نير جي بغاوت

صعنتي انقلاب جي نتيجي ۾ برطانيا جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت ۾ نير جي کپت تمام گهڻي وڌي وئي هئي. ان ڪري برطانيا نير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ مختلف طريقن سان  زوريءَ نير جي پوک پوکرائي جنهن جي ڪري هندستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي کوٽ پيدا ٿي پئي ۽ نتيجي ۾ غربت اڃان وڌي وئي. ماڻهن تنگ اچي نير جي ڪارخانن کي ٻاهه هڻي ڇڏي هئي. ان زماني ۾ اهڙي بغاوت بنگال ۽ بهار ۾ ٿي هئي. ان بغاوت کي نير (نيل) جي بغاوت جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

 

بلوچستان ۾ ڳالهجندڙ ٻوليون

بلوچستان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.

بلوچي:

بلوچستان ۾ بلوچيءَ جا ٻه لهجا آهن. جن مان هڪ اولهه وارو يا مڪراني لهجو آهي. بلوچي جو هي لهجو سڌو سنئون پهلوي ۽ سيٺي ٻولين جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان وجود ۾ آيو آهي. هن لهجي ۾ گهڻو ڪري خالص عربي اکر ڪونهن، جيڪا پهلوي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. هن لهجي ۾ خو جي جاءِ تي و ڪتب آندو ويندو آهي ۽ جن لفظن ۾ ج ايندو آهي انهن جي جاءِ تي ح کي سنهو ڪري يا آواز کي ڪيرائي ڪڍيو ويندو آهي يا ح جي بدران ه ڪتب آندو ويندو آهي. مثال جي طور تي خواب کي واب ۽ خان کي وان چيو ويندو آهي.

بلوچيءَ جو ٻيو لهجو اوڀر وارو لهجو سڏجي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري خالص بلوچي سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به سنڌي، پنجابي ۽ پشتو جا گهڻا ئي ٻولَ شامل آهن. جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ نموني جي سختي اچي وڃي ٿي. جنهن تحت ان ۾ شروعاتي بندشي اکر ک، پ، ت ۽ ٽ هڪ خاص سختيءَ يا زورائتي نموني سان ڳالهايا ويندا آهن. هي هندستاني بندشي اکرن کان گهڻا مختلف ۽ الڳ آهن، پر پوءِ به ٻنهي ۾ گهڻو فرق به ڪونه آهي ۽ بلوچ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ويندا آهن.

ان کان سواءِ رخشاڻي مڪراني بلوچن کان الڳ نموني جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جيڪا رخشاني بلوچي سڏجندي آهي.

براهوي:

بلوچستان ۾ براهوي يا بروهي ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هي دراوڙي گروهه جي زبان آهي. هن جي باري ۾ سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گريرسن ٻڌايو هئو ته براهوي اصل ۾ دراوڙي زبان آهي. براهوي ۾ ۾ گهڻا ٻولَ سنڌي، بلوچي ۽ فارسيءَ جا آهن. پر حالتن جي جبر ڪارڻ براهوي زبان جا گهڻا تڻا دراوڙي لفظَ نه واپرائجڻ ۽ واهپي ۾ نه هئڻ سبب ختم ٿي ويا آهن، پر پوءِ به براهوي جو بنيادي ڍانچو اڄ به دراوڙي ئي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. سرواڻي براهوي ٻيو جهالاڻي براهوي جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اَثر خاص طور تي نظر اچي ٿو.

پشتو:

بلوچستان ۾ پشتو خاص ڪري اوڀر واري بلوچيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان جا به ڪيترا ئي لهجا آهن. انهن مان سبيءَ جي بلوچي سنڌي گاڏڙ ۽ مَري قبيلي جا پٺاڻ جيڪي بلوچ قبيلي ۾ شامل آهن بلوچي گاڏڙ پشو ڳالهائيندا آهن. غلزئين ۽ ڪاڪڙن جي پشتو ۾ پڻ فرق آهي. اهڙي نموني دڪي، بوري، ترنيائو ان جا مخلتف لهجا آهن ۽ سبيءَ جي علائقي ۾ سنڌي گاڏڙ پشتو ڳالهائي ويندي آهي.

ٻيون ٻوليون

ڄاٽڪي ٻولي ڪڇي لهجي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان کي ڄاٽ ۽ ڪجهه بلوچي قبيلا ڳالهائين ٿا. ڪٿراني ۽ جدگالي سڄي اولهه بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌي زبان جي هڪ شاخ آهي ۽ جڳدالي ۽ سنڌي زبان ۾ رڳو لهجي جو فرق آهي.

ساڳي نموني لاسي جيڪا لس ٻيلي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، اها به سنڌي زبان جي ئي هڪ شاخ آهي يا لهجو آهي ۽ ان کي براهوي يا بروهي جدگالي به چيو ويندو آهي.

دهواري، فارسيءَ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ هن جا مصدر براهوي مان ٺاهيل آهن ۽ اها به بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جو ئي لهجو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو لوهري لهجو به آهي جنهن کي مڪا چيو وڃي ٿيو.

ان کانسواءِ بلوچستان ۾ اهڙي به ڪيتري ئي آبادي رهي ٿي جن جي زبان فارسي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. هڪ افغاني ۽ ٻيو ايراني، جيڪا گهڻو ڪري مڪران جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ دري، تاجڪ، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليون به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڳالهائين ٿا.

نوٽ: مٿيون مواد يا ڄاڻ سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تان ورتل آهي.

نوٹ: مندرجہ بالا معومات سوشل میڈیا (فیسبک) سے لی گئی ہے۔

لڇمڻ سنگهه

لڇمڻ سنگهه: سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق

لڇمڻ سنگهه ٿر جي هڪ شهر ڇاڇري جي هڪ وڏي ۽ مشهور شخصيت هئو. 1977ع جي هڪ رات اُٺن تي چڙهي پنهنجي پريوار يا آڪهه (خاندان) سان ٿر سان لڳندڙ ڀارت جي سرحد پار ڪري راجسٿان جي رياست ڏانهن هليو ويو. صبح جو مقامي ماڻهن ڏٺو ته سندس گهر جا ڏيئا ٻرن پيا پر لڇمڻ سنگهه ۽ ان جي آڪهه موجود ڪونهي. ان کان پوءِ سندس ڀارت وڃڻ جي خبر ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. لڇمڻ سنگهه پنهنجو اباڻو وطن ۽ گهر ڇو ڇڏيو ان جا اڄ ڏينهن تائين ڪي به وچور يا تفصيل آڏو نه اچي سگهيا آهن.

فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ لڇمڻ سنگهه قانون ساز اسيمبليءَ جو رُڪن رهي چڪو هو. سندس پِتا (والد) لال جِي پڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو رُڪن چونڊيو ويو هو ۽ 1936ع ۾ سندس ڏاڏو کجي سوڍو پڻ سنڌي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو هو.

لڇمڻ سنگهه کي ڀارتي شهريت ملڻ کانپوءِ اتان جي پئنچائت جو مُکي (سرواڻ) پڻ چونڊيو ويو هو.

پاڪستان جي پرڌان منتري يا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي راڻي چندر سگهه، مير علي بخش ٽالپور کي انڊيا موڪليو هو ته جيئن اهي سنڌ مان لڏي ويل لڇمڻ سنگهه کي ڀارت مان واپس سنڌ اچڻ تي راضي ڪري سگهن، پر لڇمڻ سميت ساڻس گڏ لڏي ويلن واپس سنڌ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

لڇمڻ سنگهه 82 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.

سنڌي ٻوليء تي فارسيء جو اثر

سنڌ ۽ فارس جا اوائلي ناتا رهيا آهن. ڪجھ عرصو سنڌ ، فارس شهنشاهت جو حصو به رھي آهي تنهنڪري ٻنهي ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ هڪ فطري عمل آھي.

اسان گهڻون پوئتي نٿا وڃون پر ويجهڙائي واري تاريخ مان خبر پئي ٿي ته سومرن جي آخري دؤر ۾ پارسيءَ کي سنڌ جي حڪومت ۾ درٻاري زبان جو درجو ملي چڪو هو. ان کان پوءِ سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي شروعاتي دؤر تائين پارسي نه صرف سنڌ جي مڪتبن، مدرسن جي زبان رهي، پر ان کي درٻاري زبان جو درجو حاصل رهيو. انهن دورن ۾ نه صرف سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان جو مطالعو ڪيو، پر ان ۾ سخن سنجي ڪئي. انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جي اهميت جو اندازو هنن ٻن چوڻين مان، جي ان وقت مشهور هيون، لڳائي سگهجي ٿو.

پهرين چوڻي: پارسي گهوڙي چاڙهسي.
ٻي چوڻي: پڙهي پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.
پارسي زبان سان ايتري پراڻي ۽ ويجهي ناتي سببان پارسي زبان جو سنڌي زبان تي وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي. ايتريقدر جو لاتعداد لفظ، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ والاري ان ۾ اهڙو رلي ملي ويا آهن جو اهي سنڌي ٿا لڳن.
پهريون اثر جو سنڌي ٻوليءَ پارسي زبان کان قبوليو آهي، سو آهي، سنڌي آئيويٽا يعني الف بي ۾ اضافو. پ- چ- گ پارسيءَ جا حرف آهن، جي سنڌي الف بي ۾ اهڙا شامل ٿي ويا آهن، جو اهو پتو ئي نٿو پوي ته اهي ڪي ڌاريا آهن.
ڪي پارسي لفظ پنهنجي اصلي شڪل ۾ ئي سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ طرح رائج ٿي ويا آهن، جو اهي پنهنجا لڳن ٿا ۽ نه صرف هرڪو ماڻهو انهن کي سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن کي پنهنجي روزمره گفتگوءَ ۾ رواني سان پنهنجن سنڌي لفظن وانگر استعمال ڪري ٿو. ڪي لفظ هي آهن:
دل، حسن، عشق، عاشق، دلبر، جنگ، آواز، آرام، خوشي، شادي، آباد، برباد، شاه، شهنشاه وغيره.
ڪن پارسي لفظن وري پنهنجي ٿوري گهڻي صورت بدلائي ڇڏي آهي. جهڙوڪ پارسيءَ جي پيرهن لفظ کي اسين پهراڻ چئون، لته کي لٽو، مزدور کي مزور ۽ مزدوريءَ کي مزوري، پالان کي پالاڻ، ڪنج کي ڪنڊ، ڪرته کي ڪڙتو، مرهم کي ملم چئون.
پارسي زبان جو سنڌي گرامر تي پڻ گهرو اثر آهي.
سنڌي زبان ۾ ڪيترا فعل پارسي زبان وارا مروج ٿي ويا آهن ۽ انهن کي اسان پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي. مثلاً: آزمودن مان آزمائڻ، خريدن مان خريدڻ، بخشيدن مان بخشڻ، فرمودن مان فرمائڻ.
پارسيءَ جا ظرف به اسين سنڌيءَ ۾ استعمال ٿا ڪريون جهڙوڪ: اڪثر، آخر، آئينده، بغير، جلد، هرگز وغيره.
۽ هي حرف پڻ عام جام استعمال ڪندا آهيون: اگر، مگر، البته، ليڪن.
ڪي حرف ندا اسان پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن: بس، خبردار، خوب، شاباس.
اسان سنڌي زبان ۾ ڪيتريون پارسيءَ جون اڳياڙيون ۽ پارسي اڳياڙين وارا لفظ استعمال ڪندا آهيون، جن مان ڪي آهن: هر، در، بر، با، بد، بي، با. اسان سنڌيءَ ۾ چئون ’بي ڍنگو‘. هاڻي ان جي اڳياڙي ’بي‘ جنهن جي معنيٰ آهي کان سواءِ، سنڌي لفظ ’ڍنگو‘ سان استعمال ڪيل آهي ۽ لفظ جي معنيٰ ٿي بي ترتيب. ساڳيءَ طرح چئون بي لڄو، بي پتو، بي ڌڙڪ.
ساڳيءَ طرح پارسي اڳياڙي ’هر‘ سنڌي لفظن سان ملائي چئون هرڪو، هرهڪ، هرڏينهن، هرهنڌ.
جهڙيءَ طرح پارسي اڳياڙيون سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پڇاڙيون پڻ استعمال ٿين ٿيون، جهڙوڪ ري، باز.
اسان سنڌي لفظ ’ٺڳ‘ جي پٺيان ’باز‘ لڳائي چئون ’ٺڳ باز‘ ساڳيءَ طرح چئون مڪي باز، ٺونشي باز، چالباز.
اسان سنڌيءَ ۾ خاص طرح ڪجهه وقت پارسيءَ جو انڪاري لفظ ’م‘ يعني ’نه‘ عام جام استعمال ڪندا هئاسين. جيئن: م ڪر، م چئو.
شاهه صاحب چوي ٿو:
هو چون تون م چؤ واتان ورائي
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
م ڪي رڙ، م ڪي رو، م ڪي ڪر ڪيهون
پارسي زبان جا ڪيترا محاورا ۽ لفظ اسان ساڳيا استعمال ڪندا آهيون يا انهن جا ترجما استعمال ڪندا آهيون.
ڪي جملا اسان ساڳيا پارسيءَ وارا ئي استعمال ڪندا آهيون:
همت مردان مدد خدا.
اول خويش پو درويش.
از تو حرڪت از خدا برڪت.
اول طعام بعد ڪلام.
سنڌيءَ ۾ هي پهاڪا پارسي پهاڪن جو ترجمو آهن: اسان چئون، ’جيڪو کڏ ٻين لاءِ کڻندو سو پاڻ ان ۾ پوندو‘. ان جو پارسي پهاڪو آهي ’چاه ڪندان را چاه درپيش‘.
اسان چئون ’ڪوه ولو پر پنڌ ڀلو‘. پارسيءَ ۾ چون: ’راه راست به رو گرچه دور است‘.
پارسي ۾ چون، آب نديده موزه ڪشيده. اسان چئون پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.
پارسي شاعريءَ جو به سنڌي شاعريءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري عروضي شاعري مقبول ٿي آهي. پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري ڪيتريون صنفون جهڙوڪ: غزل، مثنوي، قصيدو، مرثيه وغيره سنڌ ۾ مقبول ٿي ويا آهن.
پارسي شاعريءَ جي خيالن جو پڻ سنڌي شاعرن تي گهڻو اثر آهي، جيڪو شاه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي اڄ تائين هليو اچي. مثلاً: شاه ڪريم جو هي بيت:
پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،
جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
روميءَ جي هن شعر کان متاثر ٿي چيل آهي:
خار را از چشم دل گرير ڪني،
چشم جان را حق به بخشد روشني.

 سنڌ ويزن, Courtesy: Sindh Vision

نوٽ؛ مٿيون مواد علي مردان راهوجو جي ٿورن سان سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي

يوم ڪپور

يهودي مذهب ۾ هڪ ورهيه ۾ هڪ روزو 24 ڪلاڪن جو رکيو ويندو آهي. ان ڏينهن کي يوم ڪپور (Yom Kippur) چيو ويندو آهي. يهودي مذهب جي مطابق ان ڏينهن خدا اڳئين ورهيه لاءِ نصيب ۽ قسمت لکندو آهي. يوم ڪپور يهودي مذب ۾ سڀني ڏينهن کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته يهودي مذب ابراهمي مذهبن جو سڀ کان پهريون مذهب آهي ۽ مسيحي (عيسائي) مذهب ۽ اسلام پڻ ابراهمي مذهبَ آهن تنهنڪري انهن ٽنهي مذهبن ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون پڻ آهن.

آپريشن بِلو اسٽار

هندستان جي رياست پنجاب ۾ سِکن خلاف آپريشن بِلو اسٽار جي نالي سان هڪ خوني آپريشن ڪيو ويو هو.
هاڻوڪي امرتسر ۾ سِکن جي چوٿين گُرو رام داس هڪ تلاءَ جي کوٽائي ڪرائي ۽ ان تلاءَ کي امرت سروور جو نالو ڏنو، ۽ گُرو ارجن ان تلاءَ جي وچ ۾ ”ھرمندر“ جي تعمير ڪئي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ صوفي بزرگ حضرت ميان مير سنڌيءَ کي ان مندر جي پيڙھ جو پٿر رکڻ جي گذارش ڪئي.
جڏهن هندستاني آئين ۾ سک ازم کي الڳ مذهب مڃڻ بدران هندو ڌرم جو ئي هڪ فرقو سڏيو ويو ته سکن کي اها ڳالھ نه وڻي
سنت جرنيل سنگھ ڀنڊروالا اڪالي تخت سنڀاليندي ئي هندستان سان بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ امرتسر واري سونھري گُردواري کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بڻايو ته 1984ع ۾ جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ اندرا گانڌي جي حڪومت بلو اسٽار نالي آپريشن ڪندي اڪالي تخت ۽ گولڊن ٽيمپل تي ڪاهه ڪري ڇڏي.
ان ڏينهن هڪ سک گُروءَ جي ورسي هئي، جنهن ڪري وڏي انگ ۾ مرد عورتون ۽ ٻار سونهري درٻار اندر موجود هئا، گوليون لڳڻ سبب ڪيتريون ئي بي گناهه جانيون پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺيون.
قديم علمي لائبريري ڇار جي ڍير ۾ تبديل ٿي وئي.
پوءِ هندستان جي حڪومت پنهنجي خرچ تي گولڊن ٽيمپل جي ٻيھر تعمير ڪرائي، پر سکن ان کي نه قبوليو ۽ ان حڪومتي تعمير کي ڊاهي پٽ ڪري، سڄي دنيا جي سکن وٽان چندا گڏ ڪري سونهري گُنبذ جي ساڳي نموني ۾ اڏاوت ڪئي، جهڙي خوني آپريشن کان اڳ هئي.
سِکن پنهنجي پيارن جي خون ۽ عقيدي جي مينارن جي بي عزتيءَ کي برداش نه ڪيو ۽ آخر پنڊت جواهر لعل نهرو جي ڌيءَ ۽ هندستان جي پرڌان منتري اندرا گانڌي جي ڇاتي ۾ بارود لاھي پنهنجو انتقام ورتو.
افضل شر
نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا (فيسبُڪ) تان ورتل آهي

