Roman Sindhi Alphabet

رومن سنڌي صورتخطي

RS 149

Read more >> Roman Sindhi

Advertisements

An article on G. M. Syed in Indus Roman Sindhi

By: Late Chacho Hafeez Qureshi

Sindh jay samaaj mein kenhn maannho-a jo Syed hujann bu kamaa’ee jo zareeyo aahay, un syed jo wari sajaada nasheen hu’ann wetar wadheek kamaa’ee jo zareeyo aahay, aein un jo siyaasat mein hua’nn bb’a chaar wikkhoon wadheek kamaa’ee waaro kam aahay. Syed kkhay Sindh jay samaaj maan maali faaido haasil karann jaa mathiyaan tay zariya aahin.
سنڌ جي سماج ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سيد هجڻ به ڪمائيءَ جو ذريعو آهي، ان سيد جو وري سجادا نشين هئڻ ويتر وڌيڪ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي ۽ ان جو وري سياست ۾ هئڻ ٻه چار وکون وڌيڪ ڪمائيءَ وارو آهي. سيد کي سنڌ جي سماج مان مالي طرح فائدو حاصل ڪرڻ جا مٿيان ٽي ذريعا آهن
Syed sajaada nasheen bu aahay, siyaasat bu karay tho, par a’njnaa bu wadheek, Syed falsafi bu aahay, lekkhak bu aahay. Par unhan panjan manjhaan, hin darwesh zaati faaido ko bu haasil na kayo, hin kay bu bb-a chaar paisaa kon-a kamaaya aahin, hin kenhn kkhan bu kujh na warto aahay. Subhin kkhay ruggo ddhino a’thas. Hin hitaan jay samaaj mein nazar niyaaz aein bbi ahrray qism jee ddhyti layti waaran imkaanan kkhay aazadi saan rad karay hik na’een rasam shuroo ka’ee aahay.

سيد سجادا نشين به آهي، سياست به ڪري ٿو، پر اڃان به وڌيڪ، سيد فلسفي به آهي، ليکڪ به آهي، پر انهن پنجن منجهان هن درويش ذاتي فائدو ڪو به حاصل نه ڪيو آهي، هن ڪي به ٻه چار پيسا ڪون ڪمايا آهن. هن ڪنهن کان به ڪجهه ڪون ورتو آهي، سڀني کي رڳو ڏنو اٿس. هن هتان جي سماج ۾ نظر نياز ۽ ٻي اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي وارن امڪانن کي آزاديءَ سان رد ڪري، هڪ نئين رسم شروع ڪئي آهي

(چاچو حفيظ قريشي)

Courtesy: Indus Roman Sindhi blog

سنڌو رومن سنڌي لپي

انڊس (سنڌو) رومن سنڌي اسڪرپٽ

RS 154

لپي ۽ ٻوليءَ ۾ فرق
لپي ۽ ٻوليءَ ۾ فرق آهي. ڪا به لپي پنهنجو پاڻ ڪا ٻولي ڪو نه هوندي آهي. بلڪي لپي هڪ اهڙو سرشتو، سسٽم يا قاعدو آهي، جنهن جي ذريعي ٻوليَ لکي ۽ پوءِ ان کي اُچاري يا پڙهي سگهبو آهي. مثال طور هزارين سال پهرين ٻوليون رڳو ڳالهائي سگهبيون هيون، پر اهي لکي ڪو نه سگهبيون هيون. جيئن جيئن انساني ذهن ترقي ڪئي، تئين تئين، آهستي آهستي ضرورت آهر اسڪرپٽون يا لپيون ٺاهي انسان پنهنجي پنهنجي ٻولين کي لکڻ ۽ پڙهڻ لڳو. اڄ به دنيا ۾ اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي رڳو ڳالهائي سگهجن ٿيون، پر انهن کي پنهنجي لپي نه هئڻ سبب اهي لکي نٿيون سگهجن يا اهي ٻين ٻولين جي لپين ۾ لکيون وڃن ٿيون.
جڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي فارسي 52 اکري لپي ٺاهي پئي وئي ته ان ۾ سنڌي جي ڪجهه آوازن يا اُچارن لاءِ اکر ڪو نه هئا. مثال طور، عربي الفابيٽ ۾ ڙ جي اُچار لاءِ ڪو اکر ڪو نه هو ته پوءِ عربي جي ر جي مٿان چار نقطا هڻي ڙ جو اُچار ٺاهيو ويو هو. بلڪل تيئن رومن الفابيٽ ۾ جيڪي سنڌي اُچار ڪونهن، انهن لاءِ رومن الفابيٽ جي اکرن کي ملائي نوان اچار ٺاهيا آهن. باقي هتي ان دور جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي فارسي لپي هجڻ کپي يا ديوناگري لپي، جنهن ۾ ان دور جي انگريزن جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي جا حمايتي هئا تن جو ٻين ڪيترن ئي اعتراضن سان گڏ هڪ وڏو اعتراض اهو هئو ته عربي فارسي لپي, فونيٽڪ يا آوازن جي اُچارڻ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جون فطري لساني گهرجون پوريون ڪري سگهڻ جي صلاحيت ئي نه ٿي رکي. سنڌو رومن سنڌي کي ترتيب ڏيڻ دوران ڪجهه ٻين آوازن سان گڏ ک کٽ ۽ خ خچر جي آوازن ۾ فرق ڏيکارڻ جو مسئلو آڏو پئي آيو ته ڪيئن ٻنهي ۾ فرق ڏيکارجي.
سکر جي اسپيلنگ ۽ ک جو اُچار
سکر (Sukkur) هن اسپيلنگ سان سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي يعني جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن کان سکر (Sukkur) هن اسپيلنگ سان لکجندي اچي پئي. يعني ”ک“ لاءِ ”ڊبل ڪي (KK) ۽ ”خ“ خچر لاءِ اڳم ئي ”ڪي ايڇ“ (KH) ڪتب آئي پئي، تنهنڪري سنڌو رومن سنڌيءَ جي الفابيٽ (صورتخطيءَ) ۾ ”ک“ لاءِ ”ڊبل ڪي (KK) ۽ ”خ“ خچر لاءِ ”ڪي ايڇ“ (KH) رکي. پر ڪجهه دوست ک کٽ لاءِ ڊبل ڪي لکڻ تي راضي نه ٿيا ٿين. تنهنڪري ک کٽ لاءِ ڊبل ڪي (KK) ۾ تبديلي آڻي ڪي ڪي ايڇ (KHH) ڪري ڇڏيم. پر اعتراض واريندڙ ان تي به راضي نه ٿي رهيا آهن. ڪجهه دوستن جي رائي آهي ته نيٺ خ ۽ ک لاءِ الڳ سان ڪي ايڇ (KH) ۽ ڪي ڪي ايڇ (KHH) نيٺ ڇو ضروري آهن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن آواز جو اکر صورتختيءَ ۾ نٿو رکيو وڃي ته پوءِ ٻن ٽن پيڙهين گذرڻ کان پوءِ اهو آواز ان ٻولي مان ختم ٿي وڃي ٿو. مثال طور، سنڌي ٻولي ۾ هڪ آواز يا اُچار اهڙو به هئو، جيڪو شايد ( ڇ، ش، چ) کي ملائي ڪڍيو ويندو هو. پر انگريزن جي دور ۾ عربي فارسي لپيءَ ۾ ان آواز لاءِ ڪو اکر ٺاهي نه رکيو ويو هئو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز يا اُچار سنڌي ٻولي مان ختم ٿي ويو. پر اڃان به شايد ڪجهه ٺيٺ بروهي يا براهوڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا اهو آواز اچاري سگهن ٿا. پر سنڌي ٻوليءَ مان اهو آواز مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي. ڪجهه جهونن سڄڻ کي جيڪر ياد هجي ته اڄ کان لڳ ڀڳ 25 يا شايد 30 سال پهرين حليم بروهي ان حوالي سان پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ان آواز جي ختم ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو هو.
چندراماڻي رومنائزڊ سنڌي
