مک صفحو » Animal kingdom » تلور

تلور

تلور (Houbara or Macqueen’s Bustard/Chlamydotis Undulata Macqueenii ) پکيءَ جو قسم آهي. 70 سينٽي ميٽر ڊگهي، پٿريلي وارياسي رنگ جي هن ڊيل جھڙي وڏي پکيءَ جي نر ماد ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. نر جا رنگ پٿريلي ماحول سان هم آهنگ هوندا آهن، هن جي پيٽ ۽ ڊگھي ڳچيءَ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو، سرمائي ڪاري چوٽي ۽ ڳچيءَ تي مٿان کان هيٺ تائين اڇن ۽ ڪارن کنڀن جي جهالر ٿئي ٿي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ڪاريون ۽ ميٽوڙي هيڊيون ٿين ٿيون. هن جي پيرن ۾ ٽي ٽي آڱريون هونديون آهن. هي سياري جو مهمان پکي آهي. هي پکي اڪثر اڪيلو يا ننڍڙن گروهن ۾ هوندو آهي ۽ نيم صحرائي علائقن، ڍورن ۽ ساحلي ڪنڌين تي ملندو آهي، سنڌ ۾ پارڪر واري علائقي ۾ سياري دوران هي پکي تمام گهڻي انداز ۾ ايندو آهي. هي ڊوڙ جو ڏاڍو تکو آهي.

تلور پکيءَ جو شمار دنيا جي خاص پکين ۾ ٿئي ٿو. ڏاکڻي اسپين جي تجوسيگيورا (Tajosegura) غارن مان تلور پکيءَ جا جيڪي نشان ملن ٿا، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته -تلور- پکي 4000 کان 6000 ق. م اڳ به ڌرتيءَ تي رهندو هو. اڄڪلهه هي پکي آفريڪا، آسٽريليا، يورپ ۽ -ايشيا- کنڊ ۾ ملي ٿو، پر بنيادي طور تي هيءُ پکي اصل آفريڪا جو رهندڙ آهي.

تلور جا 22 قسم آهن، -جن کي وري 47 ننڍن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو فرق، سائيز ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي. تلور جي عام قسمن ۾ هوبرا تلور، وڏو انڊين تلور، ڪوري تلور، ڊلهم تلور، بنگالي، تلور ۽ آسٽريلين تلور وغيره شمار ڪيا وڃن ٿا.

هن پکيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. عربيءَ ۾ هن کي ”هبارا“، انگريزي ۾ ”بسٽرڊ“، هنديءَ ۾ چُلو تندري، سنڌيءَ ۾ ”تلور“ ڪوٺجي ٿو. هيءُ پکي ڀارت جي گنگا واديءَ، روس، اوبر ايران، مصر، افغانستان، بنگلاديش جي چٽگام واري علائقي ۽ پاڪستان جي صوبي -بلوچستان- جي چاغيءَ واري پاسي، خاران کان سواءِ مڪران ۾ ۽ سنڌ جي ٿر ۾، سرنهن جي ڦولار واري مند ۾ ملندو آهي. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ پڻ گهڻو نظر ايندو آهي. مادي تلور جا پير زمين تي ائين لڳندا آهن، ڄڻ اُن جون آڱريون وريل هجن. جيڪي ٿلهيون ۽ ننڍيون ٿينديون آهن. -ان- جي ڄنگهن جو رنگ ڪاراڻ مائل هوندو آهي، جنهن ۾ زرداڻ شامل هوندي آهي. هن جي پڇ ۾ ارڙهن تيلا ٿيندا آهن، -جن- جي مٿان اُڀا ڪارا ليڪا هوندا آهن. تلورجو رنگ چمڪندڙ سونهري ٿيندو آهي. نر جي مٿي تي ڪلنگي هوندي آهي ۽ مادي، نر جي ڀيٽ ۾ قد ڪاٺ ۾ هلڪي ٿيندي آهي. تلور جو گوشت ڳاڙهو ۽ کائڻ ۾ سوادي هوندو آهي. مادي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ کان ٻه آنا ڏيندي آهي، جن مٿان پنجويهن کان ٽيهه ڏينهن آرو ڪندي آهي. ٻچن ڦٽڻ کان پوءِ، ٻچن جي پالنا واري ذميداري پڻ نر تلور جي حصي ۾ ايندي آهي. ٻچا چئن پنجن هفتن ۾ اُڏامڻ سکي وٺندا آهن. سندن اڏامڻ جي رفتار پنجويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ وڃي پهچندي آهي. -تلور- پکي خشڪيءَ تي رهندڙ سڀني پکين کان تيز ڊوڙ پائيندو آهي. پاڻيءَ کان ٻاهر هيءُ پکي ٿڌن بلڪ خشڪ چراگاهن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. ڏينهن جو اڪثر گاهن، وڻن ۽ ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ رهي، پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. رات جو پنهنجي خوراڪ جي -تلاش- ۾ نڪرندو آهي. جدا جدا قسم جا گاهه، جيت ۽ -ٻج- وغيره ڪثرت سان کائيندو آهي. ان کانسواءِ ڄانڀو، سرنهن، جوار ۽ لاٺيون گاهه، سينور گاهه، لاڻو، ڪرڙ جا ڳاڙها ڏيلها، ٻير، پٽ پيرون، اُڏوهي، ڇيڻن جا جيت، تڏيون، ٽنڊڻيون، ماڪوڙيون، مڪڙ، ڪرڙيون بلڪه هلڪي ڦلڪي نانگ کي به ڏاڍو ڊرامائي انداز سان هڙپ ڪندڙ پکي آهي. پنهنجي مرضيءَ موجب -پاڻي- پيئندو آهي ۽ گاهن تي پيل ماڪ جا ڦڙا چٽي وٺندو آهي. صبح ٿيڻ تي سٺي ۽ نرم زمين پسند ڪري، -ان- تي کوٽهڙو ڪندو آهي، جنهنڪري -تلور- جي جسم تي چنبڙيل ننڍڙا -جراثيم- ڪري پوندا آهن. خاص طور درياهه جي ٻيٽ، واري يا پڌر واري ميدان ۾ لهندو آهي، -جتي- ننڍيون ننڍيون ليون هونديون آهن.

تلور، ڦولار واريءَ تيليءَ کي وات ۾ وجهي روڙي کائيندو آهي. شام جو سج لهڻ مهل ڦولار تي ايندو آهي ۽ صبح جو سج ڪانو کن مٿي چڙهندو آهي ته اُڏامي وڃي لَيُن ۾ لهندو آهي. سڄو ڏينهن اُتي ويٺو هوندو آهي ۽ اُڏرڻ مهل ائين بولاٽيون کائيندو ويندو آهي، جو توبچي به مشڪل سان ماري سگهندو اٿس. هو صحتمند رهي ٿو. باز جڏهن تلور تي حملو ڪندو آهي ته ان وقت هيءُ باز جي منهن ۽ اکين تي پکال يعني پٽڙي وِٺ زور سان اڇلائيندو آهي ۽ پوءِ ڪِري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. جيڪڏهن ڪو خاص جانور هن جي ويجهو ايندو آهي ته پنهنجي چهنب جا ٻئي پاسا هڪٻئي مٿان زور سان کڙڪائيندو آهي، جنهن مان زوردار ۽ رعبدار آواز نڪرڻ شرط، حملو ڪندڙ جانور تلورکي کائڻ جو ارادو مٽائي ڇڏيندو آهي. تلور ماڻهوءَ کي هڪ ميل جي مفاصلي تان تاڙي وٺندو آهي ۽ هڪدم لِڪِي، پنهنجي جان بچائڻ جو جتن ڪندو آهي. سياري جي موسم ۾ هيءُ پکي پنهنجو اباڻو ديس ڇڏي، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ چولستان واري ڀاڱي ۾ ايندو آهي ۽ چانڊوڪين راتين ۾ زمين کان مٿي اوچي پرواز ڪندو آهي. قدرتي هوا جي لهرن ۾ پنهنجا پر پکيڙي واس وٺندو آهي ۽ پنهنجن پرن جي مضبوطيءَ مان فائدو وٺندي، چنڊ ۽ تارن کي نظر ۾ رکي خوب لطف اندوز ٿيندو آهي، پر جڏهن -آسمان- ۾ جهڙ ۽ ڪارا ڪڪر ڏسندو آهي ته جلدي زمين جو رُخ اختيار ڪري لهي پوندو آهي. هن پکيءَ جي گوشت ۾ وڏي قوت آهي. هن جو شڪار عام طريقن سان ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: (i) اچ وڃ وارن رستن ۽ پيچرن تي ڳاريون ۽ ڪوڙڪيون وجهي ڦاسائڻ، (ii) بندوق سان مارڻ، (iii) -باز- ذريعي شڪار ڪرڻ.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان (Encyclopedia Sindhiana)

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتو ويو آهي.

Advertisements

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري