پِي لِنگ هُئانگ

پِي لِنگ هُئانگ (Pei-Ling Huang) اصل تائيوان جي آهي. ھيءَ مائي آمريڪا جي جڳ مشھور ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي وائي وارن سُرن ۽ انھن جي مدد سان ماڻھن جي نفسيات ۾ فھم فضيلت آڻڻ ڪيئن ٿيڻ جوڳي آھي، جي پس منظر ۾ ته جيڪڏھن انھن سرن کي جديد ترتيبون ڏئي آڻجي جو لطيف جي واين کي ماترن (Meter) آڌار ڪيئن لکي سگهجي جو اولهه جا سنگيتڪار به وائيءَ جي ڌنن کي سندس جديد سازن سان ڇيڙي سگهن. ان تي ھيءَ پي ايڇ ڊي ڪري رھي آھي.

ھوءَ پھريان ته ھر ورهيه آمريڪا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي سلسلي ۾ ٻه ٽي مھينا سنڌ ايندي ھئي، پر ھاڻي فيلڊ ريسرچ لاءِ سڄي سال لاءِ ڀٽ شاھ تي رهي ٿي. جتان اها استاد منٺار فقير کان وائيءَ جو سرُ ۽ گُر سکي ٿي. ان کان پھرين ھن صوفي موسيقيءَ جي مک سازن جيئن طبلو ۽ ستار وڄائڻ سکيو آهي. ھوءَ ھالا ڀرسان ڳوٺن ۾ وڃي ماين مردن کان وائيءَ بابت لوڪ خيال ٻڌي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪيئن ”وائيءَ“ جي ڪري ھتي جي ماڻھن ۾ ماٺارپ جو مادو ملي ٿو.

نوٽ؛ پِي لِنگ هُئانگ تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

لڇمڻ سنگهه

لڇمڻ سنگهه: سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق

لڇمڻ سنگهه ٿر جي هڪ شهر ڇاڇري جي هڪ وڏي ۽ مشهور شخصيت هئو. 1977ع جي هڪ رات اُٺن تي چڙهي پنهنجي پريوار يا آڪهه (خاندان) سان ٿر سان لڳندڙ ڀارت جي سرحد پار ڪري راجسٿان جي رياست ڏانهن هليو ويو. صبح جو مقامي ماڻهن ڏٺو ته سندس گهر جا ڏيئا ٻرن پيا پر لڇمڻ سنگهه ۽ ان جي آڪهه موجود ڪونهي. ان کان پوءِ سندس ڀارت وڃڻ جي خبر ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. لڇمڻ سنگهه پنهنجو اباڻو وطن ۽ گهر ڇو ڇڏيو ان جا اڄ ڏينهن تائين ڪي به وچور يا تفصيل آڏو نه اچي سگهيا آهن.

فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ لڇمڻ سنگهه قانون ساز اسيمبليءَ جو رُڪن رهي چڪو هو. سندس پِتا (والد) لال جِي پڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو رُڪن چونڊيو ويو هو ۽ 1936ع ۾ سندس ڏاڏو کجي سوڍو پڻ سنڌي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو هو.

لڇمڻ سنگهه کي ڀارتي شهريت ملڻ کانپوءِ اتان جي پئنچائت جو مُکي (سرواڻ) پڻ چونڊيو ويو هو.

پاڪستان جي پرڌان منتري يا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي راڻي چندر سگهه، مير علي بخش ٽالپور کي انڊيا موڪليو هو ته جيئن اهي سنڌ مان لڏي ويل لڇمڻ سنگهه کي ڀارت مان واپس سنڌ اچڻ تي راضي ڪري سگهن، پر لڇمڻ سميت ساڻس گڏ لڏي ويلن واپس سنڌ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

لڇمڻ سنگهه 82 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.

جمائما خان

جمائما خان دنیا جي نوي امیر ترین شخصن مان هڪ سر گولڊ سمٿ جي ڌيءَ آهي. توڻي جو اها يهودي گهراڻي ۾ ڄائي هئي، پر پاڻ ذاتي طور تي سيڪيولر ذهن رکندڙ انسان آهي. هن 1995ع ۾ عمران خان سان پرڻو ڪيو هو. 2004ع ۾ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. جمائما، عمران خان جي ٻن پُٽن جي ماءَ پڻ آهي.

جي ايم سيد

سنڌ جي سماج ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سيد هجڻ به ڪمائيءَ جو ذريعو آهي، ان سيد جو وري سجاده نشين هئڻ ويتر وڌيڪ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي ۽ ان جو وري سياست ۾ هئڻ ٻه چار وکون وڌيڪ ڪمائيءَ وارو آهي. سيد کي سنڌ جي سماج مان مالي طرح لاڀ ماڻڻ جا مٿيان ٽي ذريعا آهن. سيد به آهي، سجاده نشين به آهي، سياست به ڪري ٿو، پر اڃان به وڌيڪ، سيد فلسفي به آهي، ليکڪ به آهي پر انهن پنجن منجهان هن درويش ذاتي فائدو ڪو به حاصل نه ڪيو آهي، هن ڪي به ٻه چار پيسا ڪو نه ڪمايا آهن. هن ڪنهن کان به ڪجهه ڪونه ورتو آهي، سڀني کي رڳو ڏنو اٿس. هن هتان جي سماج ۾ نظر نياز ۽ ٻي اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي وارن امڪانن کي آرادي سان رد ڪري هڪ نئين رسم شروع ڪئي آهي!
(چاچو حفيظ قريشي)

نوٽ؛ جي ايم سيد تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن.
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

پڙھيو پڙھيجاءِ

سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول : ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“

نوٽ؛ حشو ڪيولراماڻي جو هي قول سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي ڏاهي سانئڻ جيجي ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد

محمد ابراهيم جويو
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو.
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو.
باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طيءَ ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي.
سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جي تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوالَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سيد اعظم، سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي.
جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابترحال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اول العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي.
جيجي دُرِ شهوار مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 19722ع تي، يعني اڄ کان پورا 42 سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي:
“انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو!
“ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!”
ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس ۽ “تون مون کي حاجي چَئُه، مان توکي قاضي چوان” قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون.
اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ تها سان جي هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽ والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي!
جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي.
“زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو:
سک رمز وجود وڃاوڻ دي
نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي
هاڻ جي تون جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو……” (12-1-1976)
هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو اثاثو (Assett) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي چڪو آهي.
جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو:
(1) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (2) شاهه لطيف تي تحقيق، (33)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (4)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد 1، (5) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (6)تحقيق جو طريقيڪار
آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!”

نوٽ؛ ڊاڪٽر دُر شهوار سيد تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں

ڈاکٹر آکاش انصاری کی شہید نذیر عباسی کے لیے لکھی گئی سندھی نظم

ترجمہ ابراہیم صالح
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں ،
پاسبانان ظلمت کے ہاتھوں اگر ،
مرے گمگشتہ سب ساتھیوں کی طرح ،
گر میں مارا بھی جاؤں کہیں نہ کہیں ،
اشک گریاں سے پلکیں بھگونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
گر یہ شاہی قلعے کی فصیلیں تجھے ،
میری موجودگی کا پتہ بھی نہ دیں ،
اور دلائل کے منحوس زندان پر ،
منڈلاتی ہوئی گدھ چیلین تجھے ،
خوں آلودہ چونچوں سے محو متن ،
کچھ بتا بھی دیں ..
ماری ماری تھکی ، در بدر تو پھرے ،
شام غم بھی اگر ، تجھ کو یوں دیکھ کر ،
تیری حالت پہ پرسہ و ماتم کرے،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
یہ تقاضاۓ خوں عباسی ہے ماں،
جسم اپنے کو تحفے میں دوں کھرچیاں،
کب تلک بنر ذہن و ضمیر و زبان ،
کب تلک وطن پر وردیاں وردیاں ،
ایسے حالات میں ،جبر کی رات میں ،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں…..
(ترجمہ ابراہیم صالح)

جي ايم سيد ۽ ڀٽو

ڄام ساقي، ڪجھه ورهيه اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ لکيو هو ته هو ۽ جي ايم سيد ٻيئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو ته در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ، چيائين ته مان ذاولفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نه ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي ته ڀلي ڄام ساقي کان تصديق ڪري جو اهڙي دعوا ڄام ساقي ڪئي آهي.
سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو ته پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه، شهيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاهه کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان ته ڀٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ائين نه ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌريو دوست انهيءَ تي روشني وجھي.  اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي. (محمد خان سيال)

نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا (محمد خان سيال جي فيس بُڪ وال ورتل آهي.

سرور سهتي جو وڇڙو

جيئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ (جسم) جو چيئرمين پروفيسر سرور سهتو لاڏاڻو ڪري ويو.
سرور سهتو 80 واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ فزيڪل ٽريننگ جو انچارج هيو. مسلم هاسٽل ۾ ٻين ماڙ تي سندس گهر هئو. گهر ڇا هو جو سموري قومي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ اڻ اعلانيل آفيس هئي.
سرور سهتي، جيئي سنڌ جي اسڪولي ٻارن لاءِ تنظيم جيئي سنڌ لطيف سنگت قائم ڪيائين. جنهن جو جي ايم سيد کيس نگران مقرر ڪيو. توڙي جو ان وقت سرور سهتو، جيئي سنڌ محاذ جا مرڪزي اڳواڻ هئو پر پنهنجي هن قومي ذميواري کي ڀرپور نموني سان نڀايائين ءِ سڄي سنڌ جي مک هاءِ اسڪولن ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگ  (ج.س.ل.س) جون شاخون کوليائين.
سندسن نگراني ۾ جيئي سنڌ جي ٻارڙن جي هن تنظيم مان جمال ناصر بلو، سوجهرو سنڌي، عرفان مهدي، ليمون مل سنڌي، شهيد منير خان چولياڻي، رياض چانڊيو، سليم حيدري، گل سنڌي، امير حمزو انڙ جهڙا مک قومي ڪارڪن پيدا ٿيا.
پروفيسر سرور سهتو تمام پڙهيل ڳڙهيل، پڙهائي لکائي وارو ءِ ٿڌي طبيعت وارو انسان هيو. حيدرآباد شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جيئي سنڌ کي منظم ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين به رهيو.

نوٽ؛ سرور سهتي تي لکيل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

مخدوم محمد زمان طالب المولا

1936ع ۾ جڏهن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم ۽ ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون.
هن کي شروع کان ئي وٺي علم ۽ ادب جي واڌاري جو شوق هو. جنهن ڪري هالا ۾ ”الزمان“ نالي هڪ پريس کولرايائين، جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ سندن سرپرستي هيٺ ڪڍيون ويون.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ارتفاق

شاهه ولي الله جا نظريا
شاه ولي الله جو سماجي نظريو ”ارتفاق“
انساني سماج ۾ جيڪو نظام، خاندان جي بنياد تي ايڪي کان ترقي ڪندو بين الاقوامي سطح تائين پکڙجي وڃي ٿو. شاهه ولي الله ان کي ”ارتفاق“ چيو آهي ۽ ان کي چئن درجن ۾ ورهايو آهي. جيئن ته اهو هڪ ارتقا ڪندڙ عمل آهي، ان ڪري ”ارتفاق“ کي ”ارتقا“ جي هم معنيٰ لفظ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حقيقت ان کان ڪجهه مختلف آهي.
”ارتفاق“ عربي لغت جي اعتبار سان ”افتعال“ جي باب جو مصدري صيغو آهي. جيئن ”اختيار“ ”احتياط“ ”اقتباس“ ”ارتقاء“ وغيره ”ارتفاق“ جو مادو ”ر ف ق“ آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”نرمي /هم آهنگي پيدا ڪرڻ“. عربي ۾ دوست کي ”رفيق“ به ان معنيٰ ۾ چئبو آهي جو گڏجي رهڻ، ڪم ڪرڻ يا سفر ڪرڻ سان پاڻ ۾ هڪ قسم جي نرمي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي ويندي آهي. هاڻي سوال آهي ته ”نرمي“ يا هم آهنگي جو مفهوم هتي ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟ اچو ته ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته شاه ولي الله ان لفظ کي ڪيئن هڪ جامع مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي!
هن ڌرتي جي گولي تي انسان ۽ ٻين حيوانن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي سرگرمين سان قدرتي ماحول ۾ جيڪي تبديليون پيدا ڪيون آهن انهن سڀني کي پنهنجي ذهن مان ٿوري دير جي لاء موبائل جي ميسيج وانگر ڊليٽ ڪري ڇڏيو! هاڻي اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انسان ۽ ٻيا سمورا حيوان اگهاڙا زمين تي موجود آهن. هاڻي ڏسو ته انسان سميت سڀني حيوانن کي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون آڏو اچن ٿيون، جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته شين ۾ هڪ درجي جي ڏکيائي ۽ ”سختي“ آهي. مثال طور انسان جي جسماني ڪيفيت اها آهي ته هو زمين تي قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ ۽ بين اناجن مان براه راست غذائي ضرورتون پوريون نٿو ڪري سگهي جيستائين ڪجهه محنت جي ذريعي ان جي ”سختي“ کي ”نرمي“ ۾ تبديل ڪري ان کي ”اٽو“ بڻائي ، وري ان ۾ اڃا به وڌيڪ تبديلي ڪري ان کي ”ڳوهيل اٽو“ بڻائي ان کان پوء باهه تي پچائي لذيذ مانيءَ جي شڪل ڏئي. سڌو سنئون ڪڻڪ جا سنگ يا داڻا کائيندو ته سندس وات يا پيٽ جو حشر ڪهڙو ٿيندو؟ اهو اسان آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. اهڙي طرح سيءَ ۽ گرمي کان بچڻ جا طريقا ڏسو! ۽ آخر ۾ هوائي جهاز ۽ پوء خلائي مشينن تائين هليا وڃو!
هاڻي قدرتي شين مان فائدي وٺڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ ”سختي“ هئي ان ۾ عقل ۽ جسماني محنت جي ذريعي ”نرمي“ پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جو نالو ”ارتفاق“ آهي پوء اهو ”ارتفاق“ قائم ڪرڻ ۾ انسان سميت سڀني جانورن جي عقلي ۽ جسماني صلاحيتن جي درجه بندي آهي. هر هڪ ”نوع“ جو پنهنجو پنهنجو ”ارتفاق“ آهي. انسان جي لاء ماحول گهڻو سازگار ناهي ته ان کي عقل وڌيڪ ڏنو ويو آهي ته جيئن اعليٰ درجي جو ”ارتفاق“ قائم ڪري سگهي ۽ جانورن کي عقل گهٽ آهي ته انهن جي لاء زمين تي موجود شيون اڳواٽ ئي اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو انهن کي سدو سنئون فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص رڪاوٽ پيش نٿي اچي، تنهن ڪري انهن جي ”ارتفاق“ کي هڪ درجي تي ”منجمد“ ۽ ”فريز“ ڪري ڇڏيو ويوآهي. شاهه ولي الله جي فلسفي ۾ ۽ فلسفين موجب پڻ حيوانن جي عقل جا درجا مختلف آه،ن تنهن ڪري ارتفاق جي درجن ۾ فرق آهي.

Courtesy: حجت الله البالغه + Social media

ڪامريڊ جمال الدين بخاري

منظور ڪوهيار

مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾ ، دهل تي ڏونڪي مثل.

1976ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو تهBetween fire and water ڇاکي چئبو آهي.

سائين مولوي نور الدين فرمايو: “ڪميونزم سراسر غلط آهي.“   

ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميو نزم سيکاري ٿو …تون وري چوين ٿو ،ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، ربي،عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“

”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“

”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو.

”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“

”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ….مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ….اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو….؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“

”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي… پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي …خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو ،مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه…اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“

ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي.

1976ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. 1977ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو :

”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ….بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“

مون چيو، اڄ خير نه آهي …. گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي…

مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو:

”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين.

”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو .

”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي …؟“ڪامريڊ پڇيو.

”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو.

”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.

”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس…..جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو ، پر ڇا ٿيندو …؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي…. مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ .. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو! ؟“

ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون …..“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو .

”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه …؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه….؟ تبديلي آئي آهي ايا نه …..؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي …پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو …؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو …؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو …؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو …؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو…؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي …. ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي …؟“

ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو:

”اري بيٽي .. ميري دانت لائو…!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا:

”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ….. ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي … اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي … هڪ ڪيو آهي … ته اسان کي چوڻ کپي … ٻه ڪر…! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو … اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس … ٻيڻا وٺ…! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو … ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ …! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو …ائين نه ڪري ….. هيئن ڪري….. مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ….. چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي … پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن … وڌڻ ڏيوس …!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو.

”اري بيٽي!… هماري لئي چاءِ لائو …!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو .

”هڪڙي ڳالهه ٻڌ…! اسان جا دوست بيوقوف آهن … اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن … هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان … ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو….گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو … هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو:

اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا ؟

خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس:

”نه …“ مون وراڻيو.

”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“

ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به.

منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم.

منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش 14 مارچ 1900ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا.

ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب 1919ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين.

1920ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين .

1925ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.1927ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. 1930ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. 1939ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. 1940ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1940ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. 1942ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل1948ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو.

1949ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1960ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“

مون چيو؛”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو.آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو :

”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“

مون کلندي وراڻيو، ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ”هن جو دماغ گرم آهي.هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو ، ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘

پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي.

سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي:

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“

سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون.

زندگي جا 22 سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري 12 ڊسمبر 1984ع ۾ گُـــل ٿي ويو .

پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي .

کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي:

جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري،

ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري.

Courtesy: Sindh Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=255
Reference book: ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر

Hashu Kewalramani حشو ڪيولراماڻي

مدد علي سنڌي

1986 ۾ ھري موٽواڻي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو آيو۔ ان وقت حشو جئيرو هو۔ مون کانئس حشو جو حال احوال پڇيو هو۔ هن ٻڌايو هو، مدد سچ پڇين ته حشو تمام ڏکي زندگي گذاري رهيو آھي، ڪڏھن الهاس نگر ريلوي اسٽيشن جي ڪنهن پليٽ فارم تي، ته ڪڏھن ڪڏھن شمشان گهاٽ ۾ رات وڃي رهندو آ ھي۔ سنڌ جو هي تمام وڏو ماڻھو ممبئي جي فوٽ فاٿ تي پنڌ ھلندو آھي ۔ڪنهن ماني کارائي ته واهه نه ته بک تي پيو گذاريندو آهي۔ آئون جڏھن به پنهجي متائي جي دڪان تي ويتو هوندو هئس ت هو مون وٽ ايندو هو ۔ کائنڻ لاء فقط مون کان مرملا يا پڪوڙا گهرندو هو ۔ هڪ ڀيرو آئون دڪان تي نه هجان ته حشو اچي نڪتو ، منهنجي پٽ کان مرملا ۽ پڪوڙا گهريائين پرمنهنجي پٽ کيس دڙڪو ڏئي اتان وڃڻ لاء چيو پر هو بيتو رهيو ايتري ۾ آئون به اچي پهتس پريان کان ڏتم ته منهنجو پٽ حشو کي دڙڪا ڏئي اتان کان وڃڻ لاء پيو چئي آئون ڊوڙندو آيس ته پوء مون پنهنجي پٽ ۽ دوڪان وارن کي چئي ڇڏيو ته جڏهن به هي ماڻھو دڪان تي اچي ته کيس مرملا ۽ پڪوڙا ڏئي ڇڏجو ، ۽ ڪڏھن به هن کان پيسا نه وٺجو. ان مهل حشو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي چئيائين ته هري هنن
ماڻھن کي ڪهڙي خبر ته حشو ڪير آھي؟ حشو ڪو عام ماڻھو ڪونهي، حشو جو قدر سنڌ وارا ڪندا، هو مونکي چڱي طرح سڃاڻن ٿا ۔ وڃي جي۔ ايم۔ سيد کان پڇو۔ شيخ اياز کان پڇو۔ علام قاضي کان پڇو۔ فيلڊ مارشل محمد ايوب به مونکي سڃاڻي،
ذوالفقار علي ڀٽو ، ۽ ان جو والد سر شاهنواز به مون کان واقف آهن، اي۔ ڪي۔ بروهي منهنجو دوست آھي۔ وزير اعظم اندرا گانڌي مون کان صلاحون وتندي آھي، هي سنڌي واڻيا اصل ڪڏھن به نه سڌرندا۔ جلد آئون سنڌ ويندس، اتي سنڌي منهنجو قدر ڪندا ۽ پوءِ اچي تقرير ۾ پيو۔ مون هٿ ٻڌي مافي گهري، تڏهن وڃي مات ٿيو پوءِ اخبار ۾ مرملا ۽ پڪوڙا کڻي آھستي آھستي وکون کڻندو پاڻ سان ڳالهائيدو هليو ويو۔ آئون کيس ويندو ڏسي ڏاڍو رنو هئس۔


هري اهو ٻڌائي چپ ٿي ويو هو، اسين ان مهل ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءِ جي ڪناري بيٺا هئاسين ۽ علي بابا جي گهران ٿي واپس وريا هئاسين، جو هو گهر ڪو نه هو، اسان جي سامهون وھندڙ سنڌو درياءَ ھو، اسان جي ڀر ۾ شوڪت شورو، ماٺ ڪري اهو سڀ ڪجه ٻڌي رهيو هو، ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا هئا. مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو، شام جي اونداهي آهستي آهستي ڇانئجي رهي هئي، ڪي ولر کان وڇڙيل پکي ڪوٽڙي ڏي وڃي رهيا هئا ۽ آسمان تي هڪ اڪيلو تارو ٽم ٽم ڪري رهيو هو۔

مدد علي سنڌي، حشو ڪيولراماڻي ن وسرندڙ شخصيت مان آلين اکين سان کنيل هڪ لازوال ياد

نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي

Albert Camus اَلبرٽ ڪاميو

Don’t walk behind me; I may not lead. Don’t walk in-front of me; I may not follow you. Just walk beside me and be my friend. ~ Albert Camus

Translation into Sindhi

منهنجي پٺيان نه هَل; شايد آئون اڳواڻي نه ڪري سگهان. منهنجي اڳيان نه هَل; شايد آئون پيروي نه ڪري سگهان. مون سان گڏ هَل ۽ منهنجو دوست ٿي وڃ. ~ اَلبرٽ ڪاميو

۽ جڏھن پليجي ڳالھايو

ڪارو ھجي يا گورو ھجي، سنڌي ڳالهائي يا يوناني ڳالهائي، جرمني ڳالهائي، پنجابيڳالهائي اسانجو عزيز آھي، قريب آھي. انسانيت جي رشتي جي ناتي– انسانيت زندہ آباد، اھو اسانجو ايمان آھي. اھا لطيف جي تعليم آھي. پر پنھنجي ملير جي عزت جي حفاظت ڪرڻ اسانجو پهريون فرض آھي. پنھنجي وطن، پنھنجي مارن، پنھنجي ڌرتي، پھاڙن، ميدانن، جبلن، سرزمينن، دريائن، ھڪ ھڪ شئي ۽ ھڪ ھڪ وڻ، گاھ جي ھر ھڪ ٻوٽي ۽ پنَ تي اسانجو حق آھي. اھو اسانجو آھي ۽ اسانجو ئي رھڻ کپي. اسين ان جا مالڪ ۽ وارث آھيون ۽ دنيا جي ڪنھن بہ ماڻھون کي اھو اختيار ناھي تہ ھو ان ڏانھن اک ميري ڪري ڏسي

امرجليل

منهنجي واتان جيڪي تون ٻڌڻ چاهين ٿو، سو مان چوڻ لاءِ تيار نہ آهيان ۽ جيڪي مان چوڻ چاهيان ٿو، سو تون ٻُڌڻ لاءِ تيار نہ آهين . تون ۽ مان هڪ ٻئي جو ضد آهيون. تنهنجو منهنجو فيصلو تاريخ جي صفحن ۾ ٿيندو. امرجليل

شھید بختاور لاشاري Shaheed Bakhtawar Lashari

سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي ’بختاور‘، ذات جي لاشاري هئي ۽ تعلقي عمرڪوت جي هڪ ننڍڙي شهر ”ٽالهيءَ“ جي ڀر ۾ ’هئدي لاشاريءَ‘ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو هئائين. اهو ڳوٺ احمدي ڀائيچاري (ڪميونٽي) جو حصو هو، -جن- کي اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل -جاگير- هئي، جيڪا ’احمدي اسٽيٽ‘ جي نالي سان سڏي ويندي آهي. هنن کي اها -جاگير، -انگريز سرڪار، 1914ع ۾ انعام طور عطا ڪئي هئي.
مائي بختاور جي شهادت جو پسمنظر هن ريت آهي ته 1930ع ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام، جمشيد نسروانجي، پروفيسر گوڪلي، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو هو. ان جي ڪم کان متاثر ٿي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جڏهن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي ملازمت ڇڏي، سنڌ جي هارين لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته اُن هاري تحريڪ جو هڪ اهم مطالبو اهو هو ته هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏنو وڃي. اڌو اڌ بٽئيءَ جي مطالبي کي مڃرائڻ
لاءِ سڀ کان پهريائين نوابشاهه ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ ڊاڪٽر هاسارام، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکي (سڪرنڊ واري)، -بالاچ خان بروهيءَ، مولوي محمد معاذ ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو ۽ هنن تحريڪ کي زور وٺايو، هارين زميندارن کان اڌ بٽئيءَ جو حق گهريو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ پنهنجي سگهه ۽ ٻل تي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ تحريڪ پوريءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ٻين ضلعن وانگر هن تحريڪ جو ٿرپارڪر ضلعي تي به اثر پيو. ٿرپارڪر ۾ هن تحريڪ ۾ جان محمد پلي، ڪامريڊ
غلام محمد لغاري، پير عبدالغفور جان سرهندي، محمد ابراهيم مومن ڪُنريءَ واري، ڪامريڊ امولک اوڏ ۽ ٻين ڪيترن هاري ورڪرن حصو ورتو. هن تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ 20 جون 1949ع تي جُهڏي (موجوده ضلعي
ميرپورخاص) ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار هارين ۽ ورڪرن حصو ورتو. سنڌ جي سورهيه مائي بختاور جي ڳوٺ جا سمورا مرد به هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ ويا. پويان اَنَ جي راهه تي هڪڙي پوڙهي شخص پنيي اشاريءَ ۽ مائي بختاور کي سنڀال لاءِ ڇڏي ويا. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن، 22 جون 1949ع تي خبر آئي ته ٽالهي شهر لڳ، هئدي لاشاريءَ جي ڳوٺ ۾ زميندارن هڪ عورت کي بندوقن جا فائر ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪامريڊ حيدربخش -جتوئي- ساٿين سان گڏ، 23 جون تي صبح جو سوير لاشارين جي ڳوٺ پهچي ويو. ساڻس ٻين کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽  ڪامريڊ ميرمحمد -ٽالپر به گڏ هئا. هنن اَن جي کري تي شهيد بختاور لاشاريءَ جو لاش
وڃي ڏٺو. اتي کين خبر پئي ته کري تي اٽڪل ٽي هزار مڻ ڪڻڪ هئي. ڳوٺ جا سمورا مرد ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا ۽  زميندارن موقعي جو فائدو وٺي ڪڻڪ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مائي بختاور ۽ هڪ پيرسن پنيي فقير ۽ ٻين
عورتن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو. مائي بختاور لوهي ٽيانگ کڻي کين للڪار ڪئي ته ”هٽي پري ٿيو، اَنَ جو ڪڻو به کڻڻ نه ڏينديس“. مائي بختاور جو مزاحمتي انداز ڏسي زميندارن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ظالم چوڌري سعدالله ۽ سندس مئنيجر چوڌري خالد، مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪيا ۽ نتيجي طور مائي بختاور اَن جي ديرن جو بچاءُ ڪندي شهيد ٿي وئي ۽ پير مرد پنيو فقير زخمي ٿي پيو، جنهن جي ڄمار سٺ ورهين کان مٿي هئي. ڪُنري ٿاڻي جو صوبيدار عنايت علي خان ابڙو ۽ ڊي -ايس- پي ديوان تلجارام پهچي چڪا هئا، هنن ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيس داخل لکيو. ڪجهه ورڪر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي حڪم تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ساماري کڻائي ويا، -جتي- گهڻي وقت گذري وڃڻ ڪري مائي بختاور کي آخر دفن ڪيو ويو. سندس تربت  ساماري جي هڪ مقام ۾ واقع آهي. ڪيس ٿرپارڪر سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ هليو.  ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي طرفان وڪيل ديوان انبارام ڪئي. سرڪاري وڪيل خان -بهادر- مرزا سڪندر بيگ هو، جنهن کي ان وقت جي سنڌ جي وزير داخلا، قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، اُن پڻ فريادي ڌُر (مائي بختاور واري ڌر) جي مدد ڪئي، جڏهن ته جوابدارن جي پيروي ديوان ڏيئل مل ۽ لاهور مان گهرايل هڪ بئريسٽر ڪئي. -ان- وقت سيشن جج شنڪر سنگهه آڏواڻي هو. هن صاحب حق جو فيصلو ڏنو ۽ چوڌري سعدالله (جيڪو اُن وقت جي -پاڪستان- جي وزير خارجه سر ظفرالله خان جو ڀاڻيجو هو) کي 25 ۽ چوڌري خالد کي 20 سال ٽيپ ڏني، جڏهن ته ٻين مجرمن کي پنجن کان ڏهن ورهين تائين سزائون ڏنائين. ٻيا ته اپيلن مان آزاد ٿي ويا، ليڪن چوڌري سعدالله 25 سال ٽيپ برابر ڪاٽي
اهڙيءَ طرح سنڌ جي هاري جدوجهد ۽ شهيد بختاور سنڌ جي غريب عوام کي سبق ڏنو ته پنهنجي حق لاءِ جان ڏئي سگهجي ٿي، پر پنهنجو حق نه ٿو ڇڏي سگهجي. مائي -بختاور شهيد جي ريٽي رت جي قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ صدين تائين لازوال
رهندي.
نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

داغستان

جيڪڏهن هن دنيا ۾ لکين انسان تو سان پيار ڪرڻ وارا آهن،
ته انهن مان هڪ آئون به آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ هزارين انسان تو سان پيار ڪرڻ وارا آهن،
ته انهن مان هڪ آئون به آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ صرف هڪ انسان تو سان پيار ڪرڻ وارو آهي،
ته اهو صرف آئون آهيان
جيڪڏهن هن دنيا ۾ هڪ انسان به تو سان پيار ڪرڻ وارو ناهي،
ته سمجهي ڇڏ جان ”رسول حمزا توف“ هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي
رسول حمزا توف

Bhutto, wazir-e-Azam se phansee kay qadee tak

BhuttoIt would have been much better I had make Sindhoo Desh and  would become its president. – For reference see: ARY program 11th hour, 3rd April 2013, Bhutto, wazir-e-Azam se phansee kay qadee tak بھٹو وزیز اعظم سے پھانسی کے قیدی تک
ان کان اهو گهڻو بهتر ۽ چڱو ٿئي ها جو آئون سنڌو ديش ٺاهيان ها ۽ ان جو صدر بڻجي وڃان ها. ريفرنس لاءِ ڏسو، اَي آر وائيَ جو پروگرام، اِليونٿ آوور، 3 آپريل 2013، ڀٽو وزير اعظم سيَ ڦانسي ڪيَ قيدي تک
نوٽ: هي ٽڪرو ماهوار الصادق، ڪراچي، سنڌ، جلد 35، اپريل، مئي 2013 تان کنيل آهي
ماهوار الصاق جي ٿورن سان

لينن

ڪنهن به ظالم جابر قوم جو سو شلسٽ جيڪو مظلوم ۽ محقوم هيڻين ۽ ڪمزور قومن جي حق خود اختياري ( يعني حق علحدگيءَ کي نه ٿو مڃي ان جي حمايت نه ٿو ڪري اهو در اصل سوشلسٽ نه پر شاوُ نسٽ آهي. لينن اقوام مشرق ڪي تحريڪ آزادي پيج نمبر 118

مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ

تاريخ ۾ عظيم مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ فرد کي پنهنجن روايتي حقن تان هٿ کڻڻو پوندو آهي. گهر ۽ سنسار جي وِچ تي هڪ چانئٺ ئي ته هوندي آهي. اڪثر عظمتن کي اُنهن چانئٺن جي ٻِچتائيءَ جي ڪيفيت ۾ پَسيو ويو آهي. دنيا جي شاعريءَ ۾ اُن ڪيفيت کي ڪافي چٽيو ويو آهي، جنهن ڪيفيت گهڻن گهوٽن کي ان ريت اُلجهائي رکيو آهي ته:
هيڏانهن دار اسان جي يار،
هوڏانهن پاڻياريءَ سان پيار!
اياز تي به اُن ڪيفيت، اُن وقت ڀرپور حملو ڪيو هو، جڏهن هو سکر جيل ۾ قيد هو ۽ هن جا ٻارَ، هن سان سَهمي سَهمي ملاقاتون ڪندا هئا!
پر جڏهن در ٻاهريون دُک، در اندرئين دُک تي غالب ٿي ويندو آهي، تڏهن انسان اُن حيثيت کي ماڻي وٺندو آهي، جو عظيم شاعرن جا اهڙا شعر، هن مٿان گُلن جي پنکڙين جيان نڇاور ٿيندا آهن ته:
مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ،
سڀني وِڌا ويڻ، پر ويندڙ، ويندا ئي رهيا!
(اياز)
هُو جي کَڙيون کُوههَ تي، ٻانهُن پائي کَنجَ،
ڏسي روئڻهارڪيون، سنجيل گهوڙا سنجَ،
هر هر ڇِڪي هنجَ، چُمن پنهنجا ٻارڙا!
(اياز)
ڪتاب — اميد جو قتل
ليکڪ — عبدالواحد آريسر
جي مهاڳ ۾ لکيل اعجاز منگي جا ڪجھ لفظ
نوٽ: هي  مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي

 

مولانا عبيدالله سنڌي فرمايو

منهنجي قوم جي ذهن ۾ شاهه پرستي اندر تائين گهر ڪري ويل آهي. اسان جو مذهب، اسان جو علم، اسان جو سماج، اسان جي سياست، ايتري تائين جو اسان جي سڄي زندگي شاه پرستيءَ کان متاثر ٿيل آهي. بيشڪ هاڻي اسان وٽ بادشاهه ناهن رهيا، پر اسان جي شاه پرست ذهنيت، انهن جي جاءِ تي نوابن، راجائن، ۽ پيرن کي، ايتري حد تائين جو سياسي ليڊرن کي به بادشاهه بڻائي ڇڏيو آهي.
مولانا عبيدالله سنڌي
نوٽ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

Bitter truth is far better than a sweet lie.

پَڪَ تڏهن ٿيندي، جڏهن شڪ ڪندئو، شڪ تڏهن ويندو جڏهن سوال پڇندئو، سوال تڏهن پڇندئو، جڏهن پرستش ڇڏيندئو، سوالَ پڇو ۽ جوابَ ڳوليو، ڏهڪائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ سچ به سهڻيَ ۽ وڻندڙ ڪوڙ کان هزار ڀيرا بهتر آهي. – اياز لطيف پليجو

سوشل ميڊيا تان ورتل