پِي لِنگ هُئانگ

پِي لِنگ هُئانگ (Pei-Ling Huang) اصل تائيوان جي آهي. ھيءَ مائي آمريڪا جي جڳ مشھور ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي وائي وارن سُرن ۽ انھن جي مدد سان ماڻھن جي نفسيات ۾ فھم فضيلت آڻڻ ڪيئن ٿيڻ جوڳي آھي، جي پس منظر ۾ ته جيڪڏھن انھن سرن کي جديد ترتيبون ڏئي آڻجي جو لطيف جي واين کي ماترن (Meter) آڌار ڪيئن لکي سگهجي جو اولهه جا سنگيتڪار به وائيءَ جي ڌنن کي سندس جديد سازن سان ڇيڙي سگهن. ان تي ھيءَ پي ايڇ ڊي ڪري رھي آھي.

ھوءَ پھريان ته ھر ورهيه آمريڪا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي سلسلي ۾ ٻه ٽي مھينا سنڌ ايندي ھئي، پر ھاڻي فيلڊ ريسرچ لاءِ سڄي سال لاءِ ڀٽ شاھ تي رهي ٿي. جتان اها استاد منٺار فقير کان وائيءَ جو سرُ ۽ گُر سکي ٿي. ان کان پھرين ھن صوفي موسيقيءَ جي مک سازن جيئن طبلو ۽ ستار وڄائڻ سکيو آهي. ھوءَ ھالا ڀرسان ڳوٺن ۾ وڃي ماين مردن کان وائيءَ بابت لوڪ خيال ٻڌي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪيئن ”وائيءَ“ جي ڪري ھتي جي ماڻھن ۾ ماٺارپ جو مادو ملي ٿو.

نوٽ؛ پِي لِنگ هُئانگ تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

سنڌ ۾ آباد ذاتيون ۽ قبیلا

سومرا، لغاري، بجير، آريسر، راهمون، ٽالپر، لوهاڻا، ڪاٺيا، جُوڻيجا، سيلرا، منگي، راڄپر، سوٽهڙ، بروھي، مغيري، جاڙيجا، اڄڻ، مهاڻا، مهر، مسڻ، ابڙا، آريجا، باريجا، مهيسر، سميجا، ساهڙ، شيخ، لنجار، لاکا، هنڱورا، درس، ڏيپر، گهانگهرا، سهتا، مڱريا، ماڇي، سولنگي، مگسي، چانڊيا، کوسا، سهاڳ، ماکيجا، ڏوڏيجا، وساڻ، ڏيٿا، ڏنگراج، ڏهراج، ماهوٽا، چارڻ، انڍڙ، چنا، چاچڙ، پنهوار، دل، راهو، ٻگهيا، دونگهه، دراوڙ، ڀاگڙي، ڀيل، مينگهواڙ، آڱاريا، بڪڪ، برفت، بوزدار،گهانچي، پالاري، پلهه، ٻرڙا، موريا، سنگهار، جت، سميجا، اُڍيجا،بالاچ ، بُڪيرا، ٻارچ، ٻارڻ، ٻئيتال، ٻاگهل، ٻاٻڙا، ٻانهيپوٽا، ٻوڙاڻا، ٻٻر، ٻيلائي، ڀُرڳڙي، ڀنڀرا، تيتري، تماچي، ٿيٻا، ٿهيم، ٽانڪ، ٽانڊائي، ٽڳڙ، کاراڻي، بجاراڻي، ککراڻي، ڏاھاڻي، بليدي، بڙدي، ڊومڪي، جکراڻي، ٽيمڙا، ٺاراڻي ، پاربي، پالاري، پاريهڙي، پرهياڙ، پخالي، پترا، پُسيا، پنهور، پلاه، پونجاڻي، پليجا، پيڃارا، جاداڻي، جانوري، بلوچ، جاڳا، جت، جماري، پير، جوکيا، جکيه، چانهيا، چنڊ، پيرزادا، مرزا، نائچ، ميراڻي، کونھارا، چوهاڻ، راٺوڙ، خاصخيلي، دوراڻي، سنڌي پٺاڻ، دل، دُوها، جروار، ڌماچ، ڏچر، ڍومڪي رها، رانٽا، قاضي، مخدوم، رند، رُوپائي، اوڳاھي، مير، رپڙ، رهبر، ڪنراڻي، زنئُور، زنگيجا، سانداڻي، ساند، سامي، ساٽي، سُرهيه، سوڍا، سيد، سمان، سميجا، سورا، سُوها، بھلڪاڻي، سگريه، سُورجا، سسر، سرواڻ، شينا، شورا، شورائي، شڪاري، ڦقهيري، ڪاٺ، ٻانڀڻ، ڪاريا، ڪاتيار، ڪاٺياڙا، ڪانڌڙا، ڪوٽائي، ڪوري، ڪڪاڻي، ڪيڙانا، بکراڻي، ڪورائي، ڪڇي، ڪنڊراهه، ڪلهوڙا، ڪولهي, مھيشوري، سامٽيا، ڇٽا، ڀنگر، ڪناد، ڏھر، ڪنگهاڻي، ڪلانتري، کاڙڪ، کارائي، کُڏائي، رودناڻي، کوڏيا، کيبر، کوڙ، گُگا، گندرا، گُوندل، گوپانگ، گهگهڙ، گهراڻه، لانگاھ، لاکاٽيا، لوڍا، لُنڊا، لُوجا، لُنڊ، لوهاڻا، کيمٽيا، لُکياڻي، منڇر، مڱڻهار، ڏاھري، بگٽي، نوحپوٽا، زرداري، مري، جلباڻي، گبول، شر، عمراڻي، ڀرو، فاروقي، مهري، ميگهواڙ، ڄاريڪا، مڪراني، ميراسي، مگسي، مينڌرا، مهراڻ پوٽا، منڊا، ناهيا، ناڏيهه، ناريجا، نُهڙيا، نوناري، نورنگ زادا، آخوند، نوتڪاڻي، ونگرا، هاليپوٽا، هولاڻي، آمڙا، اوٺا، بگھياڙ، ارباب، جعفري، اوڀاڙا، آگهيم ، آبلاڻي، اُنڙ ، باگراڻي، باندق، بُوبڪ، بنواڻي ، ببواڻي، بانو شاهي، اوڍيجا، بڊاڻي ، بڪائي بنساري ، بهم، ٻاگل، ٻارڻ، ترڪ، ٻاٻڙا، ٻُرڙا، ٻجوارا، ٻوڙاڻا، ٻوڙا ، ٻڙا ڀان، ڀُٽا، ڀنڊ، ڪولاچي، ملڪاڻي، تارڙا ، تتري، سبزوئي، ٽنگر، ٽويا، ٽانڍائي ، ٽيمڙا ٿهيم، ٿهيمور، مانجھي، پنهور، پارهيڙي، پتوجا، تيغاڻي، پاتڻي، پُسيا، پليپوٽا، پير، پرهياڙ، پونجاڻي، مھيسر، ناگوري، پارئي، سريوال، ٽويا، جت، جتوئي، جوڻيجا، جُماڻي ، جاداڻي، جوڳي، جنگاهي، پيچوھا، جاکرا، جڳيا، سيٺار، مرگھر، جهنڊيل، چوهاڻ، سنديلا، گھمراڻي، چالڪ، ابڙيجا، چنڊاڻي ، ڇلگري، دائوداڻي، دل، دوراڻي دبائي ، ڌانڌل، ڌڙيا، قائم خاني، ڏاهري، ڏچر، ٿلھا، ڏڦائي ، ڊاڀائي ، ڊاگوري، زيند پوريا، ٻھرام، دشتي، ڇڄڙا، سهتا، بوزدار، جيسر، سمان، سُوها، گھمڻ، گجر، ڊيشڪ، رائو، سميجا، جٽ، سانگي، بوري، سورجا، گرگيز، ٻگھيا، راھمون، لورا، واھوچا، ملاح، سخيراڻي، سوڍا، سنڙا، ٿھيم، سيڪڙا، سرواڻ، ڄامڙا، سٺيا، سائي، سسيا ، سورائي، سرائي، سامي ، شينا، شاعر، شڪاري ، ڪناند، گھوٽا، ڪهيري، رُڪ، ڪيڙانا، ڪانٿ، ڪيريا، ڪٽپر، بٽ، ڪٽوھڙ، ڪنگاڻي، چانگ، ڪنڊراهه، ڪوچائي ، ڪوچايا، گوپانگ، ڪوٽي ڪانڀائي، ڪُونجڙا ، ڪهراڻي ، ڪارڙا ، ڪوٽائي، ڌاريجا، سوڍر، جسڪاڻي، ڪنڍائي، برھماڻي، ڪلاڻي ، ڪڪاڻي ، ڪهيرائي، گھمرا، گھانگھرا، چنجڻي، کڏا، قاسمي، کوڙ، کاٿڙائي، زنگياڻي، گشڪوري، ڀاٽيا، گُرماڻي، گڊا، خواجا، گاڏار، گندرا، راھو، گوگيڙا ، گهوٽا، نندواڻي، گهوٻلا، گُهريائي، گهُوٽ، واگھري، ٻاليشاھي، گُهمڙائي، ڳاڙها، لونيا، لُوڻيا، ھنڱورجا، لوهار، لنگا، لنڍا، لڳائي ، لاڻا ، لُوڻائي، پسايا، مستوئي، لڙائي ، لاڙائي ، لوهاڻا ، مڱڻيجا، ملاڻا، موراج، مُچارا ، مُنارا، مُٽا، مينڌرا، ميرجت، موچي ، دايا، ماڇي، ميراڻي، من واڍا، پلھ، وڪيا، ولڙا، ويڄ، ولاسيا ، ولهاري هولائي، هٿيار، هيلايا، هالا، هنڱورا، هنڱورجا، بشير، باگڙي، رانگڙ، ُوهڙ، ٻُهريا، ٻارڻ، ڀڏالا، عالماڻي، ٿهيمور، سربازي، دائودپوٽا، ٿهيم، ٽوها، ٽيمڙا، پريا، ٺاڪرا، پاڏائي، پاهيڙي، پرهياڙ، پنهور، جت، ڪاغزي، جوڻيجا، اوڏ، جهانگياڻي، چارا، چوهاڻ، چالڪا، رستماڻي، چيريا، درس، ڌانڌل، ڏچر، ڊُهڙ، ڍينڍڙيا ، ڍيرا، راڄا، جھنڊير، بزنجا، رڇا، قيصراڻي، زيند پُوريا، سيکڙا، سقميجا، راجپوت، سيال، سمان، ٻپڙ، ڪاتيار، ڪنڀار، لاڙ، ڪرمتي، کھڙا، ڪيهر، گرگلا، کٽي ، کنيرا، کتري، ڪلوڙ، وڳڻ، ٻائيتار، گڊا، تنيا، گهگهيرا، مورائي، گُهنالاکا، لوڊا، مالهيا، مالاڻا، مانڌريا، ميراسي، منڌرا، مچولائي، مُنارا، ماڇي، نُهڙيا نوتيار، واڍا ، روجھاڻي، ونگائي، زھري، مينگل، هنڱورا، گپتا، هنڱورجا، ڀڳت، آٿلا، نوراني، اڍيجا، بُدا، ويسر، بُنڙا، بُڪيرا، بوهڙ، باگڙي ٻارڻ، ٻُگهيا، ٻاٻڙا، ڀائل، ٽالاڻي، ڀٽ، ڀٽي، ڀنگي ، ڀنڊ، ڀاڏائي، تارڙا، دراني، ٿهيم، ٿيٻا، ٿُڙيا، ٿهيمور، ريٻاري، ٽانڊيا، پارابي، پتافي، چولياڻي، ڪلر، خوجا، پرهياڙ، پارهيڙي، پنهور، پنڀار، پنڃارا، پير، پکاڙا، موچي، ڪُنور، اڪراڻي، نھڙيا، جوڻيجا، جت، ڪلھوڙا، جويا، وگھيا، جنڊاڙا، ھاشمي، ڪوير، اوڍا، مزاري، جهولائي، عرساڻي، نون، چاوڙا، ٿريا، چيريا، ڏنور، جيلاني، ساھڙ، ڇريجا، ڇڇائي، گائينچا، چرياڻي، راشدي، ڇڇر، هليا، دل، درس ڌانڌل، ڌاڙيا، ڌنڌڻ، آسواڻي، نانگراج، گھنيا، ڏچر، ڏيسرا، ڄام، رخشاڻي، کٽياڻ، راڄسي پوٽا، رٽا، رٻيسٻاري، پشوري، زرداري، ساڙها، جاڙيجا، لاشاري، سميجا، مالھي، لڪياري، گورچاڻي، سمان، سهتا، سُکپُوريا، انصاري، سروا، لولائي، گڏاڻي، مٺياڻي، ڦلپوٽو، جعفري، ملڪ، ڪامادي، ڪمانگر، شنباڻي، شاهاڻي، جاگيراڻي، اعواڻ، ڪلادي، راهوجا، گاڏهي، سرڪي، جمالي، موريجا، موروجا، تنيا، نندو، ڌونڌو/ ڌونڌو، عارباڻي، اوڍاڻا، سناڻي، وهريا، بوسڻ، ساسولي، اگهم، ڪوڏراڻي، ڪماريا، ايري، جهيجا، جيها، هڪڙا، ڪيهر، ڪناسرا، ڌوڻ، ڀيا، سندراڻي، پهوڙ، شجراع، ميمڻ، راڻا/رانا، جهتيال، الرا، اوڍا، مارفاڻي، مٺاڻي ڄامڙا، ماڪا، ڏيرو، آگاڻي، وسير، ويسر، جنجھ، ڀنڀرا، تمراڻي، مهراڻي، چاڪراڻي.
نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

بلوچستان ۾ ڳالهجندڙ ٻوليون

بلوچستان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.

بلوچي:

بلوچستان ۾ بلوچيءَ جا ٻه لهجا آهن. جن مان هڪ اولهه وارو يا مڪراني لهجو آهي. بلوچي جو هي لهجو سڌو سنئون پهلوي ۽ سيٺي ٻولين جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان وجود ۾ آيو آهي. هن لهجي ۾ گهڻو ڪري خالص عربي اکر ڪونهن، جيڪا پهلوي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. هن لهجي ۾ خو جي جاءِ تي و ڪتب آندو ويندو آهي ۽ جن لفظن ۾ ج ايندو آهي انهن جي جاءِ تي ح کي سنهو ڪري يا آواز کي ڪيرائي ڪڍيو ويندو آهي يا ح جي بدران ه ڪتب آندو ويندو آهي. مثال جي طور تي خواب کي واب ۽ خان کي وان چيو ويندو آهي.

بلوچيءَ جو ٻيو لهجو اوڀر وارو لهجو سڏجي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري خالص بلوچي سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به سنڌي، پنجابي ۽ پشتو جا گهڻا ئي ٻولَ شامل آهن. جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ نموني جي سختي اچي وڃي ٿي. جنهن تحت ان ۾ شروعاتي بندشي اکر ک، پ، ت ۽ ٽ هڪ خاص سختيءَ يا زورائتي نموني سان ڳالهايا ويندا آهن. هي هندستاني بندشي اکرن کان گهڻا مختلف ۽ الڳ آهن، پر پوءِ به ٻنهي ۾ گهڻو فرق به ڪونه آهي ۽ بلوچ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ويندا آهن.

ان کان سواءِ رخشاڻي مڪراني بلوچن کان الڳ نموني جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جيڪا رخشاني بلوچي سڏجندي آهي.

براهوي:

بلوچستان ۾ براهوي يا بروهي ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هي دراوڙي گروهه جي زبان آهي. هن جي باري ۾ سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گريرسن ٻڌايو هئو ته براهوي اصل ۾ دراوڙي زبان آهي. براهوي ۾ ۾ گهڻا ٻولَ سنڌي، بلوچي ۽ فارسيءَ جا آهن. پر حالتن جي جبر ڪارڻ براهوي زبان جا گهڻا تڻا دراوڙي لفظَ نه واپرائجڻ ۽ واهپي ۾ نه هئڻ سبب ختم ٿي ويا آهن، پر پوءِ به براهوي جو بنيادي ڍانچو اڄ به دراوڙي ئي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. سرواڻي براهوي ٻيو جهالاڻي براهوي جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اَثر خاص طور تي نظر اچي ٿو.

پشتو:

بلوچستان ۾ پشتو خاص ڪري اوڀر واري بلوچيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان جا به ڪيترا ئي لهجا آهن. انهن مان سبيءَ جي بلوچي سنڌي گاڏڙ ۽ مَري قبيلي جا پٺاڻ جيڪي بلوچ قبيلي ۾ شامل آهن بلوچي گاڏڙ پشو ڳالهائيندا آهن. غلزئين ۽ ڪاڪڙن جي پشتو ۾ پڻ فرق آهي. اهڙي نموني دڪي، بوري، ترنيائو ان جا مخلتف لهجا آهن ۽ سبيءَ جي علائقي ۾ سنڌي گاڏڙ پشتو ڳالهائي ويندي آهي.

ٻيون ٻوليون

ڄاٽڪي ٻولي ڪڇي لهجي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان کي ڄاٽ ۽ ڪجهه بلوچي قبيلا ڳالهائين ٿا. ڪٿراني ۽ جدگالي سڄي اولهه بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌي زبان جي هڪ شاخ آهي ۽ جڳدالي ۽ سنڌي زبان ۾ رڳو لهجي جو فرق آهي.

ساڳي نموني لاسي جيڪا لس ٻيلي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، اها به سنڌي زبان جي ئي هڪ شاخ آهي يا لهجو آهي ۽ ان کي براهوي يا بروهي جدگالي به چيو ويندو آهي.

دهواري، فارسيءَ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ هن جا مصدر براهوي مان ٺاهيل آهن ۽ اها به بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جو ئي لهجو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو لوهري لهجو به آهي جنهن کي مڪا چيو وڃي ٿيو.

ان کانسواءِ بلوچستان ۾ اهڙي به ڪيتري ئي آبادي رهي ٿي جن جي زبان فارسي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. هڪ افغاني ۽ ٻيو ايراني، جيڪا گهڻو ڪري مڪران جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ دري، تاجڪ، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليون به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڳالهائين ٿا.

نوٽ: مٿيون مواد يا ڄاڻ سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تان ورتل آهي.

نوٹ: مندرجہ بالا معومات سوشل میڈیا (فیسبک) سے لی گئی ہے۔

لڇمڻ سنگهه

لڇمڻ سنگهه: سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق

لڇمڻ سنگهه ٿر جي هڪ شهر ڇاڇري جي هڪ وڏي ۽ مشهور شخصيت هئو. 1977ع جي هڪ رات اُٺن تي چڙهي پنهنجي پريوار يا آڪهه (خاندان) سان ٿر سان لڳندڙ ڀارت جي سرحد پار ڪري راجسٿان جي رياست ڏانهن هليو ويو. صبح جو مقامي ماڻهن ڏٺو ته سندس گهر جا ڏيئا ٻرن پيا پر لڇمڻ سنگهه ۽ ان جي آڪهه موجود ڪونهي. ان کان پوءِ سندس ڀارت وڃڻ جي خبر ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. لڇمڻ سنگهه پنهنجو اباڻو وطن ۽ گهر ڇو ڇڏيو ان جا اڄ ڏينهن تائين ڪي به وچور يا تفصيل آڏو نه اچي سگهيا آهن.

فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ لڇمڻ سنگهه قانون ساز اسيمبليءَ جو رُڪن رهي چڪو هو. سندس پِتا (والد) لال جِي پڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو رُڪن چونڊيو ويو هو ۽ 1936ع ۾ سندس ڏاڏو کجي سوڍو پڻ سنڌي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو هو.

لڇمڻ سنگهه کي ڀارتي شهريت ملڻ کانپوءِ اتان جي پئنچائت جو مُکي (سرواڻ) پڻ چونڊيو ويو هو.

پاڪستان جي پرڌان منتري يا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي راڻي چندر سگهه، مير علي بخش ٽالپور کي انڊيا موڪليو هو ته جيئن اهي سنڌ مان لڏي ويل لڇمڻ سنگهه کي ڀارت مان واپس سنڌ اچڻ تي راضي ڪري سگهن، پر لڇمڻ سميت ساڻس گڏ لڏي ويلن واپس سنڌ اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

لڇمڻ سنگهه 82 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.

سيوهڻ ۽ شو ديوتا

اڳي سيوهڻ شو ديوتا جو مها مندر هو ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءّ شو جو لنگم اتان هٽايو ويو ، اهو سيوهڻ تي سيوهڻ نالو شوا جي نالي سان پيل آهي ، ”شو“ _ ”واهڻ“ معنا شو مهان ديوتا جو ڳوٺ، آستانو يا آشرم ۔ ڌمال ۽ نغارا جيڪي وڄايا وڃن ٿا اهي شو جي دهلڙي جو تسلسل آھن،  اڄ به جتي به مندرن ۾ توهان ويندوءّ شو جي تصوير سان جيڪي ٻيا نانگ بلائون لٽڪيل هونديون اتي انهن سان گڏ دهلڙي جو نشان به ضرور هوندو۔

دن هيٺان دٻلي

شاعري؛ پوپٽي هيراننداني

دن هيٺان دٻلي
دن هيٺان هي دٻلي آه
يا اتپتي جي ندي اصلي آه؟
آ عوررت جو هي نفيس انگ
يا انسان جي آمد جو ازلي لنگه؟
هيءُ هاٿي جي
منهن وارو ٽڪنڊو
آه ڪام ديو جو
سونهارو جهنڊو؟
هي آهي ماديات جي
نجي دل
يا پرش پيار جي
آخري منزل؟
هيءُ ماڻڻ ڀوڳڻ جي
اونهي غفا
يا عورت جي تباهي واري قضا؟
هي ٻل ڪمزوري جو
عجيب ميل
يا پرش پرڪرتي جو
انوکو کيل؟
نانءُ هن جو ڳيهڻ آ
ڇا ڇا نه هيءَ ڳرڪائي ٿي!
پرش جو ٍآهم
پتيءَ جي شخصيت
پنهنجي سامهون جهڪائي ٿي
دشمن جو حملو
انسان جي لعنت
سڀ سر سهسائي ٿي
پنهني اندر
سرشٽي جو ٻج
نهائين بڻجي پهچائي ٿي
تن من پيءُ جو آسانيء سان
پٽ تائين پهچائي ٿي
هن آنند جي لئي
ڀوڳ جي مئي
چؤڌاري ترگڻي مايا
آنادي پرش جي ڪايا
جيون جا ڪل مقصد چار
ڪلا سياست ۽ ٻيا به خمار
گهمندا رهيا
ڦرندا رهن
گهمندا رهندا

نوٽ؛ مٿئين شاعري سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

The above Sindhi poetry of Popatti Hiranandanni, the ‘Pouch below the bellybutton’ had published in the  ‘Koonj’ magazine, Bombay (Mumbai), India issue of March 1973

جيئندي بهڻ

شهيد سورهيه بادشاه پير پاڳارو جي گرفتاري کان پوءِ سندس اُٺڻي قرار ڏنل بي قصور ”جيئندي بهڻ“  کي سندس ڀاءُ سائين رکيو بهڻ ”ڪاري“ قرار ڏئي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو.
هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن پهرين حُر بغاوت جيڪا 1893ع کان 18966ع تائين هلي هئي، انهيءَ حُر بغاوت جو اهم اڳواڻ بچو خاصخيلي هو، جنهن کي عام طور تي ”بچو بادشاه“ ڪري سڏيندا هئا. سندس ٽولي ۾ سائين رکيو بهڻ به هڪ هو. سائين رکيو بهڻ هڪ مشهور حر فقير ٿي گزريو آهي ۽ بچو بادشاه جي وزير سان مشهور پيرو وساڻ المعروف ”پيرو وزير“ سان گڏ انگريزن خلاف بغاوت ۾ ليوڪس واري زماني ۾ شهادت ماڻي.
رکيو بهڻ جي شهادت کانپوءِ سندس پٽ والي ڏنو بهڻ جيڪو پيءُ جيان هڪ مشهور حُر فقير ٿي گزريو آهي پنهنجي پيءَ جي نقش قدم تي هلندي ٻي حُر تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ بچوءَ جي انگريزن خلاف بغاوت ۾ هڪ مٿير جوان جيان حصو ورتو ۽ انهن حُرن مان هڪ هو جن کي پوءِ دکن ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطني ختم ٿيڻ کان پوءِ ساڳي ئي جذبي سان حُر تحريڪ لاءِ اڃا وڌيڪ ڪم ڪندو رهيو.
نيٺ والي ڏنو بهڻ 14 مارچ 1942ع ۾ کينواري واري جنگ ۾ خيرپور ميرس جي ناظم تي حملي دوران 6 حُرن سان گڏ شهيد ٿي ويو. ۽ خيرپور رياست جو ناظم به 5 پوليس وارن سان گڏ مارجي ويو هو.
خانداني شهادتن ۽ مشڪل صورتحال باوجود شهيد والي ڏني جو جوان پٽ سائين رکيو بهڻ (ٻيو) جنهن تي پنهنجي شهيد ڏاڏي جو نالو رکيو ويو هو، سو حُرن جي ٽولن سان گڏجي ڪيترن ئي معرڪن ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ اهم 20/ 21 مئي 1942ع مئي جي رات تي ٿر کان گزرندي هندستان ويندڙ ٽرين تي حملو ڪيو. ان کان سواءِ ٿر ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ تي پڻ گڏيل ٽولي جي مدد سان حملو ڪيو پر ايڇ ٽي لئمبرڪ معجزاڻي طور بچي ويو.
19 مئي 1942ع تي ڪوٽ نواب تي حملي سميت ڪيترن ئي ڪارواين ۾ حصو ورتو ، ۽ آخرڪار 25 مارچ 1946ع تي ڳوٺ عثمان هنڱورو ۾ ويڙه کان اڳ پيش پيو. ياد رهي ته انهيءَ ويڙه ۾ رستم هنڱورو شهيد جڏهن ته اله بچايو خاصخيلي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي ويو.
اسان هاڻ اصلي موضوع تي اچون ٿا ته جيئندي بهڻ ڪيئن .ڪاري“ قرار ڏئي شهيد ڪئي وئي.
جيئندي بهڻ جو ڀاءُ سائين رکيو پيش پوڻ کانپوءِ جڏهن سينٽرل جيل حيدرآباد پهتو ته جيل ۾ حُر تحريڪ جون ڪيتريون ئي ساروڻيون بيان ڪيون. ايڇ ٽي لئمبرڪ جو ڪتاب (Terrorist) سائين رکيو بهڻ جي ساروڻين تي مشتمل آهي. انهيءَ ڪتاب جوسائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب ترجمو ڪري ”حُر گوريلا جنگ“ جو نالو ڏئي 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪري چڪو آهي.
ڪتاب جي صفحي 566 ۾ لکيل آهي ته جڏهن جيئندي بهڻ جوان ٿي ته گل خان نظاماڻي ۽ سندس سوٽ خليفي هر هڪ پنهنجي پٽ لاءِ جيئندي جو سڱ گهريو، پر ان کي انڪار ڪيو ويو. ڪتاب جي صفحي 60 ۾ لکيل اهي ته محبت فقير ڪيل وعدي کي پاڙيندي والي ڏني جي گهر ڀاتين جي زيارت جي لاءِ پير سائين کان اجازت ورتي هئي. ان کان پوءِ ڪتاب جي 61 صفحي ۾ آهي ته پير سائين جڏهن زيارت لاءِ ٽائيم ڏنو ته جيئندي جي ماءُ جئيندي کي ٻانهن کان وٺي اوچتو پير سائين جي اڳيان وٺي آئي ۽ بطور اُٺڻي طور حوالي ڪئي ۽ پير سائين قبول ڪئي.
اڳتي هلي ڪتاب جي صفحي 142 کان 1466 ۾ تفصيل سان لکيل آهي ته داد محمد نظاماڻي جيڪو خليفي نظاماڻي جو پٽ هو، انهن پنهنجن ماڻهن سان گڏجي جيئندي تي ”ڪاري“ هجڻ جو الزام هڻي وساڻ ذات جي ڇوڪري کي ”ڪارو“ قرار ڏئي قتل ڪري پوءِ جيئندي جي گهر آيا ۽ کيس قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ( ياد رهي ته جيئندي جي اُٺڻي ٿيڻ کان اڳ خليفي نظاماڻي پنهنجي پٽ لاءِ جيئندي جو سڱ گهريو هو، پر بهڻن پاران انڪار سبب، اهو پلاند وٺڻ لاءِ اهو پلان ٺاهيو ويو).
جيئن ته ان وقت والي ڏنو بهڻ شهيد ٿي چڪو هو ۽ جيئندي جو ڀاءُ سائين رکيو گهر جو وڏو هو، سو نظاماڻين جو زور هو ته جي اوهان ڪاري ڪري کيس قتل نه ڪيو ته اسان خود قتل ڪنداسين. ان کان پوءِ بي قصور جيئندي کي هڪ واه جي ڪناري تي وٺي آيا، ان سان گڏ الزام هيٺ آيل قتل ٿيل وساڻ ڇوڪري جي لاش کي پڻ گڏ واه تي کنيو آيا جنهن کي پهرين قتل ڪري چڪا هئا. جيئندي جي ڀاءُ داد محمد نظاماڻي کي چيو ته منهنجي ڀيڻ ڪاري ناهي پر اوهان جو زور آهي ته کيس ڀلي قتل ڪيو.
اها ڳاله ٻڌي جيئندي رڙ ڪري چيو ته ” ڀاءُ ائين نه ڪجانءِ. جيستائين مان زنده آهيان. هي وحشي ماڻهو منهنجي جسم کي هٿ لڳائي نه ٿو سگهي. مري ويس ته ڪنهن تي ميار ناهي. مان تنهنجي هٿن ۾ مرڻ چاهيان ٿي. مان ائين آرام سان مري سگهنديس.
ڀاءُ! اڄ مان مرڻ لاءِ بلڪل تيار آهيان.“
ڪتاب جي صفحي 1466 ۾ لکيل آهي ته سائين رکيو هڪ لمحي لاءِ سوچڻ کان پوءِ ڀيڻ جيئندي کي چيو ته، ” گهٽ ۾ گهٽ تون منهن ته ٻئي پاسي ڪر.“
سائين رکيو هن ڏانهن آخري ڀيرو نهاريو، سندس نظرون هر احساس کان خالي هيون. پوءِ هن پوتيءِ سان منهن ڍڪيو ۽ ڪنڌ جهڪائي چيو، ”هاڻي.“
”سندس ڀاءُ جي ٻِهٿڙي ڪهاڙي پوري سگه سان سندس ڪنڌ مٿان لٿي ۽ پوري جاءِ تي لڳي.
ڪتاب جي حوالن سان ڀلي ڪنهن کي اختلاف هجن پر جيئندي جي بي قصور ڪاري قرار ڏيڻ جو سانحو پيش آيو، جيڪو تاريخ ٻڌائي ٿي ته کيس بي قصور شهيد ڪيو ويو.
سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب ڪتاب جي انتساب م لکي ٿو ته، ” آءُ هي قلمي پورهيو شهيد جيئندي بهڻ، شهيد والي ڏنو بهڻ ۽ ٻين شهيدن جي نالي سان منسوب ڪيان ٿو.
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.
حوالو 1؛ ڪتاب؛ حُر گوريلا جنگ، ليکڪ عطا محمد ڀنڀرو
حوالو 2؛ بشير ڪالاڻي جي فيس بُڪ وال

An article on G. M. Syed in Indus Roman Sindhi

By: Late Chacho Hafeez Qureshi

Sindh jay samaaj mein kahen maannho’a jo Sayad hujann bu kamaaee jo zareeyo aahay, un sayad jo waree sajaada nasheen huann wetar wadheek kamaaee jo zareeyo aahay, aein un jo siyaasat mein huann bb’a chaar wikkhoon wadheek kamaaee waaro kam aahay. Sayad khhy Sindh jay samaaj maan maalee faaido haasil karann jaa mathiyaan tay zareeya aahin.
سنڌ جي سماج ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سيد هجڻ به ڪمائيءَ جو ذريعو آهي، ان سيد جو وري سجادا نشين هئڻ ويتر وڌيڪ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي ۽ ان جو وري سياست ۾ هئڻ ٻه چار وکون وڌيڪ ڪمائيءَ وارو آهي. سيد کي سنڌ جي سماج مان مالي طرح فائدو حاصل ڪرڻ جا مٿيان ٽي ذريعا آهن
Sayad sajaada nasheen bu aahay, siyaasat bu karay tho, par anjnaa bu wadheek, Sayad falsafee bu aahay, lekhhak bu aahay. Par unhan panjan manjhaan, hin darwesh zaati faaido ko bu haasil na kayo, hin kay bu bb’a chaar paisaa kon’a kamaaya aahin, hin kahen kkhan bu kujh na warto aahay. Subhini khhay ruggo ddhino athas. Hin hitaan jay samaaj mein nazar niyaaz aein bbee ahrray qism jee ddaytee laytee waaran imkaanan khhy aazadi saan rad karay hik naeen rasam shuroo kaee aahay.
سيد سجادا نشين به آهي، سياست به ڪري ٿو، پر اڃان به وڌيڪ، سيد فلسفي به آهي، ليکڪ به آهي، پر انهن پنجن منجهان هن درويش ذاتي فائدو ڪو به حاصل نه ڪيو آهي، هن ڪي به ٻه چار پيسا ڪون ڪمايا آهن. هن ڪنهن کان به ڪجهه ڪون ورتو آهي، سڀني کي رڳو ڏنو اٿس. هن هتان جي سماج ۾ نظر نياز ۽ ٻي اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي وارن امڪانن کي آزاديءَ سان رد ڪري، هڪ نئين رسم شروع ڪئي آهي

(چاچو حفيظ قريشي)

Courtesy: Indus Roman Sindhi blog

جي ايم سيد

جي ايم سيد، سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪو ٻار جيئريُ ڪوسيءَ ڪُک ِ سان ڪندو آهي. هن لاءِ سنڌ رڳو ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه هئي، هي ڏاڏا پڙڏاڏا به آهن جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي ان سان ڪٺا هوندا آهن. مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي وحدت الوجودي، هي صوفي لڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيُء ماکيُء .کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي . جڏهن سج ٽامڙي هڻي ويندو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي َ آهي تڏهن هن جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان ان وقت جي َ ان ڇانو جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيُء بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن .سان گهوريندي ڏسندا. (شيخ اياز)

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سومناٿ تي محمود عزنوي جي ڪاهه – فرضي قصو يا حقيقت

مخلتف ريسرچ اسڪالر ۽ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ تحقيقدان ان ڳالهه يا دعوا جي پڪن ثبوتن، سچائين ۽ مظبوط حقيقتن جي بنياد تي چيلينج ڪري رهيا آهن ته محمود غزنوي ڪو سومناٿ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڇو جو سومناٿ، افغانستان کان گهڻو پَري، انڊيا جي رياست گجرات جو ان زماني ۾ هڪ عام ڳوٺ هو ۽ ان زماني ۾ سومناٿ جي ڪا جاگرافيائي، سياسي يا اقتصادي اهميت ڪو نه هئي. ان زماني ۾ اتي ڪجهه عام مندر هئا، پر اهڙا ڪي به ثبوت نٿا ملن ته ان زماني ۾ اتي ڪو اهم مندر هو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اتي ڪو اهم مندر هو ۽ سومناٿ ڪو اهم شهر هئو ته پوءِ هندو پنهنجي روايتن موجب ان مندر يا شهر ڏانهن ياترا لاءِ ڇو نٿا وڃن، جيئن اهي پاڪستان جي ڪٽاس راڄ مندر يا سنڌ ۽ بلوڇستان جي حد تي هنگلاج ۾ نانيءَ جي مندر ڏانهن وڃن ٿا يا جيئن هندو بنارس ياترا يا ڪشمير ۾ ٿيرٿ ياترا يا گنگا اشنان وغيره تي وڃن ٿا. تنهنڪري لڳي ائين ٿو ته مسلمانن محمود عزنويءَ کي زوري عظيم مسلم هيرو ۽ جرنيل ظاهر ڪرڻ لاءِ سومناٿ جي سوڀ جو فرضي قصو گهڙيو هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نظر نٿو اچي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته محمود عزنوي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سال پهرين سڄو پنجاب پار ڪري، سنڌ جي ريگستاني علائقي ۽ پوءِ ڌٻڻن واري علائقي مان گذري، سفرن ۽ منزلن جا سور سهي وڃي گجرات تائين رسيو ۽ سندس رستي ۾ ڪنهن سان جنگ جي به ڪا شاهدي نٿي ملي. ڇا محمود عزنوي ۽ سنڌس هيڏي ساري لشڪر ڪا سليماني ٽوپي پائي رکي هئي جو اهو ڪنهن کي به نظر نه آيو ۽ سدو وڃي سومناٿ پهتو.
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ زرعي حوالي سان خوشحال ۽ سَرهي رڳو سنڌ هئي (ان زماني ۾ ڪشمير تائين جو علائقو لڳ ڀڳ سنڌ ئي هو)، اهي ئي ڪارڻ هئا جو سڀئي ٻاهريان ڦورو رخ سنڌ ڏانهن ئي ڪندا هئا. ان زماني ۾ سنڌو نديءَ جي ڪري، سنڌ ۾ ڪڻڪ، خوراڪ، وهٽن، ميون ۽ ڀاڄين جي گهڻائي جي هوند اصل ۾ ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ لاءِ انهن جي دل ۾ اِڇا يا خواهش پيدا ڪندي هئي. اهو ئي سبب هو جو محمود عزنوي سترانهن ڪاهون رڳو سنڌ ۽ پنجاب تي ڪيون ۽ پوءِ نيٺ ان سڄي پرڳڻي کي پنهنجي سلطنت يعني هاڻوڪي افغانستان ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
محمود عزنوي کي عظيم مسلمان سپهه سالار ظاهر ڪرڻ رڳو سياسي مقصدن لاءَ هو. ان جو حقيقتن يا سچائي سان ڪو لاڳاپو نه هئو. ڇو جو محمود عزنوي جي پنهنجي علائقي يعني باميان، افعانستان ۾ گوتم ٻڌ جا وڏا وڏا بُت موجود هئا، جيڪڏهن محمود عزنوي اهڙو ئي سچو بت شڪن هئو ته پوءِ ان افغانستان کان هزارين ميل پَري گجرات ۾ وڃي بُت ڇو ڀڳائين، هن سومناٿ ۾ موجود بتن کان به وڏا بُت جيڪي سندس علائقي ۾ موجود هئا سي ڇو نه ٽوڙيا. تنهنڪري اها ڳالهه ته محمود عزنوي پاران سومناٿ تي ڪاهه اسلام جي واڌاري لاءِ ڪئي وئي هئي جو حقيقتن سان پَري پَري تائين ڪو لاڳاپو نظر ڪو نه ٿو اچي. بلڪي محمود عزنوني ته پاڻ ايران، خراسان جي مسلمان رياستن تي ڪاهون ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو هئو.

نوٽ؛ هي مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن.
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

پڙھيو پڙھيجاءِ

سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول : ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“

نوٽ؛ حشو ڪيولراماڻي جو هي قول سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

جي ايم سيد ۽ ڀٽو

ڄام ساقي، ڪجھه ورهيه اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ لکيو هو ته هو ۽ جي ايم سيد ٻيئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو ته در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ، چيائين ته مان ذاولفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نه ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي ته ڀلي ڄام ساقي کان تصديق ڪري جو اهڙي دعوا ڄام ساقي ڪئي آهي.
سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو ته پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه، شهيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاهه کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان ته ڀٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ائين نه ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌريو دوست انهيءَ تي روشني وجھي.  اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي. (محمد خان سيال)

نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا (محمد خان سيال جي فيس بُڪ وال ورتل آهي.

جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي لا۽ رنو

“ جنهن رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو ٖ قدرتي طور جي ايم سيد جي طبيعت ناساز هئي ٖ جي ايم سيد روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو ٖ ڀٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻڌي نہ سگهيو ٖ ان ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پو۽ صبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اها خبر ٻڌڻ سان سائين جي ايم سيد روئي پيو ٖ مون سائين کي چيو،  “سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون؟ “سائين پنهنجون اکيون مٿي کڻي جواب ڏنو تہ “مان ڪنهن جي موت زندگي تي نہ ٿو روئان، مون کي پنهنجي قوم جي بيوسي تي روئڻ ٿو اچي، اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪڇيو بہ نہ، اسان جي پاڪستان ۾ اها حيثيت آھي.“
( عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “ مجيب ۽ ڀٽو “ تان ورتل اقتساب صفحو نمبر 127 )

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

انٽرنيشنل هاسٽل ڪمرو نمبر 13

سنڌي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي جيئي سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شروعاتي منشور لکيو ويو ۽ ان جي جهنڊي جي ڊزائين به ان ڪمري ۾ ئي ٺاهي وئي هئي ۽ جساف جو شروعاتي بنياد، جي ايم سيد جي منظوري سان 1969ع ۾ اقبال ترين جي سرواڻيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اقبال ترين ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر بڻيو.

نوٽ؛ مٿي ڏنل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ تان) ورتل آهي.

فارسيءَ جو دور

فارسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويئي. شھرن ۽ ڳوٺن وارن مدرسن ۾ قنڌار کان مولوي گھرائي رکيا ويا، جن فارسيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جو پھاڪو انھن ڏينھن جي ڳالهه ڪري ٿو. جنهن جي ڪري سنڌين کي سنڌي زبان ۾، خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ ھئي ۽ علمي گفتگو ۽ بحث مباحثا به پارسيءَ ۾ ھئا. تاريخ، انشاءَ تفسير، حديث، ديوان، مثنويون ۽ سمورا ڪتاب پارسيءَ ۾ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ. حضرت مولانا شيدائي ص 520)
حوالو؛ ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ دادا سنڌي
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ابن بطوطا

ابن بطوطا (ابن بطوطه) جڏهن مصر جي بندر اسڪندريا تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ،  ابن بطوطه کي اڳواٽ چئي ڇڏيو هو ته: سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي تاريخ جا وساريل ورق

مخدوم عبدالله جو مدرسو:
مخدوم عبدالله ڀٽي، جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ هو. سندس اصل نالو راجڪمار ارجن پٽ وريو هو. ڪنهن درويش جي صحبت ۾ رهي مسلمان ٿيو. کيس روحاني فيض حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان حاصل ٿيو. هالن پراڻن (هالا ڪنڊي) ۾ اچي پنهنجي ديني مدرسو کوليائين. جنهن ۾ نه رڳو ظاهري علم جو درس ڏيندو هو، پر باطني علم سان به نوازيندو هو. هالن پراڻن جا مخدوم، هن بزرگ (ارجن عبدالله ڀٽي) جو اولاد آهن ۽ منجهن ڪيترائي وڏا عالم مدرس ۽ فاضل ۽ فقيهه پيدا ٿيا. هن بزرگ ستين صدي هجري جي آخر ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سرور سهتي جو وڇڙو

جيئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ (جسم) جو چيئرمين پروفيسر سرور سهتو لاڏاڻو ڪري ويو.
سرور سهتو 80 واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ فزيڪل ٽريننگ جو انچارج هيو. مسلم هاسٽل ۾ ٻين ماڙ تي سندس گهر هئو. گهر ڇا هو جو سموري قومي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ اڻ اعلانيل آفيس هئي.
سرور سهتي، جيئي سنڌ جي اسڪولي ٻارن لاءِ تنظيم جيئي سنڌ لطيف سنگت قائم ڪيائين. جنهن جو جي ايم سيد کيس نگران مقرر ڪيو. توڙي جو ان وقت سرور سهتو، جيئي سنڌ محاذ جا مرڪزي اڳواڻ هئو پر پنهنجي هن قومي ذميواري کي ڀرپور نموني سان نڀايائين ءِ سڄي سنڌ جي مک هاءِ اسڪولن ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگ  (ج.س.ل.س) جون شاخون کوليائين.
سندسن نگراني ۾ جيئي سنڌ جي ٻارڙن جي هن تنظيم مان جمال ناصر بلو، سوجهرو سنڌي، عرفان مهدي، ليمون مل سنڌي، شهيد منير خان چولياڻي، رياض چانڊيو، سليم حيدري، گل سنڌي، امير حمزو انڙ جهڙا مک قومي ڪارڪن پيدا ٿيا.
پروفيسر سرور سهتو تمام پڙهيل ڳڙهيل، پڙهائي لکائي وارو ءِ ٿڌي طبيعت وارو انسان هيو. حيدرآباد شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جيئي سنڌ کي منظم ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين به رهيو.

نوٽ؛ سرور سهتي تي لکيل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڇا سنڌي ٻولي مري چڪي آهي؟ هاڻي رڳو ان جي جنازي نماز ۽ فاتح پڙهڻي آهي!؟