هاڻوڪي انسان جي آفريڪا ۽ ايشيا کان آمريڪا تائين سفر جي تاريخ

هاڻوڪو انسان اٽڪل ڏيڍ لک سال اڳ آفريڪا مان نڪري هاڻوڪي يمن پھتو، اهو عربستان جو ڏاکڻو علائقو وٺندي، ايران ان کان پوءِ سنڌ پھتا. اتان کان ٽن حصن ۾ ورهائجي، ھڪ اوڀر طرف نڪري ھندستان، کان انڊونيشيا ۽ اٽڪل 40 ھزار سال اڳ آسٽريليا پھتا. ٻيو حصو، پنجاب سرحد کان ٿيندي چين، سائيبيريا، الاسڪا ۽ اٽڪل 25 ھزار سال اڳ هاڻوڪي نارٿ آمريڪا پھتا. ٽيون حصو بلوچستان ايران ترڪي کان ٿيندي يورپ پھتو. ياد رھي ھي انساني سفر ھزارين سالن تائين ھزارين نسلن ڪيو آهي.
نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي

سيوهڻ ۽ شو ديوتا

اڳي سيوهڻ شو ديوتا جو مها مندر هو ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءّ شو جو لنگم اتان هٽايو ويو ، اهو سيوهڻ تي سيوهڻ نالو شوا جي نالي سان پيل آهي ، ”شو“ _ ”واهڻ“ معنا شو مهان ديوتا جو ڳوٺ، آستانو يا آشرم ۔ ڌمال ۽ نغارا جيڪي وڄايا وڃن ٿا اهي شو جي دهلڙي جو تسلسل آھن،  اڄ به جتي به مندرن ۾ توهان ويندوءّ شو جي تصوير سان جيڪي ٻيا نانگ بلائون لٽڪيل هونديون اتي انهن سان گڏ دهلڙي جو نشان به ضرور هوندو۔

جيئندي بهڻ

شهيد سورهيه بادشاه پير پاڳارو جي گرفتاري کان پوءِ سندس اُٺڻي قرار ڏنل بي قصور ”جيئندي بهڻ“  کي سندس ڀاءُ سائين رکيو بهڻ ”ڪاري“ قرار ڏئي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو.
هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن پهرين حُر بغاوت جيڪا 1893ع کان 18966ع تائين هلي هئي، انهيءَ حُر بغاوت جو اهم اڳواڻ بچو خاصخيلي هو، جنهن کي عام طور تي ”بچو بادشاه“ ڪري سڏيندا هئا. سندس ٽولي ۾ سائين رکيو بهڻ به هڪ هو. سائين رکيو بهڻ هڪ مشهور حر فقير ٿي گزريو آهي ۽ بچو بادشاه جي وزير سان مشهور پيرو وساڻ المعروف ”پيرو وزير“ سان گڏ انگريزن خلاف بغاوت ۾ ليوڪس واري زماني ۾ شهادت ماڻي.
رکيو بهڻ جي شهادت کانپوءِ سندس پٽ والي ڏنو بهڻ جيڪو پيءُ جيان هڪ مشهور حُر فقير ٿي گزريو آهي پنهنجي پيءَ جي نقش قدم تي هلندي ٻي حُر تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ بچوءَ جي انگريزن خلاف بغاوت ۾ هڪ مٿير جوان جيان حصو ورتو ۽ انهن حُرن مان هڪ هو جن کي پوءِ دکن ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني ختم ٿيڻ کان پوءِ ساڳي ئي جذبي سان حُر تحريڪ لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪندو رهيو.
نيٺ والي ڏنو بهڻ 14 مارچ 1942ع ۾ کينواري واري جنگ ۾ خيرپور ميرس جي ناظم تي حملي دوران 6 حُرن سان گڏ شهيد ٿي ويو. ۽ خيرپور رياست جو ناظم به 5 پوليس وارن سان گڏ مارجي ويو هو.
خانداني شهادتن ۽ مشڪل صورتحال باوجود شهيد والي ڏني جو جوان پٽ سائين رکيو بهڻ (ٻيو) جنهن تي پنهنجي شهيد ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو، سو حُرن جي ٽولن سان گڏجي ڪيترن ئي معرڪن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ اهم 20/ 21 مئي 1942ع مئي جي رات تي ٿر کان گزرندي هندستان ويندڙ ٽرين تي حملو ڪيو. ان کان سواءِ ٿر ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ تي پڻ گڏيل ٽولي جي مدد سان حملو ڪيو پر ايڇ ٽي لئمبرڪ معجزاڻي طور بچي ويو.
19 مئي 1942ع تي ڪوٽ نواب تي حملي سميت ڪيترن ئي ڪارواين ۾ حصو ورتو ، ۽ آخرڪار 25 مارچ 1946ع تي ڳوٺ عثمان هنڱورو ۾ ويڙه کان اڳ پيش پيو. ياد رهي ته انهيءَ ويڙه ۾ رستم هنڱورو شهيد جڏهن ته اله بچايو خاصخيلي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي ويو.
اسان هاڻ اصلي موضوع تي اچون ٿا ته جيئندي بهڻ ڪيئن .ڪاري“ قرار ڏئي شهيد ڪئي وئي.
جيئندي بهڻ جو ڀاءُ سائين رکيو پيش پوڻ کانپوءِ جڏهن سينٽرل جيل حيدرآباد پهتو ته جيل ۾ حُر تحريڪ جون ڪيتريون ئي ساروڻيون بيان ڪيون. ايڇ ٽي لئمبرڪ جو ڪتاب (Terrorist) سائين رکيو بهڻ جي ساروڻين تي مشتمل آهي. انهيءَ ڪتاب جوسائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب ترجمو ڪري ”حُر گوريلا جنگ“ جو نالو ڏئي 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪري چڪو آهي.
ڪتاب جي صفحي 566 ۾ لکيل آهي ته جڏهن جيئندي بهڻ جوان ٿي ته گل خان نظاماڻي ۽ سندس سوٽ خليفي هر هڪ پنهنجي پٽ لاءِ جيئندي جو سڱ گهريو، پر ان کي انڪار ڪيو ويو. ڪتاب جي صفحي 60 ۾ لکيل اهي ته محبت فقير ڪيل وعدي کي پاڙيندي والي ڏني جي گهر ڀاتين جي زيارت جي لاءِ پير سائين کان اجازت ورتي هئي. ان کان پوءِ ڪتاب جي 61 صفحي ۾ آهي ته پير سائين جڏهن زيارت لاءِ ٽائيم ڏنو ته جيئندي جي ماءُ جئيندي کي ٻانهن کان وٺي اوچتو پير سائين جي اڳيان وٺي آئي ۽ بطور اُٺڻي طور حوالي ڪئي ۽ پير سائين قبول ڪئي.
اڳتي هلي ڪتاب جي صفحي 142 کان 1466 ۾ تفصيل سان لکيل آهي ته داد محمد نظاماڻي جيڪو خليفي نظاماڻي جو پٽ هو، انهن پنهنجن ماڻهن سان گڏجي جيئندي تي ”ڪاري“ هجڻ جو الزام هڻي وساڻ ذات جي ڇوڪري کي ”ڪارو“ قرار ڏئي قتل ڪري پوءِ جيئندي جي گهر آيا ۽ کيس قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ( ياد رهي ته جيئندي جي اُٺڻي ٿيڻ کان اڳ خليفي نظاماڻي پنهنجي پٽ لاءِ جيئندي جو سڱ گهريو هو، پر بهڻن پاران انڪار سبب، اهو پلاند وٺڻ لاءِ اهو پلان ٺاهيو ويو).
جيئن ته ان وقت والي ڏنو بهڻ شهيد ٿي چڪو هو ۽ جيئندي جو ڀاءُ سائين رکيو گهر جو وڏو هو، سو نظاماڻين جو زور هو ته جي اوهان ڪاري ڪري کيس قتل نه ڪيو ته اسان خود قتل ڪنداسين. ان کان پوءِ بي قصور جيئندي کي هڪ واه جي ڪناري تي وٺي آيا، ان سان گڏ الزام هيٺ آيل قتل ٿيل وساڻ ڇوڪري جي لاش کي پڻ گڏ واه تي کنيو آيا جنهن کي پهرين قتل ڪري چڪا هئا. جيئندي جي ڀاءُ داد محمد نظاماڻي کي چيو ته منهنجي ڀيڻ ڪاري ناهي پر اوهان جو زور آهي ته کيس ڀلي قتل ڪيو.
اها ڳاله ٻڌي جيئندي رڙ ڪري چيو ته ” ڀاءُ ائين نه ڪجانءِ. جيستائين مان زنده آهيان. هي وحشي ماڻهو منهنجي جسم کي هٿ لڳائي نه ٿو سگهي. مري ويس ته ڪنهن تي ميار ناهي. مان تنهنجي هٿن ۾ مرڻ چاهيان ٿي. مان ائين آرام سان مري سگهنديس.
ڀاءُ! اڄ مان مرڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان.“
ڪتاب جي صفحي 1466 ۾ لکيل آهي ته سائين رکيو هڪ لمحي لاءِ سوچڻ کان پوءِ ڀيڻ جيئندي کي چيو ته، ” گهٽ ۾ گهٽ تون منهن ته ٻئي پاسي ڪر.“
سائين رکيو هن ڏانهن آخري ڀيرو نهاريو، سندس نظرون هر احساس کان خالي هيون. پوءِ هن پوتيءِ سان منهن ڍڪيو ۽ ڪنڌ جهڪائي چيو، ”هاڻي.“
”سندس ڀاءُ جي ٻِهٿڙي ڪهاڙي پوري سگه سان سندس ڪنڌ مٿان لٿي ۽ پوري جاءِ تي لڳي.
ڪتاب جي حوالن سان ڀلي ڪنهن کي اختلاف هجن پر جيئندي جي بي قصور ڪاري قرار ڏيڻ جو سانحو پيش آيو، جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس بي قصور شهيد ڪيو ويو.
سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب ڪتاب جي انتساب م لکي ٿو ته، ” آءُ هي قلمي پورهيو شهيد جيئندي بهڻ، شهيد والي ڏنو بهڻ ۽ ٻين شهيدن جي نالي سان منسوب ڪيان ٿو.
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.
حوالو 1؛ ڪتاب؛ حُر گوريلا جنگ، ليکڪ عطا محمد ڀنڀرو
حوالو 2؛ بشير ڪالاڻي جي فيس بُڪ وال

راجا وڪرمادتيه

جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌوءَ جي ساڃاھ ۾ لکي ٿو تہ ، مها راجا وڪرمادتيه جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي.
عمرو بن هشام حارث چون ٿا ته اصل ۾ شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ نبي پاڪ صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن سندس نالو بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي، جتي پهچي ماڻهو کي ڇوتڪارو حاصل ٿئي ٿي … اهو نظم قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو.
حوالو؛ ڪتاب: ڌرتي ماتا
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

سپتو

لفظ هَفِتِ جيڪو اصل ۾ فارسي لفظ آهي ان جي سنڌي معنا ست ٿئي ٿي ۽ ان کي سپت به چوندا آهن. جيئن ته لفظ هفت جيڪو ستن (ايڪاين) لاءِ استعمال ٿئي ٿو سو عام طور تي مهيني جي چوٿين حصي لاءِ استعمال ٿيندوآهي ۽ ان ۾ سَتَ ڏينهن هوندا آهن. ساڳئي نموني سنڌيءَ ۾ مهيني جي چوٿين حصي لاءِ لفظ سپتو (Sapto) استعمال ٿئي ٿو. قديم سنڌيءَ جي “س” سان شروع ٿيندڙ لفظ گهڻو ڪري قديم فارسيءَ ۾ “ھ ” سان شروع ٿا ٿين، ان قسم جو فرق اوهان کي قديم ڪتاب رڳ ويد ۽ فارسيءَ جي قديم ڪتاب اوستا ۾ ملندو مثال طور: جيڪو لفظ رڳ ويڌ ۾ سپت سنڌو استعمال ٿيل آهي، سو ساڳيو لفظ فارسيءَ جي ڪتاب اوستا ۾ هفت هندو جي نالي سان درج آهي، ان کان سواءِ سرسوتي نديءَ لاءِ هرهوتي ندي استعمال ٿيل آهي وغيره . ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي لفظ سپتو پهرين فارسي اثر جي ڪري ۽ ان کان پوءِ اردوءَ جي آڳانجهائي (غلبي) جي ڪارڻ هفتي ۾ تبديل ٿي پيو آهي، تڏهن به اڃان تائين گهڻا ماڻهو ان کي سپتو به چوندا آهن.

نوٽ؛ هتي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سومناٿ تي محمود عزنوي جي ڪاهه – فرضي قصو يا حقيقت

مخلتف ريسرچ اسڪالر ۽ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ تحقيقدان ان ڳالهه يا دعوا جي پڪن ثبوتن، سچائين ۽ مظبوط حقيقتن جي بنياد تي چيلينج ڪري رهيا آهن ته محمود غزنوي ڪو سومناٿ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڇو جو سومناٿ، افغانستان کان گهڻو پَري، انڊيا جي رياست گجرات جو ان زماني ۾ هڪ عام ڳوٺ هو ۽ ان زماني ۾ سومناٿ جي ڪا جاگرافيائي، سياسي يا اقتصادي اهميت ڪو نه هئي. ان زماني ۾ اتي ڪجهه عام مندر هئا، پر اهڙا ڪي به ثبوت نٿا ملن ته ان زماني ۾ اتي ڪو اهم مندر هو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اتي ڪو اهم مندر هو ۽ سومناٿ ڪو اهم شهر هئو ته پوءِ هندو پنهنجي روايتن موجب ان مندر يا شهر ڏانهن ياترا لاءِ ڇو نٿا وڃن، جيئن اهي پاڪستان جي ڪٽاس راڄ مندر يا سنڌ ۽ بلوڇستان جي حد تي هنگلاج ۾ نانيءَ جي مندر ڏانهن وڃن ٿا يا جيئن هندو بنارس ياترا يا ڪشمير ۾ ٿيرٿ ياترا يا گنگا اشنان وغيره تي وڃن ٿا. تنهنڪري لڳي ائين ٿو ته مسلمانن محمود عزنويءَ کي زوري عظيم مسلم هيرو ۽ جرنيل ظاهر ڪرڻ لاءِ سومناٿ جي سوڀ جو فرضي قصو گهڙيو هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نظر نٿو اچي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته محمود عزنوي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سال پهرين سڄو پنجاب پار ڪري، سنڌ جي ريگستاني علائقي ۽ پوءِ ڌٻڻن واري علائقي مان گذري، سفرن ۽ منزلن جا سور سهي وڃي گجرات تائين رسيو ۽ سندس رستي ۾ ڪنهن سان جنگ جي به ڪا شاهدي نٿي ملي. ڇا محمود عزنوي ۽ سنڌس هيڏي ساري لشڪر ڪا سليماني ٽوپي پائي رکي هئي جو اهو ڪنهن کي به نظر نه آيو ۽ سدو وڃي سومناٿ پهتو.
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ زرعي حوالي سان خوشحال ۽ سَرهي رڳو سنڌ هئي (ان زماني ۾ ڪشمير تائين جو علائقو لڳ ڀڳ سنڌ ئي هو)، اهي ئي ڪارڻ هئا جو سڀئي ٻاهريان ڦورو رخ سنڌ ڏانهن ئي ڪندا هئا. ان زماني ۾ سنڌو نديءَ جي ڪري، سنڌ ۾ ڪڻڪ، خوراڪ، وهٽن، ميون ۽ ڀاڄين جي گهڻائي جي هوند اصل ۾ ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ لاءِ انهن جي دل ۾ اِڇا يا خواهش پيدا ڪندي هئي. اهو ئي سبب هو جو محمود عزنوي سترانهن ڪاهون رڳو سنڌ ۽ پنجاب تي ڪيون ۽ پوءِ نيٺ ان سڄي پرڳڻي کي پنهنجي سلطنت يعني هاڻوڪي افغانستان ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
محمود عزنوي کي عظيم مسلمان سپهه سالار ظاهر ڪرڻ رڳو سياسي مقصدن لاءَ هو. ان جو حقيقتن يا سچائي سان ڪو لاڳاپو نه هئو. ڇو جو محمود عزنوي جي پنهنجي علائقي يعني باميان، افعانستان ۾ گوتم ٻڌ جا وڏا وڏا بُت موجود هئا، جيڪڏهن محمود عزنوي اهڙو ئي سچو بت شڪن هئو ته پوءِ ان افغانستان کان هزارين ميل پَري گجرات ۾ وڃي بُت ڇو ڀڳائين، هن سومناٿ ۾ موجود بتن کان به وڏا بُت جيڪي سندس علائقي ۾ موجود هئا سي ڇو نه ٽوڙيا. تنهنڪري اها ڳالهه ته محمود عزنوي پاران سومناٿ تي ڪاهه اسلام جي واڌاري لاءِ ڪئي وئي هئي جو حقيقتن سان پَري پَري تائين ڪو لاڳاپو نظر ڪو نه ٿو اچي. بلڪي محمود عزنوني ته پاڻ ايران، خراسان جي مسلمان رياستن تي ڪاهون ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو هئو.

نوٽ؛ هي مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن.
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي ڏاهي سانئڻ جيجي ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد

محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو.
باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طيءَ ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي.
سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جي تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوالَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سيد اعظم، سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي.
جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابترحال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اول العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي.
جيجي دُرِ شهوار مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 19722ع تي، يعني اڄ کان پورا 42 سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي:
“انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو!
“ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!”
ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس ۽ “تون مون کي حاجي چَئُه، مان توکي قاضي چوان” قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون.
اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ تها سان جي هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽ والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي!
جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي.
“زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو:
سک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
هاڻ جي تون جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو……” (12-1-1976)
هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو اثاثو (Assett) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي چڪو آهي.
جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو:
(1) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (2) شاهه لطيف تي تحقيق، (33)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (4)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد 1، (5) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (6)تحقيق جو طريقيڪار
آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!”

نوٽ؛ ڊاڪٽر دُر شهوار سيد تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

جي ايم سيد ۽ ڀٽو

ڄام ساقي، ڪجھه ورهيه اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ لکيو هو ته هو ۽ جي ايم سيد ٻيئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو ته در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ، چيائين ته مان ذاولفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نه ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي ته ڀلي ڄام ساقي کان تصديق ڪري جو اهڙي دعوا ڄام ساقي ڪئي آهي.
سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو ته پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه، شهيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاهه کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان ته ڀٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ائين نه ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌريو دوست انهيءَ تي روشني وجھي.  اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي. (محمد خان سيال)

نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا (محمد خان سيال جي فيس بُڪ وال ورتل آهي.

جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي لا۽ رنو

“ جنهن رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو ٖ قدرتي طور جي ايم سيد جي طبيعت ناساز هئي ٖ جي ايم سيد روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو ٖ ڀٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻڌي نہ سگهيو ٖ ان ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پو۽ صبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اها خبر ٻڌڻ سان سائين جي ايم سيد روئي پيو ٖ مون سائين کي چيو،  “سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون؟ “سائين پنهنجون اکيون مٿي کڻي جواب ڏنو تہ “مان ڪنهن جي موت زندگي تي نہ ٿو روئان، مون کي پنهنجي قوم جي بيوسي تي روئڻ ٿو اچي، اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪڇيو بہ نہ، اسان جي پاڪستان ۾ اها حيثيت آھي.“
( عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “ مجيب ۽ ڀٽو “ تان ورتل اقتساب صفحو نمبر 127 )

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

انٽرنيشنل هاسٽل ڪمرو نمبر 13

سنڌي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي جيئي سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شروعاتي منشور لکيو ويو ۽ ان جي جهنڊي جي ڊزائين به ان ڪمري ۾ ئي ٺاهي وئي هئي ۽ جساف جو شروعاتي بنياد، جي ايم سيد جي منظوري سان 1969ع ۾ اقبال ترين جي سرواڻيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اقبال ترين ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر بڻيو.

نوٽ؛ مٿي ڏنل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ تان) ورتل آهي.

فارسيءَ جو دور

فارسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويئي. شھرن ۽ ڳوٺن وارن مدرسن ۾ قنڌار کان مولوي گھرائي رکيا ويا، جن فارسيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جو پھاڪو انھن ڏينھن جي ڳالهه ڪري ٿو. جنهن جي ڪري سنڌين کي سنڌي زبان ۾، خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ ھئي ۽ علمي گفتگو ۽ بحث مباحثا به پارسيءَ ۾ ھئا. تاريخ، انشاءَ تفسير، حديث، ديوان، مثنويون ۽ سمورا ڪتاب پارسيءَ ۾ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ. حضرت مولانا شيدائي ص 520)
حوالو؛ ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ دادا سنڌي
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ابن بطوطا

ابن بطوطا (ابن بطوطه) جڏهن مصر جي بندر اسڪندريا تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ،  ابن بطوطه کي اڳواٽ چئي ڇڏيو هو ته: سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر

سومرن جي دور ۾ ٽن صدين اندر، جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو.
حوالو؛ اعجاز الحق قدوسي جي : تاريخِ سنڌ
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي تاريخ جا وساريل ورق

مخدوم عبدالله جو مدرسو:
مخدوم عبدالله ڀٽي، جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ هو. سندس اصل نالو راجڪمار ارجن پٽ وريو هو. ڪنهن درويش جي صحبت ۾ رهي مسلمان ٿيو. کيس روحاني فيض حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان حاصل ٿيو. هالن پراڻن (هالا ڪنڊي) ۾ اچي پنهنجي ديني مدرسو کوليائين. جنهن ۾ نه رڳو ظاهري علم جو درس ڏيندو هو، پر باطني علم سان به نوازيندو هو. هالن پراڻن جا مخدوم، هن بزرگ (ارجن عبدالله ڀٽي) جو اولاد آهن ۽ منجهن ڪيترائي وڏا عالم مدرس ۽ فاضل ۽ فقيهه پيدا ٿيا. هن بزرگ ستين صدي هجري جي آخر ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالواحد آريسر جا اسلام جي ٺيڪيدارن کان سوال

ڇا اسلام دهلي ءَ ۾ شاه ولي الله ۽ نظام الدين اوليا جي ذخيرن ۾ موجود نہ هيو؟ اسلام اجميري درگاه ۾ نہ هيو؟ڇا اسلام دارالعلوم ديوبند ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ختم ٿي ويو هيو.اسلام جي انهن ادارن کي هندستان ۾ ڇڏي اوهان ڀڄڻ ڇو مناسب سمجهيو؟اوهان کي جيڪڏھن اسلام سان محبت هجي ها تہ انهن جاين ڇڏي نہ اچو ها. اوهان جي ايم سيد تي بم ٿا ڪيرايو تہ هو اسلام کان ڦري ويو آهي،پراوهان حسين احمد مدني (جنهن 14 سال اوهانجي چواڻي روضه رسول۾پاڇي ۾ حديث پڙھائي) جي ڏاڙھي ۾ شراب هاريو،اوهان قرآن جي مفسر ابوالڪلام آزاد جي ڏاڙھي پٽي،اوهان احمد سعيد جهڙي پرهيز گار انسان کي پٿر هنيا. اوهان جي مُلن انقلاب جي پيغمبر عبيد الله سنڌي ءَ تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون. ان مان معلوم ٿيو تہ اوهان جو اسلام اوهانجو پيٽ آھي. اوهان جو خدا نفساني خواهشون آهن، اوهان جو رسول ڪليم ۾ ورتل جائدادون آهن. ( عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

بند مراد خان

حب ندي جي سنڌ وارين زمينن کي آباد ڪرڻ لاء برٽش حڪومت هڪڙي افغان ڪانٽريڪٽر خان بهادر مراد خان کي چوٽيه هزار ايڪڙ زمين ڏني هئي، مراد خان حب ندي جي انجنيئر مسٽر اي۔۔ مولي جي نگراني م حب ندي جي پيٽ کي هڪ پٿرن جو بند ڏياريو هو جيڪو بند مراد خان سڏجي ٿو۔

حوالو؛ The Hub: Baluchistan, Rivers, by A.W Hughes

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڪپھ يا وونئڻ

تاريخي لحاظ کان سنڌو ماٿري جي تهذيب ڪپھ جي فصل جو اصلي مرڪز رهي آھي ۽ اهڙيون شاهديون موئن (موهِن) جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت مليون آهن. هندو مذهب جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته سنڌي ڪپھ (Indus Cotton) جنهن کي ڪرپاسا يا ڪپھ سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ململ جي ڪپڙي جي ڌاڳي واسطي پوکي ويندي هئي. هڪ ٻئي مذهبي ڪتاب توريت ۾ آيل آهي ته ڪپھ جي ملائم ۽ عمدي ڪپڙي کي سنڌو سڏيو ويندو هو. اهو ظاهر ڪري ٿو ٿه ڪپھ جو اصلي پراڻو گهر سڌو ماٿري آهي.
سنڌ جي زرعي اڳڀرائي بابت هڪ عرب سياح جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته جڏهن حضرت عمر کانئس پڇيو ته سنڌ بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي، انهيءَجو جواب عرب سياح ٽن جملن ۾ ڏنو ته سندس درياءَ موتي آهن، سندس جبل ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن.
جڏھن تاريخي حوالن سان اهو به چيو وڃيٿو ته حضرت عيسيٰ کي جڏهن پنهنجي قوم صليب يا تختدار تي چاڙھيو پئي، تڏهن به کيس سنڌ جو ڪپڙو پاتل هو. مطلب ته قديم تاريخن مان اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪپھ جو قديم گهر سنڌو ماٿري ئي هو.
تيرهين عيسوي صديءَ جي مشھور سياح مارڪو پولو جي لکڻين مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جو ڪپڙو اهڙو ته نفيس ۽ سنهڙو هو جو هٿ لائڻ سان ڄڻڪ محسوس ئي نه ٿيندو هو. اهو ڪپڙو ڌوئي جڏهن گاھ تي سُڪڻ لاءِ وڌو ويندو هو ته مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندو هو.
ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر سنڌ جو دورو ڪندي ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم آگي، جيڪو وچين ۽ ڏاکڻي سنڌ جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو آهي. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا.
اوائلي ۽ جديد دؤرن ۾ سنڌ جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. سنڌ جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، سنڌ جو ڪپڙو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي.
حوالو: سنڌ جافصل جديد پوک ۽ پيداور، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع
علي بابا
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
” او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
” او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو.”

“Courtesy: Sindhi Novel “Mohen Jo Darro

هندو معنا سنڌي

لفظ هندو (Hindu) نه ته سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ نه ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو لفظ آهي. هندو ڪنهن مذهب يا ڌرم جو نالو ناهي. ڇو جو ڪنهن به پراڻي ويد ۾ لفظ ”هندو“ جو ڪو ذڪر ئي ٿيل ناهي. سنسڪرت ۾ سنڌو ندي جي لاءِ ”سنڌو“ لفظ آهي. فارسي (پارسي) زبان ۾ لفظن جي شروع ۾ اکر ”س“ کي ”هه“ سان بدلائڻ جو لاڙو رهيو آهي. تاريخدانن پهريون دفعو لفظ ”هندو“ سنڌو دريا جي لاءِ ڪتب آندو. زنداوستا ۾ به ان کي هندو دريا سڏيو ويو آهي ۽ ان جي ڪناري تي رهڻ وارن کي به سنڌي جي بدرآن ”هندو“ سڏيو ويو آهي.
517 قبل مسيح ۾ جڏهن فارس جي شاهه دارا (داريوس) اول جڏهن پنهنجي سلطنت سنڌو دريا تائين پهچائي ورتي ته سنڌ رهاڪو به ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا، جن کي اهي ”هندو“ چوندا هئا. ان کان پوءِ يونانين ۽ آرمينيائي تاريخدانن پڻ اهو اُچار جيئن جو تيئن ئي رکيو. ٿر جي پار واري علائقي کي ڀارت چيو ويندو هو.
ويدن جي مڃڻ وارن کي ڪڏهن به هندو نه سڏيو ويو آهي. انهن کي سنتنا ڌرما سڏيو ويو آهي. ڇو جو هندو رڳو سنڌو دريا جي ڪناري رهڻ وارا سڏيو ويندو هئا.

يورپ ۽ هندوستان

هڪ ڪاٿي موجب 1750ع کان 1850ع جي دور تائين يورپ ۽ هندوستان جي هر فرد جي آمدني هڪ جيتري هئي. پر يورپ جي سخت سياري جي ڀيٽ ۾ هندوستان جي گرم موسم سبب، هندوستان ۾ رهندڙن جي زندگيءَ جو معيار يورپ وارن کان وڌيڪ سٺو هو.
پر پوءِ به سرمائيداراڻو جمهوري انقلاب هندوستان ۾ نه آيو. ڪارل مارڪس ان جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هندوستان جا ڳوٺ ايشيائي نموني جي پيداوار سبب پاڻڀرا هئا. پر جيئن ته هاري ڪڏهن به سرمائيداري انقلاب جو هر اول دستو نه رهيا آهن، ڇو جو اهي قدرت تي ڀاڙڻ وارو قدامت پرست طبقو آهن. گرامچيءَ جي ”بي عمل مزاحمت“ جي نظريئي جو لاڳاپوبه سامراجي دور سان آهي، نه ڪي ”آزاد سماج“ سان. ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي ته يورپ جا ڏاها (دانشور) بهادر هئا ۽ اهي پادري ۽ بادشاهه جي اختيار (اٿارٽي) کي چيلينج ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همٿ رکندا هئا، پوءِ ڀلي کين زهر جا پيالا پيڻو پيا، جيئرا ساڙيا ويا، ڦاهين تي ٽنگيا ويا ۽ سندن سِر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا.
جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جاڳرتا جي تحريڪ، فرانسيسي انقلاب جو روپ وٺي رهي ئي هئي ته ان زماني ۾ هندوستان، ترڪي، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ماٺار لڳي پئي هئي.

Courtesy: Social media