انڊيا جي چندراماڻي جي رومن سنڌي لپي ۾ خ ۽ ک ٻنهي لاءِ (KH) ڪتب آندي وئي آهي. ڇو جو اتي ڳالهائڻ جو لهجو صفا لسو آهي ۽ اتي ک ۽ خ ۾ فرق نٿو ڪيو وڃي، بلڪي خ کي ک ڪري ئي اُچارين ٿا. جيئن خچر جي بدرآن کچر اُچارين ٿا. ک ۽ خ ٻنهي لاءِ (KH) رکڻ سان لازمي طور تي اڳتي هلي، سنڌي ٻولي مان خ جو آواز يا اچار ختم ٿي ويندو. پر پوءِ به انهن مانوارن دوستن جي ان راءِ کي کڻي مڃون به ته خ ۽ ک ٻنهي لاءِ ڪي ايڇ (KH) رکون ته به مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي. پر ان حوالي اڃان وڌيڪ اڳيان هلي لکبو. اصل ۾ اهو آهي ته صدين تائين غلامي ۾ رهڻ سبب اسان جي نفسيات به غلاماڻي ٿي وئي آهي، تنهنڪري اسان ڪنهن به مسئلي تي جمهوري انداز سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪري پنهنجو پاڻ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت وڃائي ويٺا آهيون. انڊيا جي چندراماڻي رومنائيزڊ سنڌي سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن. هڪ ته ان ۾ آڏيون ابتيون سبتيون نشانيون گهڻيون آهن، جنهن جي ڪري ان ۾ لکيل ڄڻڪ ٻولي جي لپي کان وڌيڪ انگي حسابن جي مساوات لڳي ٿي. ان ۾ سنڌي جي اکر ٻ لاءِ هي نشاني B^ ڪتب آندل آهي، جيڪا ٻ لاءِ BB لکڻ کان وڌيڪ ڏکي آهي ۽ سٺي ۽ سهڻي به ڪو نه ٿي لڳي ۽ هيڙيون نشانيون ^ ~ جملن ۾ صفا سٺيون ڪو نه ٿيون لڳن. انڊيا واري رومنائيزڊ لپيءَ ۾ سنڌي صورتخطي جي اکر (ڙ) لاءِ انگريزي الفابيٽ جي (ڊي) ڪتب آندل آهي، جنهن جي ڪري (د) ۽ (ڙ) جي خبر ئي نٿي پوي ته (ڊي) ” د“ لاءِ ڪتب آندل آهي يا ”ڙ“ لاءِ. ان کان سواءِ به ان رومنائزڊ سنڌي ۾ ٻيون به گهڻيون ڏکيايون آهن ۽ اها هڪ مڪمل رومن سنڌي لپي ڪونهي. ان رومنائزڊ سنڌي ۾ وڏي خرابي اها آهي جو اها وڏي اي بي سي ۾ نٿي لکي سگهجي اها رڳو ننڍي اي بي سيءَ ۾ لکي سگهجي ٿي. پر ان جي ڀيٽ ۾ انڊس رومن سنڌي اسڪرپٽ ننڍي، وڏي ۽ گڏيل ننڍي ۽ وڏي سڀني طريقين سان لکي سگهجي ٿي.
زيردست بالادست
صدين کان غلاميءَ هئڻ سبب اسان بالادست جا زيردست بڻجي حڪم مڃڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجي آزاد سوچ تي عمل ڪرڻ جا اهل نه رهيا آهيون يا ائين کڻي چئجي ته Hierarchy جي نفسيات جا شڪار آهيون. 22 گريڊ وارو آفيسر 21 گريڊ واري کي، 21 گريڊ وارو وري پنهنجي ماتحت کي حڪم ڪري يا انهن کان به بالادست طاقت حڪم ڪري، پنهنجو حڪم لاڳو ڪري ته پوءِ اسين ان کي بنا ڪنهن چُون چران جي مڃي، ان تي عمل ڪيون ٿا. اسان کي هر حال ۾ مالڪ ۽ مالڪي کپي، باقي اسان پاڻ ڪجهه به نه آهيون، ٺليون دٻليءَ ۾ ٺڪريون آهيون. هي ساڳي ئي اندس رومن سنڌي، جيڪڏهن آمريڪا، برطانيا يا جرمني جو ڪو ٽرمپ اسان کي ٺاهي ڏي ها ته اسان جهٽ سان ان تي راضي ٿي وڃون ها، پر جي پاڻ ۾ ويهي گڏجي ٺاهينداسين تي ان تي راضي نه ٿينداسين. سکر وارو مثال اڳم ئي ڏئي آيو آهيان ته انگريزن طرفان سکر ۽ بکر ۾ ک لاءِ استعمال ڪيل ڊبل ڪي (KK) کي ته اسين مڃون ٿا ۽ سکر ۾ اڄ تائين ک لاءِ ڊبل ڪي ئي واپرايون پيا ٿا.
ڻ جو اُچار يا آواز
ساڳي نموني محمد علي جناح جي جئين ته اصل ۾ ذات جناح نه پر جيڻا هئي، ان ڪري جيڻا جي ڻ لاءِ انگريز ڊبل اين (NN) ڪتب آڻيندا هئا ۽ جيڻا کي هنيئن (Jinnah) ڪري لکندا هئا ته جيئن ان مان ڻ جو آواز اچاري سگهجي، نه ته جناح لکڻ لاءِ ته هڪ اين (N) ئي ٺيڪ هئي. ساڳي ريت سنڌو رومن سنڌي الفابيٽ ۾ ن لاءِ اين (N) ۽ ڻ لاءِ ڊبل اين (NN) ترتيب ڏئي رکيم. پر ڪو به ڻ لاءِ ڊبل اين (NN) تي راضي ڪو نه پيو ٿئي. موبائل فون، فيس بُڪ کان وٺي ٽوئٽر تائين جڏهن آئون مختلف دوستن جي لکيل رومن سنڌي ڏسندو آهيان ته ثورن کي ڇڏي باقي پنهنجي رومن سنڌي لکڻين ۾ ڻ لاءِ ڊبل اين (NN) استعمال ۾ نه پيا آڻين. سنڌي دنيا جي واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ اسين چار چوُسڻا ” آوازي تت“ سنڌي جي هنن اکرن (ڳ gg، ڄ jj ،ڏ ddh ، ٻ bb) ۽ نوناسڪ يا نڪوان (وينجڻ) ( ڱ ngn، ڃ njn ) جي سنڌي آوازن کي اچاريون ٿا ۽ اسان سنڌي ئي رڳو اهي آواز ڪڍي سگهون ٿا. انهن آوازن جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ صحيح اُچار نه ڪڍبو ته گهربل معنا نه ملندي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪو ٻيو غير سنڌي يا نئون سنڌي، اهي چار چوسڻا آوازي تَتَ يعني ڳ ڄ، ڏ، ٻ، ۽ ڱ ۽ ڃ جا نوناسڪ آواز اچاريندو آهي ته اسان کي هڪدم خبر پئجي ويندي آهي، اهو شخص اهي آواز صحيح نموني سان نه پيو اُچاري. جيئن مان اڳواٽ ئي مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته مسئلو رڳو خ ۽ ک جي آوازن ۾ فرق جو ڪونهي جو ٻنهي جي لاءِ اسين رومن سنڌي الفابيٽ ۾ ڪي ايڇ (KHH) رکي ڇڏيون ته مسئلو حل ٿي ويندو.

RS 153
اصل ۾ مسئلو هي آهي ته اسان ٿ، ٺ، چ. ڇ، گهه، ڳ، ڱ، غ، ر، ڙ، ڊ،ڌ،ڍ ۽ ڏ سميت ٻين سنڌي آوازن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ به اسان رومن سنڌي الفابيٽ تي راضي ڪو نه پيا ٿيون. هاڻي جيڪڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ جي نئين ٺاهيل سنڌو رومن صورتخطيءَ مان هيترا گهڻا آواز ڪڍي ڇڏيون ته پوءِ ڇا سنڌي ٻولي، سنڌي رهندي. اسان ب (B) ۽ ٻ (BB) جي بدرآن ٻنهي لاءِ (B) واپرايون پيا، ٿ ۽ ٺ ٻنهي لاءِ (TH) پيا استعمال ڪيون، ائين ڪرڻ سان اڳتي هلي ڪجهه پيڙهين کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ مان اهي آواز ختم ٿي ويندا، ساڳي نموني ڏ، ڍ ، ڌ ۽ ڊ سڀني لاءِ (DH) ئي ڪتب آڻيندا رهياسين ته اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي انهن آوازن سميت ٻيا سڀئي چوسڻ وارا اُچار يا آواز ۽ نوناسڪ اُچار يا آواز جن تي اسين فخر ٿا ڪيون ته دنيا ۾ اسان ئي واحد قوم آهيون، جيڪي اهي آواز سولائي سان اُچاري سگهون ٿا، سي سڀ ختم ٿي ويندا. اسان کي جيڪڏهن سنڌي ٻولي جي ٺيٺ آوازن لاءِ سنڌو رومن سنڌي ۾ ٺاهيل اکر مڃڻا ئي ڪو نه آهن ۽ انهن کي واهپي ۾ آڻڻو ئي ڪونهي ته پوءِ نيٺ رومن سنڌي لپي ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. پوءِ ته اسان کي اردو رومن لپي استعمال ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو رومن سنڌي لپيءَ تي گڏيل نموني راضي نه هئڻ سبب اسان جا گهڻا ئي نوجوان اردو رومن لپيءَ ذريعي لکن پيا، ان نتيجو اهو نڪرندو جو اڳتي هلي سنڌي ٻولي ختم ٿي ويندي، ڇو جو هاڻي ٻولي اها ئي بچي سگهندي، جنهن جي رومن لپي هوندي. اڳتي هلي انهن ٻولين جن جون لپيون عربي فارسي آهن تن جي عربي فارسي لپين جو واهپو آهستي آهستي گهٽجندو ويندو ۽ انهن جي رومن لپين جو واهپو وقت سان گڏ وڌندو ويندو.
نيٺ رومن سنڌي ڇو ضروري آهي.
هن سڄي بحث کان پوءِ ڪي دوست هي سوال اُٿاري سگهن ٿا ته پوءِ نيٺ اسان کي رومن سنڌي لپي ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، سٺو آهي ته عربي فارسي 52 اکري تي ئي ڪم هلايون. بلڪل جيڪڏهن آئون ان کي پنهنجي ذاتي حوالي سان ڏسان ته پوءِ مان به اهو ئي چوندس ته عربي فارسي 52 اکري صورتخطي ئي هلڻ گهرجي. ڇو جو مون سنڌي ان ۾ ئي پڙهي آهي ۽ مون کي انڊس (سنڌو) رومن سنڌي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ 52 اکري عربي صورتخطيءَ ذريعي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. پر مسئلو هي آهي ته تاريخ جي جبر جو چرخو وري پنهنجي مرضي سان هلي ٿو، تاريخ جي ڏمر وارو اهو چرخو ڏاڍو ظالم آهي، تاريخ جو اهو چرخو اهڙو ظالم آهي جو اهو ڪنهن تي به ڪهل ڪو نه ٿو کائي. پهرين عالمگير جنگ ۾ ڪروڙين معصوم انسانن جو قتل ٿيو، 1947ع ۾ پنهنجا گهر گهاٽ، ڳوٺ، شهر، زمينون ۽ ماڳ ڪنهن ٿي ڇڏڻ چاهيا. ورهاڱي جا وڌ جن کي لڳا آهن تن کان پڇو يا انهن جون لکڻيون پڙهو ته انهن تاريخي جبر تحت ڪهڙا ڪهڙا سور سَٺا آهن. ورهاڱي کان پوءِ ريفيوجيز اچي اسان وٽ وارد ٿيا ۽ پوءِ سوويت يونين طرفان افغانستان ۾ گهڙي پوڻ ۽ افغانستان جي گهرو ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ سبب 30 لک افغان ريفيوجيز هتي اچي، اسان جي پرڳڻي جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي. ايتر حد تائين جو ڪن انگن اکرن موجب هاڻي اسان سنڌي پنهنجي سنڌ ۾ ئي ٿورائي ۾ اچي چڪا آهيون مطلب ته ڄڻڪ ريڊ انڊين بڻجي چڪا آهيون. ڇا اسان اهو سڀ چاهيو پئي ته ائين ٿئي. ورهاڱي کان پهرين ته اسان جي اڳواڻن ۽ سرواڻن جي خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪو صورتحال ائين ٿي ويندي، جئين اڄ آهي. ان زماني ۾ ته اهي هندو قوم ۽ مسلمان قوم جي ٻه قومي نظريئي ۾ ڦاٿل هئا.