sindhi-bboliسنڌي ٻولي مري چڪي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مارڻ وارا ٻيا ڪي به نه پر اسين سنڌي پاڻ آهيون. ڪي موت اهڙا ٿيندا آهن، جن جي موت، ڪفن ۽ دفن جو اعلان ڪو نه ٿيندو آهي. ڇو جڏهن ڪنهن قوم جي گهڻائي پنهنجي ٻولي وساري ويهندي آهي ته پوءِ ان ٻوليءَ جي بچڻ جو آسرو ڏاڍو گهٽ هوندو آهي. پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ لاءِ آخري اميد رکي ”اِن ڊفينس آف سنڌي لينگويج“ جو هي گروپ ٺاهيو آهي. جيئن ڪو شخص دل جي دوري يا ٻئي ڪنهن حادثي ۾ مري ويندو آهي ته ان شخص کي فرسٽ ايڊ اينڊ ڪارڊيو پلمونري رسسٽيشن (سي پي آر) ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪن حالتن ۾ مئل مريض وري جيئرو به ٿي پوندو آهي.
سنڌي ۽ اردو انڊو آريائي ٻوليون
سنڌي ۽ هندي (اردو) انڊو آرين ٻوليون آهن. توڙي جو سنڌي ٻولي تي ڪجهه شروعاتي پراڪرتي ۽ دراوڙي اَثَرَ آهن، پر بنيادي طور تي سنڌي ٻولي، انڊو آريائي ٻولين جي ڪُٽنب مان ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ۽ هندي (اردوءَ) ۾ 75 سيڪڙو لفظ ۽ گرامر ساڳيو ئي آهي ۽ باقي سنڌي ۽ اردو جي وچم جيڪو 25 سيڪڙو فرق هو، جنهن جي ڪري سنڌي الڳ ٻولي ليکي ويندي هئي، انهن کي اسان پاڻ پنهنجي ٻولي جا تُز، سولا ۽ سادا لفظ هوندي سوندي به روزآنو پنهنجي انهن لفظن کي قتل ڪري، ٻين ٻولين جا لفظ واپرائي لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهي سولا سادا ۽ تُز سنڌي لفظ استعمال نه ڪرڻ سبب هاڻي اهي سنڌي لفظ مئل لفظن ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.
اردو ۽ گوگل
اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن دنيا کي به سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ بلڪل ائين خبر پئجي ويندي، جيئن گوگل وارن کي ان ڳالهه جي خبر پئجي چڪي آهي ته اصل ۾ اردو ۽ هندي ٻئي ساڳيون ٻوليون آهن، رڳو ٻنهي ۾ لکڻ جي لپيءَ جو فرق آهي. جهڙي رفتار ۽ جهڙي وڏي انگ ۾ اسان پنهنجا سنڌي لفظ ختم ڪري يا قتل ڪري انهن جي جاءِ اردو جا لفظ واپرائي رهيا آهيون، ان حساب سان ٻنهي ٻولين ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ کي لڳ ڀڳ اردو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي يا ته سنڌي ٻولي جو ضد ڇڏيون ۽ سڀ هلون اردو زبان واري پاسي يا وري ڄمي سنڌي ٻوليءَ جو گڏجي بچاءُ ڪيون. آئون ڪو ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ جو مخالف ڪو نه آهيان. منهنجو رڳو هي چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا نج نبار لفظ هوندي سوندي انهن جي جائي تي ٻي ٻوليءَ جا سوين لفظ ڏهاڙي استعمال ڪنداسين ته پوءِ پنهنجي ٻولي ته پنهنجي نه رهندي . گوگل ٽرانسليٽ، گوگل اردو ٽرانسليٽ کي گوگل هندي ٽرانسٽليٽ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن به ڪو، جيڪو ڪجهه به اردو مان انگريزيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪري ٿو ته پهرين اهو هندي ۾ ٽرانسليٽ ٿئي ٿو ۽ اتان پوءِ اهو انگريزيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
اباڻي ٻوليءَ جو مرتيو
اسان مان جن کي ٿوري به ساڃاهه آهي ته اهي ته رڳو اندازو لڳائڻ مان ئي سمجهي سگهن ٿا ته هاڻي سنڌي ٻولي جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي اباڻي ٻوليءَ جي ٿيل مرتيئي جو هرڀرو ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ ڏسڻ سان ئي پڪ ٿيندي ته اسان پنهنجي اباڻي ٻوليءَ کي ڪئين ٻوساٽي ماريو آهي ته پوءِ ان جو سائينٽيفڪ ثبوت به اسين هٿ ڪري سگهون ٿا. اهو هئين ته سنڌي ليونگويج اٿارٽي هڪ ڪيس اسٽڊي پئي ڪري، جنهن ۾ ڪجهه چونڊ ٽيڪسٽ بيسڊ سنڌي ويب سائٽن تان مواد کڻي ڊيٽابيس ۾ رکيو ويندو، جنهن کان پوءِ فلٽر ڪوڊ هڻي ڪمپيوٽنگ ڪيوري ذريعي ڏٺو ويندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ سئو لفظ ڪهڙا استعمال ٿي رهيا آهن. پھريان ھڪ سئو لفظ، جيڪي وڌ کان وڌ سنڌي ٻولي ۾ واپرائجي رهيا آهن ان جو مطلب اهو ٿيو ته اھي لڳ ڀڳ سڄي ڳالهائي ۽ پڙھي ويندڙ ٻوليءَ جو پنجاھ سيڪڙو کن ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندڙ پھريان اڍائي سئو لفظ ۽ پوءِ پنج سئو لفظ جدا ڪبا تہ پاڻمرادو خبر پئجي ويندي تہ سڄي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ پنجھتر سيڪڙو استعمال ٿين ٿا. حوالو؛ ڏسو اَمر فياض جو ”سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت“ وارو فيسبڪ تي اسٽيٽس، 28 سيپٽمبر، 2016
ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ڪم ڪرڻو پوندو. ساڳي نموني اردو ٻولي اٿارٽي پاران اردو ٻولي جي ڪيل اسٽڊي جا اردو ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ استعمال ايندڙ هڪ سئو لفظ ۽ پوءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ ايندڙ پهريان اڍائي سئو ۽ پوءِ پنج سئو لفظن جي لسٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي لسٽن جي پنج سئو لفظ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو. آئون اوهان کي پڪ سان ٿو ٻڌايان ته ٿورن لفظن کي ڇڏي ٻنهي لسٽن ۾ گهڻو ڪري لفظ ساڳيا ئي هوندا. ڇو جو اسين سنڌي ٻولي جي نالي ۾ اصل ۾ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ جا لفظ ڇڏي اردو ٻوليءَ جا لفظ واپريون پيا.
قومي ٻوليءَ جا مطالبا
اسان مان گهڻا بنا ڪنهن سوچ، سمجهه ۽ ساڃاهه جي هي مطالبا پيا ڪندا آهن ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ڪيو يا فلاڻن فلاڻن پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. تنهنڪري سرڪار کان گُهر ٿا ڪيون ته انهن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لاڳو ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جا ڀلي مطالبا ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻين پرائيويٽ اسڪولن ۾ نيٺ سرڪار ڪهڙي سنڌي ٻولي لاڳو ڪري. جيڪا سنڌي ٻولي هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي ڳالهائي رهي آهي يا لکي رهي آهي سا سواءِ ڪجهه لفظن جي فرق ۽ لپيءَ جي ڦيرگير سبب ڪجهه نقطن جي فرق جي اصل ۾ اردو ئي آهي ۽ اها ڳالهه آئون مثالن ۽ ثبوتن سان اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي سنڌي نه پر اردو اسپڪينگ ٿي چڪي آهي
سنڌي وڪيپيڊيا
جن لاءِ اسين چئون ٿا ته اهي قوم ڪونهن ۽ انهن جي ٻولي، قومي ٻولي ڪونهي، انهن جي اردو وڪيپيڊيا تي علم جي خزاني جا مختلف موضوعن هڪ لک کان مٿي مضمون رکيل آهن ۽ اردو وڪيپيڊيا جا هزارين ايڪٽو يوزرز آهن، جيڪي لاڳيتو پنهنجي وڪيپيڊيا کي علم جي خزاني سان ڀريندا رهن ٿا. وڪيپيڊيا تي سڀني ٻولين جي درجيوار فهرست رکيل آهي ته ڪهڙين ٻولين جا وڪيپيڊياز تي گهڻا مضمون رکيل آهن. هڪ هزار مضمونن واريون ٻوليون، 10 هزار مضمونن واريون ٻوليون، لک کان مٿي مضمونن واريون ٻوليون، 10 لکن کان مٿي واريون ٻوليون ۽
ڪروڙ کان مٿي رکيل مضمونن واريون ٻوليون. ان حوالي سان ڏسون ته سنڌي وڪيپيڊيا 2006ع ۾ ٺهي هئي ۽ 10 سال گذرڻ کان پوءِ به پنج هزار کان مٿي مضمون آهن ۽ اها اڃان تائين ڏهه هزار مضمونن واري لسٽ ۾ به اچي نه سگهي آهي ۽ سنڌي وڪيءَ تي رکيل مضمونن مان به گهڻا هڪ ٻن سٽن وارا آهن يا معياري ۽ علمي ڪونهن، اهي رڳو مضمونن جو وڌيڪ انگ ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.
سنڌي وڪشنري
سنڌي وڪشنري تي به رڳو هزار کان ڪجھ مٿي لفظ رکيل آهن، جڏهن ته ٻين ٻولين جي وڪشنرين ته لکين لفظن جو خزانو پيو آهي.
سنڌي وڪي نيوز
