مک صفحو » History » سنڌي ٻوليء تي فارسيء جو اثر

سنڌي ٻوليء تي فارسيء جو اثر

سنڌ ۽ فارس جا اوائلي ناتا رهيا آهن. ڪجھ عرصو سنڌ ، فارس شهنشاهت جو حصو به رھي آهي تنهنڪري ٻنهي ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ هڪ فطري عمل آھي.

اسان گهڻون پوئتي نٿا وڃون پر ويجهڙائي واري تاريخ مان خبر پئي ٿي ته سومرن جي آخري دؤر ۾ پارسيءَ کي سنڌ جي حڪومت ۾ درٻاري زبان جو درجو ملي چڪو هو. ان کان پوءِ سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي شروعاتي دؤر تائين پارسي نه صرف سنڌ جي مڪتبن، مدرسن جي زبان رهي، پر ان کي درٻاري زبان جو درجو حاصل رهيو. انهن دورن ۾ نه صرف سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان جو مطالعو ڪيو، پر ان ۾ سخن سنجي ڪئي. انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جي اهميت جو اندازو هنن ٻن چوڻين مان، جي ان وقت مشهور هيون، لڳائي سگهجي ٿو.

پهرين چوڻي: پارسي گهوڙي چاڙهسي.
ٻي چوڻي: پڙهي پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.
پارسي زبان سان ايتري پراڻي ۽ ويجهي ناتي سببان پارسي زبان جو سنڌي زبان تي وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي. ايتريقدر جو لاتعداد لفظ، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ والاري ان ۾ اهڙو رلي ملي ويا آهن جو اهي سنڌي ٿا لڳن.
پهريون اثر جو سنڌي ٻوليءَ پارسي زبان کان قبوليو آهي، سو آهي، سنڌي آئيويٽا يعني الف بي ۾ اضافو. پ- چ- گ پارسيءَ جا حرف آهن، جي سنڌي الف بي ۾ اهڙا شامل ٿي ويا آهن، جو اهو پتو ئي نٿو پوي ته اهي ڪي ڌاريا آهن.
ڪي پارسي لفظ پنهنجي اصلي شڪل ۾ ئي سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ طرح رائج ٿي ويا آهن، جو اهي پنهنجا لڳن ٿا ۽ نه صرف هرڪو ماڻهو انهن کي سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن کي پنهنجي روزمره گفتگوءَ ۾ رواني سان پنهنجن سنڌي لفظن وانگر استعمال ڪري ٿو. ڪي لفظ هي آهن:
دل، حسن، عشق، عاشق، دلبر، جنگ، آواز، آرام، خوشي، شادي، آباد، برباد، شاه، شهنشاه وغيره.
ڪن پارسي لفظن وري پنهنجي ٿوري گهڻي صورت بدلائي ڇڏي آهي. جهڙوڪ پارسيءَ جي پيرهن لفظ کي اسين پهراڻ چئون، لته کي لٽو، مزدور کي مزور ۽ مزدوريءَ کي مزوري، پالان کي پالاڻ، ڪنج کي ڪنڊ، ڪرته کي ڪڙتو، مرهم کي ملم چئون.
پارسي زبان جو سنڌي گرامر تي پڻ گهرو اثر آهي.
سنڌي زبان ۾ ڪيترا فعل پارسي زبان وارا مروج ٿي ويا آهن ۽ انهن کي اسان پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي. مثلاً: آزمودن مان آزمائڻ، خريدن مان خريدڻ، بخشيدن مان بخشڻ، فرمودن مان فرمائڻ.
پارسيءَ جا ظرف به اسين سنڌيءَ ۾ استعمال ٿا ڪريون جهڙوڪ: اڪثر، آخر، آئينده، بغير، جلد، هرگز وغيره.
۽ هي حرف پڻ عام جام استعمال ڪندا آهيون: اگر، مگر، البته، ليڪن.
ڪي حرف ندا اسان پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن: بس، خبردار، خوب، شاباس.
اسان سنڌي زبان ۾ ڪيتريون پارسيءَ جون اڳياڙيون ۽ پارسي اڳياڙين وارا لفظ استعمال ڪندا آهيون، جن مان ڪي آهن: هر، در، بر، با، بد، بي، با. اسان سنڌيءَ ۾ چئون ’بي ڍنگو‘. هاڻي ان جي اڳياڙي ’بي‘ جنهن جي معنيٰ آهي کان سواءِ، سنڌي لفظ ’ڍنگو‘ سان استعمال ڪيل آهي ۽ لفظ جي معنيٰ ٿي بي ترتيب. ساڳيءَ طرح چئون بي لڄو، بي پتو، بي ڌڙڪ.
ساڳيءَ طرح پارسي اڳياڙي ’هر‘ سنڌي لفظن سان ملائي چئون هرڪو، هرهڪ، هرڏينهن، هرهنڌ.
جهڙيءَ طرح پارسي اڳياڙيون سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پڇاڙيون پڻ استعمال ٿين ٿيون، جهڙوڪ ري، باز.
اسان سنڌي لفظ ’ٺڳ‘ جي پٺيان ’باز‘ لڳائي چئون ’ٺڳ باز‘ ساڳيءَ طرح چئون مڪي باز، ٺونشي باز، چالباز.
اسان سنڌيءَ ۾ خاص طرح ڪجهه وقت پارسيءَ جو انڪاري لفظ ’م‘ يعني ’نه‘ عام جام استعمال ڪندا هئاسين. جيئن: م ڪر، م چئو.
شاهه صاحب چوي ٿو:
هو چون تون م چؤ واتان ورائي
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
م ڪي رڙ، م ڪي رو، م ڪي ڪر ڪيهون
پارسي زبان جا ڪيترا محاورا ۽ لفظ اسان ساڳيا استعمال ڪندا آهيون يا انهن جا ترجما استعمال ڪندا آهيون.
ڪي جملا اسان ساڳيا پارسيءَ وارا ئي استعمال ڪندا آهيون:
همت مردان مدد خدا.
اول خويش پو درويش.
از تو حرڪت از خدا برڪت.
اول طعام بعد ڪلام.
سنڌيءَ ۾ هي پهاڪا پارسي پهاڪن جو ترجمو آهن: اسان چئون، ’جيڪو کڏ ٻين لاءِ کڻندو سو پاڻ ان ۾ پوندو‘. ان جو پارسي پهاڪو آهي ’چاه ڪندان را چاه درپيش‘.
اسان چئون ’ڪوه ولو پر پنڌ ڀلو‘. پارسيءَ ۾ چون: ’راه راست به رو گرچه دور است‘.
پارسي ۾ چون، آب نديده موزه ڪشيده. اسان چئون پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.
پارسي شاعريءَ جو به سنڌي شاعريءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري عروضي شاعري مقبول ٿي آهي. پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري ڪيتريون صنفون جهڙوڪ: غزل، مثنوي، قصيدو، مرثيه وغيره سنڌ ۾ مقبول ٿي ويا آهن.
پارسي شاعريءَ جي خيالن جو پڻ سنڌي شاعرن تي گهڻو اثر آهي، جيڪو شاه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي اڄ تائين هليو اچي. مثلاً: شاه ڪريم جو هي بيت:
پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،
جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
روميءَ جي هن شعر کان متاثر ٿي چيل آهي:
خار را از چشم دل گرير ڪني،
چشم جان را حق به بخشد روشني.

 سنڌ ويزن, Courtesy: Sindh Vision

نوٽ؛ مٿيون مواد علي مردان راهوجو جي ٿورن سان سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي

Advertisements

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو /  تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري