اوشو

”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪيو ٿا تہ وچ ۾ آزاديءَ جو ناتو هجڻ گهرجي. سڀاڻي جيڪڏهن توهان پنهنجي زال کي ٻئي سان ڀاڪر پائيندي ڏسو تہ حسد جي ڪا ضرورت ڪانهي. اُها تہ مالا مال ٿئي پئي، اُها تہ محبت جي هڪ نئين ذائقي کي چکي رهي آهي. بلڪل ائين جيئن توهان ڪڏهن هندوستاني کاڌا ڇڏي ڪنهن چائنيز ريسٽورينٽ ۾ هليا ويندا آهيو. ذائقو بدلائڻ لاءِ“…
ڪتاب: عورت, ص: ٥٧
سنڌيڪار: الطاف ملڪاڻي

ڪامريڊ جمال الدين بخاري

منظور ڪوهيار

مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾ ، دهل تي ڏونڪي مثل.

1976ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو تهBetween fire and water ڇاکي چئبو آهي.

سائين مولوي نور الدين فرمايو: “ڪميونزم سراسر غلط آهي.“   

ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميو نزم سيکاري ٿو …تون وري چوين ٿو ،ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، ربي،عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“

”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“

”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو.

”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“

”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ….مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ….اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو….؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“

”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي… پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي …خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو ،مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه…اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“

ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي.

1976ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. 1977ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو :

”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ….بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“

مون چيو، اڄ خير نه آهي …. گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي…

مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو:

”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين.

”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو .

”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي …؟“ڪامريڊ پڇيو.

”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو.

”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.

”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس…..جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو ، پر ڇا ٿيندو …؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي…. مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ .. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو! ؟“

ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون …..“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو .

”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه …؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه….؟ تبديلي آئي آهي ايا نه …..؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي …پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو …؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو …؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو …؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو …؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو…؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي …. ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي …؟“

ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو:

”اري بيٽي .. ميري دانت لائو…!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا:

”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ….. ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي … اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي … هڪ ڪيو آهي … ته اسان کي چوڻ کپي … ٻه ڪر…! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو … اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس … ٻيڻا وٺ…! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو … ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ …! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو …ائين نه ڪري ….. هيئن ڪري….. مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ….. چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي … پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن … وڌڻ ڏيوس …!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو.

”اري بيٽي!… هماري لئي چاءِ لائو …!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو .

”هڪڙي ڳالهه ٻڌ…! اسان جا دوست بيوقوف آهن … اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن … هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان … ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو….گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو … هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو:

اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا ؟

خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس:

”نه …“ مون وراڻيو.

”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“

ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به.

منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم.

منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش 14 مارچ 1900ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا.

ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب 1919ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين.

1920ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين .

1925ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.1927ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. 1930ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. 1939ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. 1940ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1940ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. 1942ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل1948ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو.

1949ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1960ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“

مون چيو؛”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو.آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو :

”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“

مون کلندي وراڻيو، ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ”هن جو دماغ گرم آهي.هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو ، ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘

پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي.

سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي:

سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“

سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون.

زندگي جا 22 سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري 12 ڊسمبر 1984ع ۾ گُـــل ٿي ويو .

پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي .

کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي:

جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري،

ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري.

Courtesy: Sindh Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=255
Reference book: ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر

Albert Camus اَلبرٽ ڪاميو

Don’t walk behind me; I may not lead. Don’t walk in-front of me; I may not follow you. Just walk beside me and be my friend. ~ Albert Camus

Translation into Sindhi

منهنجي پٺيان نه هَل; شايد آئون اڳواڻي نه ڪري سگهان. منهنجي اڳيان نه هَل; شايد آئون پيروي نه ڪري سگهان. مون سان گڏ هَل ۽ منهنجو دوست ٿي وڃ. ~ اَلبرٽ ڪاميو

مارکسزم ، خواب، انحراف – وجاہت مسعود

حقیقی چیلنج یہ ہے کہ منڈی کی معیشت اور جمہوری سیاست میں غریب، بے وسیلہ اور پچھڑے ہوئے انسانوں کے مفاد کا تحفظ کیسے کیا جائے۔ ہم ایک ایسی دنیا کی طرف بڑھ رہے ہیں جہاں معیشت میں خام مال اور افرادی قوت کی اہمیت تیزی سے کم ہو رہی ہے۔ بڑی سرمایہ کار کمپنیاں اپنے معاشی اثر و نفوذ میں ریاستوں سے بھی زیادہ طاقتور ہو رہی ہیں۔ ایسے میں معیشت کی آزادی اور فرد کی محرومی میں توازن کیسے پیدا کیا جائے۔ سرمایہ کی ماورائے اخلاق یلغار کے سامنے وہ کون سا سیاسی بند و بست پیش کیا جائے جو آزادی اور انصاف میں مطلوبہ توازن قائم کر سکے۔ مارکس کا خواب زندہ ہے، زمینی حقائق بدل گئے ہیں۔ چنانچہ اس خواب کی تعبیر کے لئے نیا نسخہ دریافت کرنا ہوگا۔
نوٹ: یہ ٹکڑا سوشل میڈیا سے لیا گیا ہے

قومپرستيءَ جا قسم

قومپرستيءَ جون ٽي شڪليون آهن. هڪ حڪمران قوم جي شائونسٽ فاشٽ سامراجي قومپرستي، ٻي مظلوم محڪوم قوم جي حريت پسند ترقي پسند قوم پرستي، ٽين جاگيرداراڻي لساني فرقي پرست غير وطني ثقافتي قومپرستي هوندي آهي، جيڪا رجعت پسند ٿيندي آهي. جديد قوم پرستي قومي منڊيءَ جي مرڪوزيت مان سر مائيداراڻي سماج ۾ قوم جي پنجين فيڪٽر سياسي اقتصادي مفادن جي وحدت مان جنم وٺندي آهي، جيڪا قومن جي قومي تشڪيل جي عمل کي مڪمل ڪندي آهي.آدم
نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

سچائي

سچائي کانسواءِ ڏات تصوراتي يا ٺڳيءَ جي ٺاه تي بيٺل ٿيندي آهي اها ڪنهنکي دوکي ڏيڻ لاءِ ته استعمال ڪري سگهبي
آهي تنهنڪري ان ڏات جو ڪردار به منفي هوندو آهي ته مثبت به هوندو آهي ڏات جيسيتائين تاريخي تقاضائن کي پورو نه ڪندي آهي اها پنهنجي حقيقي عظمت کي نه رسندي آهي ۽ تاريخي تقاضائون ما ڻهن جي آرائن کان آزاد تاريخي سچاين تي انحصار رکنديون آهن تڏهن ئي ڏاهن انسانن تاريخ عالم ۾ پنهجي دور جي تاريخي ضرورتن جي ادراڪ جي روشنيءَ ۾ ئي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي جيئن ته ادراڪ علم ڏاهپ ۽ سچائي آهي ان کان ٻاهر فطري ڏات جو مثال ڪوريئڙي جي اڻت جهڙو آهي جنهنجي ڏات ۾ ڪروڙها سالن کان وٺي ڪابه ارتقا نه ٿي سگھي آهي پر شعور جي سچائيءَ تائين رسائي انسان کي مٿي تي تخليقن ۽ ايجادن جو تاج سجائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انسان ڀولڙن جيان پيدائشي ٽيلينٽ تائين محدود هجي هان ته هوند انسان ئي نه ٿي سگھي هان ٽيلينٽ حاصل ڪرڻ جي جستجو انسان کي سچائيءَ سان ڳنڍي سچي عمل جي روشنيءَ ۾ تخليقن ۽ ايجادن جي دنيان سان هم ڪنار ڪيو.آدم
هي ٽُڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي

تصوف

تصوف  نه ئي مذهب آهي ۽ نه ئي نظريو، ڏند ڪٿا، فرقو يا عقيدو آهي. تصوف نه ئي سيکاري ٿو ۽ نه ئي ان جي ٺوس لفظن ۾ وضاحت ڪري سگهجي ٿي. خوشبو وانگُر، تصوف کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.رڳو  آرامدايڪ راڳن وانگر ان جو تجربو ڪري سگهجي ٿو.  – اَمر جليل

فلسفو ڇاهي؟

فلسفو سماجي شعور جي ستن صورتن مان هڪ صورت آهي جيڪا سماجي شعور جي صورت انسان ۾ پنهنجي معروضي دنيا جي اصليت کي سمجھڻ جيي ڪري اسري ڇا ڪاڻ ته فطرت ۽ معاشري ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جي وجهن کي سمجھڻ جي ڪري انسان جو واسطو ڪلي لقائن جي جامع صورت سان پيو جنهن ڪري انسان لا محدود جو تصور قائم ڪيو جيڪو ٻڙي ءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو انهيءَ فطرت جي جامع تصور جي ارتقا جي سر زمين غلام داراڻي سماج ۾ تڏهن ٿي هئي جڏهن ڏندڪٿائي شعور ٽٽو ۽ دنيا کي سمجھڻ جون به متيون اڀري آيون جڏهن انسان عقيدن جي تحت دنيا ڏسڻ لڳو تڏهن مذهب ڦٽي پيو ٻئي طرف دنيان کي علمي يا منطقي طور تي سمجھڻ جي نتيجي ۾ فلسفاڻي سوچ جنم ورتو اهو دور غلام داراڻو دور هيو جڏهن ذهني ۽ جسماني محنت جي تقسيم هڪ پاسي پروهتن کي جنم ڏنو ته ٻئي طرف ذهني محنت کي جنما يو جنهنڪري ذهني محنت ڪندڙن جسماني محنت ڪندڙن کي حقير سمجھيو مختلف حرفتن ۽ چالا ڪين سان مذهب جي نالي ۾ جسماني پورهيو ڪندڙن کي غلام بڻائي رکيو جنهن ڪري غلامن ۽ آقائن جي جنگ مذهب ۽ ماديت پسند دهريت جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان مد مقابل ٿي بيٺي اها جنگ اسانوٽ آرين ۽ دراوڙن جي صورت ۾ ّطاهر ٿي جنهنجي نتيجي ۾ هڪ طرف آرين جا مذهبي تحريڪ هلي ته ٻئي پاسي مقامي دراوڙن جي ماديت پسندي جنم ورتو جنهن مان سنڌ جو قدين ڏيه وادي آسور وادي ۽ تانترڪ مادي فلسفو ظاهر ٿيو جيڪو اڳتي هلي سنڌين جي چار واڪس جي فلسفي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو جنهن چار واڪس مان هندستان جو مادي فلسفو سنگيا مت ۽ ٻيا مادي مڪتب فڪر اڀري آيا جيڪي مذهب تي نه فقط تنقيد ڪندا آيا ڀر مذهب جي خلاف عملي بغاوتون به ڪندا آيا در حقيقت اها طبقاتي ڇڪتاڻ هئي جنهن مخالف نظرين جو روپ ڌاريو هئي هڪ هئو استحصالي طبقي جو مذهبي نظريو ته ٻيو هئو دراوڙن جو استحصال جي خلا ف مقامي دراوڙن جو مادي نظريو جيڪو مادي نقطئه نظر جاگيرداراڻي سماج تائين مذهبي عقيدي جي هيٺان دٻيل رهيو جنهنکي سرمائيداراڻي سماج ۾ اسرڻ جي آزاد سر زيم سڀ کان پهريون يورپ ۾ ميسر آئي جيڪو فلسفو مذهبي عقيدن مان جان ڇڏائيندو فيور باخ جي ماديت پسندي ۾ تنديل ٿيو مارڪس جي ذريعي اهو ماديت پسند فلسفو جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي صورت وٺي بيٺو ۽ جديد سائنس سان ڳنڍجي ويو.آدم
نوٽ: مٿيون ٽُڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

تخليقي نگاه سان ڏسڻ

ڪتابَ پاروُٿين پروڪين ۽ ٻئي زمان مڪان جي صداقتن يا سچائين تي ڳالهائيندا آهن جن کي مجرد سچائيون چيو ويندو آهي. مطلب ته اهڙيون وائي بادي خبرون زميني حقيقتن کان بيگانيون خبرون يا سچائيون هونديون آهن. پر انهن ۾ ڪي ڪي معروضي حالتن سان لاڳاپو  کائيندڙ ڳالهيون به هونديون آهن. ان لاءِ  ميڪانيڪي سوچ کان پرهيز  ڪرڻ  گھرجي بلڪ متحرڪ حالتن تي گھري جدلياتي نگاه رکڻ گھرجي. جيئن جو دم غافل سودم ڪافر هوندو آهي يعني هڪ سچو انقلابي اهو ئي ٿي سگھي ٿو، جيڪو معروضي صورتحال کي جدليات جي تخليقي نگاه سان ڏسڻ جي فن کان بخوبي آگاه هجي. آدم
نوٽ: هي مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي
سوشل ميڊيا جي ٿورن سان