اسٽيفن زويگ
اسٽيفن زويگ هڪ جرمن مالدار يهودي اديب هو، هن جون ڪئين نه ادبي لکڻيون وڪامنديون هيون ۽ سندس ڪتابن تي ڪيئن نه کيس وڏيون وڏيون رائلٽيون ملنديون هيون. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ ڪيئن کيس وطن مان جلاوطن ٿيڻو پيو، ڪيئن سندس حالتون خراب ٿي ويون، ڪيئن نيٺ هن حالتن کان مايوس ٿي خودڪشي ڪئي. اهو سڀ ڇا هو، اهو حالتن جو جبر ئي ته هو. تاريخ جو جبر چئبو ئي ان کي آهي، جنهن کي روڪي نه سگهجي يا ايندڙ وقت جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهڻ سبب حالتن جي جبر جو شڪار ٿي وڃجي. بنگلا ديش هنن جي هٿن مان نڪري ويو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته جيڪڏهن هنن جي هٿ وس هجي ها ته هي بنگال کي ائين پنهنجي هٿن مان وڃڻ ڏين ها.
ڪوڊڪ ڪمپني
1998ع ۾ ڪوڊڪ ڪمپني جا سڄي دنيا ۾ هڪ لک ستر هزارن کان وڌيڪ ملازم هئا ۽ دنيا ۾ فوٽوز جي ڌنڌي سان لاڳاپيل پنجاسي سيڪڙو ڪاروبار تي هن ڪمپنيءَ جو قبضو هو، پر پوءِ اها ڪمپني فيل ٿي وئي، ڇو جو ڊجيٽل ڪيمرا مارڪيٽ ۾ اچي وئي، جنهن جي ڪري ڪوڊڪ جو ڪاروبار تباهه ٿي ويو. جڏهن ته ڊجيٽل ڪئيمرا 1972ع ڌاري ايجاد ٿي هئي. پر ڪوڊڪ ايندڙ وقت جو صحيح ڪاٿو لڳائي پاڻ ۾ تبديلون آڻيندي، پاڻ کي اَپ ڊيٽ نه ڪري سگهي، نه ته ان وٽ ڪجهه وقت هو ته اها پاڻ ۾ تبديليون آڻي، پاڻ کي ايندڙ زماني جي حالتن مطابق آڻي، پاڻ کي بچائي وٺي هئا، پر ائين نه ڪري سگهڻ تي، اها تاريخي عمل جو شڪار ٿي تباهه ٿي وئي. ڊرائيور ليس اليڪٽرڪ آٽونامس ڪارون، ٿري ڊي پرنٽرز، ڪوانٽم ڪمپيوٽر ۽ هائر لوپ ٽيڪنالاجي، ڊرونز ۽ ٻيون اچڻ واريون نيون ٽيڪنالاجيون الائي ٻين ڪيترين ئي انهن انڊسٽريز کي تباهه ڪري ڇڏينديون، جيڪي ايندڙ وقت جو ادراڪ ڪرڻ جون اهل ناهن ۽ پاڻ ۾ تبديلون آڻي اَپ ڊيٽ نٿيون ڪري سگهن. ٻيا به تاريخ جي جبر الائي ڪيترا واقعا آهن، جيڪي اسان جي اکين آڏو ٿيا آهن، پر انهن کي هتي ڳڻائي نٿو سگهان، ڇو جو نه ته ڳالهه موضوع کان هٽي ويندي. سڌي ڳالهه اها ته ويهين صديءَ ۾ ڪل نوَ هزار ٻوليون بچيون هيون، هاڻي اهي گهٽجي رڳو ڇهه هزار بچيون آهن ۽ انهن بچيل ٻولين مان به گهڻيون ئي ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ختم ٿي وينديون. ٿوري گهڻي فائدي ۾ وري به اهي ٻوليون رهنديون جن جون لپيون رومن لپيءَ ۾ به هونديون.
رومنائيزڊ سنڌي ايندڙ وقت جي سچائي
اڄڪلهه جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي وجود جي حوالي سان خطرا آهن ۽ جهڙي نموني سان سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ سڀئي لفظ (ٻول) هاڻي واهپي مان نڪري ٻاهر ٿي چڪا آهن ۽ جهڙي نموني سان سنڌين جو سنڌي ٻولي سان ورتاءُ آهي ۽ سنڌي جي سنڌي ٻولي مان دلچسپي گهٽجندي پئي وڃي ۽ اسان جا سنڌي ڄاڻائي يا اڻڄائي مان، جنهن تيزي سان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ڇڏي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌي ٻولي انهن سڀني خطرن مان پاڻ کي بچائي نڪري ٿي اڇي ته پوءِ پڪ ڄاڻو رومن