊلهم تلور، بنگالي، تلور ۽ آسٽريلين تلور وغيره شمار ڪيا وڃن ٿا.

هن پکيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. عربيءَ ۾ هن کي ”هبارا“، انگريزي ۾ ”بسٽرڊ“، هنديءَ ۾ چُلو تندري، سنڌيءَ ۾ ”تلور“ ڪوٺجي ٿو. هيءُ پکي ڀارت جي گنگا واديءَ، روس، اوبر ايران، مصر، افغانستان، بنگلاديش جي چٽگام واري علائقي ۽ پاڪستان جي صوبي -بلوچستان- جي چاغيءَ واري پاسي، خاران کان سواءِ مڪران ۾ ۽ سنڌ جي ٿر ۾، سرنهن جي ڦولار واري مند ۾ ملندو آهي. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ پڻ گهڻو نظر ايندو آهي. مادي تلور جا پير زمين تي ائين لڳندا آهن، ڄڻ اُن جون آڱريون وريل هجن. جيڪي ٿلهيون ۽ ننڍيون ٿينديون آهن. -ان- جي ڄنگهن جو رنگ ڪاراڻ مائل هوندو آهي، جنهن ۾ زرداڻ شامل هوندي آهي. هن جي پڇ ۾ ارڙهن تيلا ٿيندا آهن، -جن- جي مٿان اُڀا ڪارا ليڪا هوندا آهن. تلورجو رنگ چمڪندڙ سونهري ٿيندو آهي. نر جي مٿي تي ڪلنگي هوندي آهي ۽ مادي، نر جي ڀيٽ ۾ قد ڪاٺ ۾ هلڪي ٿيندي آهي. تلور جو گوشت ڳاڙهو ۽ کائڻ ۾ سوادي هوندو آهي. مادي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ کان ٻه آنا ڏيندي آهي، جن مٿان پنجويهن کان ٽيهه ڏينهن آرو ڪندي آهي. ٻچن ڦٽڻ کان پوءِ، ٻچن جي پالنا واري ذميداري پڻ نر تلور جي حصي ۾ ايندي آهي. ٻچا چئن پنجن هفتن ۾ اُڏامڻ سکي وٺندا آهن. سندن اڏامڻ جي رفتار پنجويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ وڃي پهچندي آهي. -تلور- پکي خشڪيءَ تي رهندڙ سڀني پکين کان تيز ڊوڙ پائيندو آهي. پاڻيءَ کان ٻاهر هيءُ پکي ٿڌن بلڪ خشڪ چراگاهن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. ڏينهن جو اڪثر گاهن، وڻن ۽ ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ رهي، پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. رات جو پنهنجي خوراڪ جي -تلاش- ۾ نڪرندو آهي. جدا جدا قسم جا گاهه، جيت ۽ -ٻج- وغيره ڪثرت سان کائيندو آهي. ان کانسواءِ ڄانڀو، سرنهن، جوار ۽ لاٺيون گاهه، سينور گاهه، لاڻو، ڪرڙ جا ڳاڙها ڏيلها، ٻير، پٽ پيرون، اُڏوهي، ڇيڻن جا جيت، تڏيون، ٽنڊڻيون، ماڪوڙيون، مڪڙ، ڪرڙيون بلڪه هلڪي ڦلڪي نانگ کي به ڏاڍو ڊرامائي انداز سان هڙپ ڪندڙ پکي آهي. پنهنجي مرضيءَ موجب -پاڻي- پيئندو آهي ۽ گاهن تي پيل ماڪ جا ڦڙا چٽي وٺندو آهي. صبح ٿيڻ تي سٺي ۽ نرم زمين پسند ڪري، -ان- تي کوٽهڙو ڪندو آهي، جنهنڪري -تلور- جي جسم تي چنبڙيل ننڍڙا -جراثيم- ڪري پوندا آهن. خاص طور درياهه جي ٻيٽ، واري يا پڌر واري ميدان ۾ لهندو آهي، -جتي- ننڍيون ننڍيون ليون هونديون آهن.

تلور، ڦولار واريءَ تيليءَ کي وات ۾ وجهي روڙي کائيندو آهي. شام جو سج لهڻ مهل ڦولار تي ايندو آهي ۽ صبح جو سج ڪانو کن مٿي چڙهندو آهي ته اُڏامي وڃي لَيُن ۾ لهندو آهي. سڄو ڏينهن اُتي ويٺو هوندو آهي ۽ اُڏرڻ مهل ائين بولاٽيون کائيندو ويندو آهي، جو توبچي به مشڪل سان ماري سگهندو اٿس. هو صحتمند رهي ٿو. باز جڏهن تلور تي حملو ڪندو آهي ته ان وقت هيءُ باز جي منهن ۽ اکين تي پکال يعني پٽڙي وِٺ زور سان اڇلائيندو آهي ۽ پوءِ ڪِري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. جيڪڏهن ڪو خاص جانور هن جي ويجهو ايندو آهي ته پنهنجي چهنب جا ٻئي پاسا هڪٻئي مٿان زور سان کڙڪائيندو آهي، جنهن مان زوردار ۽ رعبدار آواز نڪرڻ شرط، حملو ڪندڙ جانور تلورکي کائڻ جو ارادو مٽائي ڇڏيندو آهي. تلور ماڻهوءَ کي هڪ ميل جي مفاصلي تان تاڙي وٺندو آهي ۽ هڪدم لِڪِي، پنهنجي جان بچائڻ جو جتن ڪندو آهي. سياري جي موسم ۾ هيءُ پکي پنهنجو اباڻو ديس ڇڏي، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ چولستان واري ڀاڱي ۾ ايندو آهي ۽ چانڊوڪين راتين ۾ زمين کان مٿي اوچي پرواز ڪندو آهي. قدرتي هوا جي لهرن ۾ پنهنجا پر پکيڙي واس وٺندو آهي ۽ پنهنجن پرن جي مضبوطيءَ مان فائدو وٺندي، چنڊ ۽ تارن کي نظر ۾ رکي خوب لطف اندوز ٿيندو آهي، پر جڏهن -آسمان- ۾ جهڙ ۽ ڪارا ڪڪر ڏسندو آهي ته جلدي زمين جو رُخ اختيار ڪري لهي پوندو آهي. هن پکيءَ جي گوشت ۾ وڏي قوت آهي. هن جو شڪار عام طريقن سان ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: (i) اچ وڃ وارن رستن ۽ پيچرن تي ڳاريون ۽ ڪوڙڪيون وجهي ڦاسائڻ، (ii) بندوق سان مارڻ، (iii) -باز- ذريعي شڪار ڪرڻ.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان (Encyclopedia Sindhiana)

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتو ويو آهي.

سچائيءَ جو انعام

هڪ ناليوارو چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪيو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي مورک، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿيئي. اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“
چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“
درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهاءِ.“
چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“
بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“
چور هاڪار ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“
چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“
رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراهه ڪرڻ لڳو.
پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو: ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين: ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي وزارت ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

Courtesy: حوالو؛ ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل