سيڪيولر ازم

سيڪيولر ازم (Secularism) مان مراد اها  آهي ته مختلف، مذهبن، ڌرمن، عقيدن، فرقن ۽ مسلڪن جا ماڻهو ڪنهن به سماج ۾ امن، شانتي ۽ ڀائيچاري سان تڏهن ئي رهي سگهن ٿا، جڏهن مذهبن، ڌرمن، عقيدن، فرقن، ۽ مسلڪن کي ذاتي ۽ شخصي قرار ڏنو وڃي ۽ هر هڪ کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهب جي مطابق هلڻ جي آزادي هجي. پر اها آزادي نه هجي ته اهو پنهنجا عقيدا، ريتون ۽ رسمون ٻين تي مڙهي. باقي ٻيا رياستي، حڪومتي، سماجي، سياسي، قانوني، معاملا زندگي ۽ زماني جي گهرجن مطابق گذاريا وڃن.

جي ايم سيد

جي ايم سيد، سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪو ٻار جيئريُ ڪوسيءَ ڪُک ِ سان ڪندو آهي. هن لاءِ سنڌ رڳو ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه هئي، هي ڏاڏا پڙڏاڏا به آهن جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي ان سان ڪٺا هوندا آهن. مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي وحدت الوجودي، هي صوفي لڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيُء ماکيُء .کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي . جڏهن سج ٽامڙي هڻي ويندو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي َ آهي تڏهن هن جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان ان وقت جي َ ان ڇانو جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيُء بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن .سان گهوريندي ڏسندا. (شيخ اياز)

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.