سنڌي ايندڙ وقت جي هڪ وڏي سچائي ٿي اڀري ايندي. پوءِ ڀلي اسين چئون يا نه چئون، اسين چاهيون يا نه چاهيون، اسان مان ڪير ان حقيقت کي مڃي يا نه مڃي، ان سان ڪو فرق نه پوندي. سچائي ته سچائي ئي رهندي، پوءِ ڀلي ڪير ان کي مڃي يا حقيقت جو انڪار ڪندي، ضد تي اڙيو رهي يا ايندڙ وقت جي گهرجن کي مرڳو سمجهي ئي نه سگهي. اسان جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ته پوءِ نظر اچي ٿو ته مولانا محمد علي جوهر، جنا ح جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڏو انسان ۽ اڳواڻ هو. مولانا جوهر ۽ سندس ساٿين کان غلطي اها ٿي جو اهي عالمي صورتحال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيا ۽ پنهنجي وقت جي گهربل گهرجن کي سمجهي نه سگهيا. پر مولانا جي ڀيٽ ۾ جناح ان دور ۾ دنيا جي عالمي مرڪز يعني لنڊن ۾ تعليم پرائڻ سبب عالمي صورتحال کي وڌيڪ سٺي نموني ڄاتو پئي، تنهنڪري ان خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪئي. تنهنڪري تاريخ فيصلو جناح جي حق ۾ ڏنو.
ائين ئي رومن لپي ايندڙ وقت جي حقيقت آهي ۽ اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود اڳتي هلي لازمي طور تي ان کي پنهنجو سڪو هلائڻو آهي. هندي (اردو) اڳم ئي رومن لپيءَ تي اچي چڪي آهي ۽ جئين جئين انهن ٻولين وارن جون اکيون ۽ هٿ، سندن رومن لپين تي هِرندا ويندا، تيئن تئين انهن ٻولين جو واهپو رومن لپيءَ ۾ وڌندو ويندو. سنڌي محقق سراج الحق موجب موهن جي ڌڙي کان وٺي اڄ تائين ڪيترائي ڀيرا سنڌيءَ ٻوليءَ جي صورتخطي تبديل ٿيندي آئي آهي. شايد اها ست ڀيرا تبديل ٿي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا پهريون صورتخطي ٺاهي ويئي هئي، اها اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ٻولين جا ماهر پڙهي نه سگهيا آهن.
مختلف سنڌي لپيون
ملطب ته سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ لپيون مختلف وقتن تي تبديل ٿينديون آيون آهن ۽ ڪنهن جي چاهڻ يا نه چاهڻ جون خواهشون هئڻ جي باوجود به وقت ۽ حالتن جي گهرجن ۽ جبر تحت اڳتي به ٻين ٻولين جي لپين وانگر سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۾ به ڦيرڦار ايندي رهندي. اوهان کي هي پڙهي جيڪر حيراني ٿئي ته دودي چنيسر جو اصل داستان خدا آبادي سنڌي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، جنهن کي اڄ اسين پڙهي به نٿا سگهون. محمود عزنويءَ جي زماني ۾ جڏهن البيروني سنڌ آيو هو ته هُن ڏٺو ته ان زماني ۾ سنڌي، ارڌانيگري (Ardhanagari)، سينڌو (Saindhu) ۽ مالواري (Malwari) لپين ۾ لکجي ۽ پڙهجي رهي هئي، جنهن جو ذڪر البيروني پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. سامي جا سلوڪ به اصل ۾ ديوناگري ۽ گرمکي سنڌي لپيءَ ۾ لکيل آهن. جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌي مختلف لپين ۾ لکجي رهي هئي. ٽالپر حاڪمن جي دفتري زبان فارسي هئي. باقي سنڌ ۾ عام طور تي خدا آبادي (ديوناگري، خدا آبادي لپي جي سڌريل شڪل آهي) ۽ ابو الحسن جي اڻپوري عربي فارسي لپي استعمال ٿيندي هئي.
عربي فارسي سنڌي لپيءَ جا مونجهارا
اسان جي قابل احترام استاد، مانواري سائين جميل احمد نظاماڻي صاحب پنهنجي تحقيق کانپوءِ پنهنجي هڪ فيس بڪ پوسٽ ۾ ڄاڻايو هئو ته سنڌي جي هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ 72 نقطا آهن. هاڻوڪي لپي ۾ ب ٻ ڀ ٽ ٿ ٽ ٺ ث پ يا ڏ ڍ ڊ ڌ هڪ ئي شڪل ۾ رڳو نقطن جي فرق سان آوازن ۾ تمام وڏو فرق آهي. جيڪڏهن آوازن جي فرق مطابق نشانين ۾ به فرق هجي ته ٻارن جي ٻولي جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ جي رفتار وڌي سگهي ٿي ۽ ٻولي به ترقي ڪندي. اسان جي هن عربي فارسي 52 اکري لپيءَ سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن، مثال طور سنڌي هڪ لسي يعني monotone لينگويج آهي. عام ماڻهو هه ۽ ح، ڪ ۽ ق، ت ۽ ط، ذ، ز، ض، ظ ۾ ڳالهائڻ مهل وقت فرق نٿو رکي، پر عربي جي ڪري اهي واڌو لفظ به عربي فارسي ٻاونجهه اکري ۾ اچي ويا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل هن عربي فارسي صورتخطيءَ ۾ وسڳرن جو قاعدو يا سرشتو ئي مقرر ڪيل ڪونهي. ٿلهي ليکي وسرڳا اکر انهن کي چئبو آهي جن اکرن سان هه يا ٽٻڪا هڻي ٻولي لاءِ وڌيڪ گهربل آواز ٺاهي سگهبا آهن. مثال طور جڏهن ب کي هه هڻڻ سان بهه جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ ب کي واڌو ٽي نقطا هڻي اجايو ڀ جي الڳ اکر جي ڪهڙي ضرورت آهي. ج کي هه هڻي جهه جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ الڳ جهه جي اکر جي ضرورت ڪهڙي آهي. ساڳي نموني گ سان هه ملائي گهه، ف سان هه ملائي ڦ، د سان هه ملائي ڌ جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ ايترا اجايا واڌو اکر صورتخطيءَ ۾ رکڻ جو فائدو ڪهڙو آهي. اهڙي منجهيل صورتخطي هئڻ سبب ٻين ٻولين وارا ته سنڌي ڇا سکندا، اسان جي پنهنجي سنڌي ٻارن کي به سنڌي سکڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌو رومن سنڌي هر اهو ماڻهو سولائي سان سکي، لکي ۽ پڙهي سهگي ٿو، جنهن کي اي بي سي اچي ٿي.
دنيا جي ٻولين جي رومنائيزيشن
ڪوريا وارن پنهنجي ٻولي کي اڳوڻي هَان گل لپي تي قائم رکندي رومن لپيءَ تي به آڻي ڇڏيو آهي. ترڪي وارا مصطفا ڪمال اتاترڪ جي دور کان ئي ترڪي ٻولي لاءِ ماڊيفائيڊ عربي اسڪرپٽ جي جاءِ تي ليٽن اسڪرپٽ (سريليڪ) آڻي چڪا آهن. جاپانين به پنهنجي ٻولي کي هڪ کان وڌيڪ لپين تي آڻي ڇڏيو آهي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور وارن پنهنجون ٻوليون، جيڪي جاوي (ماڊيفائيد عربي صورتخطي) تي لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان لکيون ۽ پڙهيون پئي ويون کي ڦيرائي پنهنجي ٻولين کي رومن اسڪرپٽ تي آڻي ڇڏيو آهي ۽ برونائي رومن لپي کي پنهنجي ملڪ جي ڪو آفيشيل اسڪرپٽ بڻائي ڇڏيو آهي.
آخر ڪا ته ڳالهه آهي جو دنيا جون هي سڀ برڙباڪاس قومون پنهنجي ٻولين جي رومنائيزيشن پيون ڪن. ان حوالي اسين دنيا جي قومن جي قطار ۾ ڪٿي بيٺا آهيون. نيٺ اسين به هن دنيا ۾ ئي رهون ٿا ۽ اسان کي به هن دنيا سان گڏ هلڻو آهي يا نه. انٽرنيٽ ۽ سمارٽ موبائل فون اچڻ کان پوءِ ٻولين جي رومنائزيشن جي اهميت وڌي وئي آهي. دنيا جون قومون ان ڳالهه کي سمجهندي پنهنجين ٻولين کي تيزي سان رومانائيزڊ ڪري رهيون آهن. اسان به جيترو جلدي ان حقيقت کي مڃي وٺون ته اوترو ئي اسان کي فائدو ٿيندو. ڇو جو پُلين جي هيٺان اڳم ئي گهڻو پاڻي گذري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان اسان وٽ وقت صفا ٿورو بچيو آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هاڻي رومانئيزيشن نٿا ڪيون ته پوءِ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي رومنائيزيشن ڪرڻ جو سنڌي ٻوليءَ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. (ف. س)

