يورپ ۽ هندوستان

هڪ ڪاٿي موجب 1750ع کان 1850ع جي دور تائين يورپ ۽ هندوستان جي هر فرد جي آمدني هڪ جيتري هئي. پر يورپ جي سخت سياري جي ڀيٽ ۾ هندوستان جي گرم موسم سبب، هندوستان ۾ رهندڙن جي زندگيءَ جو معيار يورپ وارن کان وڌيڪ سٺو هو.
پر پوءِ به سرمائيداراڻو جمهوري انقلاب هندوستان ۾ نه آيو. ڪارل مارڪس ان جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هندوستان جا ڳوٺ ايشيائي نموني جي پيداوار سبب پاڻڀرا هئا. پر جيئن ته هاري ڪڏهن به سرمائيداري انقلاب جو هر اول دستو نه رهيا آهن، ڇو جو اهي قدرت تي ڀاڙڻ وارو قدامت پرست طبقو آهن. گرامچيءَ جي ”بي عمل مزاحمت“ جي نظريئي جو لاڳاپوبه سامراجي دور سان آهي، نه ڪي ”آزاد سماج“ سان. ڳالهه بلڪل صاف پئي آهي ته يورپ جا ڏاها (دانشور) بهادر هئا ۽ اهي پادري ۽ بادشاهه جي اختيار (اٿارٽي) کي چيلينج ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ ۽ سوال ڪرڻ جي همٿ رکندا هئا، پوءِ ڀلي کين زهر جا پيالا پيڻو پيا، جيئرا ساڙيا ويا، ڦاهين تي ٽنگيا ويا ۽ سندن سِر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا.
جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جاڳرتا جي تحريڪ، فرانسيسي انقلاب جو روپ وٺي رهي ئي هئي ته ان زماني ۾ هندوستان، ترڪي، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ ماٺار لڳي پئي هئي.

Courtesy: Social media