Read more about Romanzied Sindhi >> Indus Roman Sindhi Script

Shah Abdul Latif’s Poetry in Romanized Sindhi

Waya mor mari
Hanj na rahiyo hekrro
Watan thiyo wari
Koorran Kainran jo
Shah Abdul Latif Bhittai
ويا مور مري
هَنجُ نه رهيو هيڪِڙو
وطن ٿيو وري
ڪُوڙن ڪانِيرن جو
شاه عبدالطيف ڀٽائي

Amar Jaleel

”مان نماز پڙهان ٿو يا نٿو پڙهان. روزا رکان ٿو يا نٿو رکان. اهو منهنجو ۽ منهنجي مولا جي وچ جو معاملو آهي. پر اسان جي تنگ نظر ۽ تنگ دل معاشري ۾ اهو معاملو ايمان ۽ عقيدت جي ٺيڪيدارن پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو آهي. هاڻي هي فيصلو ڪندا ته مان جنتي آهيان يا جهنمي، متقي ۽ ڪافر هئڻ جو فيصلو به هي ڪندا. مفتين ۽ مولوين جي معاشري ۾ مان اوپرو آهيان. نه هو مون کي قبول ڪندا ۽ نه مان هنن کي قبول ڪندس.“ امر جليل
In Romanized Sindhi
“Maan nimaaz parrhaan tho ya na tho parrhaan. Roza rakkhan tho ya na tho rakkhan. Iho munhinjo aein munhinjay mola jo muamilo aahay. Par asaan jay tang nazar aein tang dil muashiray mein iho muamilo eeman aein aqeedat jay thhikaydaran panhinjay hathan mein kkhanni warto aahay. Hannay he  fayslio kanda ta maan janati aahyaan ya jahnami, Mutaqi aein kaafir, huann jo faysilo bu he kanda. Mutaqiyen aein molviyn jay muashiray mein maan opro aahyaan. Na hoo moon kkhay qabool kanda aein na maan hinan kkhay qabool kandus. ~ Amar Jaleel

To See Roman Sindhi Alphabet, please click Here

Courtesy: Above paragraph of Amar Jaleel is adopted from facebook

Elongation ڪجهه وڌيڪ اُچار


A B
1
AAN آن، عان
2
IN اِنه،
عِنه
3
UN اَنه،
عَنه
4
UNOO اوُن،
عوُن
5
U’N اُنه،
عُنه
6
EEN اِينه،
عِينه
7
UNO اون، عون
8
ANY اينه،
عينه
9
UNAY اَننئي،
اَنئيه، عنئي، اَعه
10
UNEE اَنئيِ،
اَنئيهِ، عَنئيِ، اَ
11
UNOO اَنئو،
عنئو


Roman Sindhi Alphabet

Roman Sindhi Alphabet

A
ا، ع
TH
ٿ
JH
جهه        
H
ه، هه، ح
DDH
ڏ
B
ب
TT
ٽ
JJ
ڄ
KH
خ
DD
ڍ
BB
ٻ
THH
ٺ
NJN
ڃ
D
د
R
ر
BH
ڀ
P
پ
CH
چ
DH
ڌ
RR
ڙ

ت، ط
J
ج
CHH
ڇ
D’
ڊ
S
س، ث ،ص
SH
ش
F
ف
PH
ڦ
K
ڪ
Q
ق
GGH
غ
KK
ک
G
گ
GH
گهه
GG
ڳ
NGN
ڱ
L
ل
M
م
N
ن
NN
ڻ
W,V
و
E,
EE, Y ي
Z
ض، ذ،
ز، ظ



A,
U رومن سنڌيءَ ۾ زَبر جي طور استعمال ٿين ٿا
اَ
E,
I رومن سنڌيءَ ۾ زير ۽ ي لاءِ به استعمال ۾ اچن ٿا
اِ،
عِ، ي
U’
رومن سنڌيءَ ۾ پيش جي طور تي به استعمال ۾ اچي ٿو   
اُ

Roman Sindhi Script

रोमन सिंधी लिपि

رومن سنڌي اسڪرپٽ

Koorr te bbudhal asaan jo samaaj haannay aetro apahij thee chuko aahay jo sachu’ bbu’dhunn je salahiyat bu’ winjnaay wethho aahay
ڪوڙ تي ٻڌل اسان جو سماج هاڻي ايترو اپاهِج ٿي چڪو آهي جو سچُ ٻُڌڻ جي صلاحيت به وڃائي ويٺو آهي
  • BBٻ
  • RR ڙ
  • NN ڻ
  • NJN ڃ

Roman Sindhi Script رومن سنڌي اسڪرپٽ

Roman Sindhi Script would help the speed of Sindhi language’s promotion and growth in the digital World, we wouldn’t have many hurdles in getting technology platforms adopt it
مُورَ کان وياج مِٺو  
رومن سنڌي ۾ ٻن طريقن سان لکيو آهي. پهرئين نموني ۾ بنا زبر ۽ پيش جي لکيل آهي ته ٻئي نموني ۾ زبر ۽ پيش
سان لکيل آهي

Moor Kkan Viyaaj Mithho
يا
Moora kkan Viyaaju’ Mithho
مُورَ کان وياج مِٺو