اسين ٽڪي ٽڪي جي اخباري سٺين کي پنهنجون خبرون ڏيڻ جون منٿون پيا ڪندا آهيون، جن جون اخبارون ٽيڪسٽ بيسڊ به ناهن. يعني باقي دنيا يا انساني حقن جون تنظيمون وغيره رياست طرفان اسان سان ڪيل نا انصافين جون خبرون يا دنيا جا ٻيا ادارا ڪي ٻيون خبرون يا ڳالهيون اسان جي باري ۾ ڳولڻ چاهين ته اهي کين نه ملنديون، ڇو جو انٽرنيٽ جون سرچ انجڻيون ٽيڪسٽ بيسڊ مواد کي ڳولي ڏيکاري سگهن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ وڪيپيڊيا وارن اسان کي بلڪل مفت سنڌي وڪي نيوز (وڪي اخبار) جي سهولت ڏني ته جيئن اسين ان تي سنڌ جي جهرجهنگ مان خبرون اَپ ڊيٽ ڪري دنيا کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا رهون، پر اسان، سنڌين وڪي نيوز سان ڇا ڪيو. اسان ان کي استعمال ۾ ئي نه آندو، ڇو جو اسان پنهنجي ٻولي کي اهميت نٿا ڏيون يا ان کي اهم نٿا سمجهون. نيٺ وڪيپيڊيا وارن سنڌي وڪي نيوز جي سهولت کي بند ڪري ڇڏيو. سنڌي وڪيپيڊيا به ڪجهه دوستن جي ڪري پئي هلي. ائين به ڪونهي جو اسان اهو چئي سگهون ته اسان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي خبر ڪا نه هئي، نه ته اسان ته سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ وڪيپيڊيا تي تير هڻي وڏا ڦاڙها ماريون هئا. ڇو جو سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن، وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج ۽ ٽوئٽر اڪائونٽ کولي رکيو آهي، ان ذريعي اهي اسان سڀني کي سنڌي وڪيپيڊيا جي سرگرمين سان گڏوگڏ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ درخواست به ڪندا رهندا آهن ته سنڌي وڪيپيڊيا تي اچي اڪائونٽ کولي سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي مواد رکو. وڪيپيڊيا تي اڪائونٽ کولڻ لاءِ ته وڪيپيڊيا وارا ايميل ايڊريس به نٿا گهرن. ڪنهن به نالي سان اڪائونٽ کولي اوهان وڪيپيڊيا تي اچي ڪم ڪري سگهو ٿا. سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن جي ايترين اپيلن جي باوجود به سنڌي يوزرز جو انگ نه وڌي سگهيو. ان کان پوءِ مانواري اَمر فياض صاحب سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان پنهنجي ٺاهيل هڪ وڊيو، هتي فيس بُڪ تي اَپ لوڊ ڪئي. ان وڊيو ۾ اَمر فياض، سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان سڀ ڳالهيون ڏاڍي سهڻي نموني سان سمجهايون. اَمر فياض جي ان وڊيو کي ڏسي لڳو ته هاڻي گهڻا ئي سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ ۽ پروانا سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو اڪائونٽ کولي هٿ ونڊائيندا، پر نتيجو ڇا نڪتو، اهي ئي دٻليءَ ۾ ٺڪريون، ڇڻ ڇڻ.
گوگل ۽ سنڌي ٻولي
گوگل طرفان سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي سرچ جي سهولت ڏنل آهي، اسان مان گهڻا آهن، جيڪي گوگل جي ان سهولت کي استعمال ڪن ٿا. ڇا سڄي دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ۽ سمجهي ڪو نه پئي ڇا؟ اصل ۾ دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي به پئي ۽ سمجهي به پئي، پر ان جي باوجود به اها اسان کي انڊس سولائيزيشن جو وارث سمجهي، اسان جي مدد ڪرڻ چاهي پئي. اهو ئي سبب آهي جو گوگل، سنڌي ٻولي کي گوگل ٽرانسليٽ ۾ شامل ڪيو آهي، پر اسان ان سان ڇا ڪيو؟ گوگل وارن اسان کي جيڪي انگريزي لفظ يا اصلاح موڪليا انهن جا هڪ ته اسان 60 يا 70 سيڪڙو ترجما غلط ڪري موڪليا بلڪي ڪن لفظن جو غلط يا صحيح ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش بدرآن انگريزيءَ جي انهن لفظن جي ترجمي جي بدرآن مشڪري ۾ پنهنجي دوستن يا ڳوٺن جا نالا لکي ڇڏيا باقي جن دوستن ڪجهه صحيح ترجما گوگل ڏانهن اُماڻيا، انهن مان ڪجهه کي ڇڏي باقين انگريزي جي لفظن لاءِ پنهنجا سنڌي لفظ هوندي به اردو جا لفظ ترجمي ۾ ڏياري موڪليا. مثال طور انگريزي جي لفظ ”فلڊ“ جو سنڌي ترجمو ”ٻوڏ“ وڌيڪ سٺو ٿو لڳي، پر اسان جي سنڌي دوستن ان جو ترجمو ”سيلاب“ ڪري اماڻيو. ائين سوين لفظ آهن جن جا سنڌي ٻوليءَ جا پنهنجا نج نبار لفظ آهن، پر اسان انهن جي جاءِ تي اردو جا لفظ گوگل سنڌي ٽرانسٽليٽ ڏانهن اماڻي موڪليا. اهي سڀ ڳالهيون مون کي ان ڪري خبر آهن جو مان گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ڪميونٽي ۾ شامل آهيان ۽ اهي ترجما جڏهن مون وٽ ايندا هئا ته آئون پنهنجو مٿو جهلي بيهي رهندو هوس ۽ پوءِ نيٺ پنهنجي وس آهر انهن کي صحيح ڪري واپس گوگل ڏانهن اُماڻي موڪليندو هئس. ڇا اهي سڀ نشانيون اوهان کي ڪو نه ٿيون ٻڌائين ته سنڌي ٻولي گذاري چڪي آهي. هتي فيس بُڪ تي ڪجهه دوستن پنهنجي مخلتف پوسٽن تي خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي اسان جا سنڌي، جيڪي سنڌي ۾ اردوءَ جا لفظ پيا استعمال ڪن، يا سنڌي ٻولي جي بيهڪ، گرامر ۽ جملن کي غلط بيهڪ سان پيا لکن، اهي اهو ائين فيشن لاءِ پيا ڪن. نه منهنجا سائين، اسان جا سنڌي، اها غلط سنڌي فيشن لاءِ ڪو نه پيا لکن ۽ ڳالهائين، بلڪي اهي، اها غلط سنڌي لکن ۽ ڳالهائين ان ڪري پيا جو اسان پنهنجي ٻولي وساري ويٺا آهيون.
سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهيا آهن
آئون ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي ڀائٽين، ڀائٽِين، ڀاڻيجِين ۽ ڀاڻيجن جا وڃي فيس بُڪ پيج ڏسندو آهيان ته مون کي حيراني ٿيندي آهي ته اهي سڀ پنهنجي فيس بُڪ تي پوسٽون اردو ۾ يا رومن اردو ۾ لکن پيا ۽ هيٺان انهن جي سنڌي دوستن ۽ ساهيڙين جا ڪمينٽس به اردو ۾ يا رومن اردو ۾ ئي هوندا آهن.
جڏهن ته اهي سڀ سنڌي آهن ۽ انهن سڀني جا ماءُ پيءُ پڻ سنڌي آهن. هتي ڪو ادارو ته آهي ڪو نه جو اهو ان حوالي سان صحيح انگ اکر گڏ ڪري اسان کي ٻڌائي، باقي اسان سڀني کي اندازو آهي ۽ پنهنجي اکين سان به ڏسون پيا ته سنڌين جي آبادي ته وڌي آهي، پر سنڌي ڳالهائڻ وارن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا هاڻوڪا سنڌي جيڪا سنڌي ڳالهائين ۽ لکن پيا، اها اصل ۾ سنڌي نه پر ڪجهه لفظن جي فرق سان اردو ئي آهي، پر اسان کي اهو احساس ئي ڪونهي ته ڪو اسان سنڌي بدرآن اردو ڳالهائي ۽ لکي رهيا آهيون. اسان پنهنجي اباڻي سنڌي ٻوليءَ سان ايڏو ته ظلم ڪيو آهي جو هاڻي اردو گاڏڙ سنڌي کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.
ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي
اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي ۾ سنڌي آباد ڪرڻ سان به سنڌ ۽ سنڌين کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو، ڇو جو اُتي پهچي اسان جا سنڌي پهرين فرصت ۾ سنڌيءَ مان ڦري اردو اسپڪينگ ٿي وڃن ٿا. ٻولين جي بقا لاءِ ڪنهن به پرڳڻي جون ٻهراڙيون آڪسيجن جون ڪم ڪنديون آهن، پر هتي اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي ته پاڻ شهرن ۾ رهندڙ سنڌي کان به وڌيڪ بگاڙ جو شڪار ٿي چڪي آهي.
ٻين ٻولين جا لفظ
ٻوليون ٻين ٻولين کان لفظ وٺنديون رهنديون آهي، خاص طور جڏهن پنهنجي ٻولي ۾ ڪو لفظ نه هجي ته ان لاءِ ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. آئون ائين نٿو چوان، جيئن اردو جي ڪجهه دانشورن ڪوشش ڪئي هئي، تئين اسان به ڪيون. قصو هنئين آهي ته اردوءَ جي ڪجهه دانشورن کي اچي ڳڻتي لڳي ته اردو ۾ تمام گهڻا انگريزي جا لفظ شامل ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن لاڳيتو ائين ٿيندو رهيو ته پوءِ ته اردو اردو ئي نه رهندي، تنهنڪري انهن انگريزي جي لفظن جي جاءِ تي زوريءَ اردو جا لفظ ٺاهڻ شروع ڪيا. مثال جي طور تي انگريزي جا ڪجهه لفظ هي آهن جن جي جاءِ تي هيٺيان اردو لفظ ٺاهيا ويا.
Lawyer = ڀاڙو
Judge = مها ڀاڙو
Letter Box = پَتر گهسيڙ
Typewriter = ڪٽماڪٽ
Loud speaker = آله مڪبر الصُوت
Thermometer = مقياس الحراره
ساڳي نموني، سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون ڪوششون ٿيون، جيئن ريڊيو جي جاءِ تي ٻڌڻو، فرج جي جاءِ تي ٿڌڻو ۽ ڪمپيوٽر جي جاءِ تي ڳڻپوڪر جهڙا لفظ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ظاهر آهي ته اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيڻيون هيون، سو ڪامياب نه ٿيون. ڇو جو جڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ جيڪڏهن نوان لفظ ٺاهيا به ويندا آهن ته اهي نوان لفظ پنهنجي ٻوليءَ جي صورت سان ملائي اهڙي نموني ٺاهيا ويندا آهن، جو انهن نون ٺهيل لفظن کي ٻڌڻ سان مزو اچي يعني اهي نوان لفظ ڪن رس ڏين. مون کي خبر ناهي ته ڪمپيوٽر لاءِ نئون سنڌي لفظ اسان جي ڪهڙي احترام لائق مانواري دوست ٺاهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان مانواري دوست پنهنجي حساب سان صحيح ئي ٺاهيو هجي پر سچ ته اهو آهي ڪمپيوٽر لاءِ ٺاهيل اهو نئون لفظ ڪن رس بلڪل به ڪو نه ڏيئي پر ان جي ڀيٽ ۾ ”انٽرنيٽ“ لاءِ ٺاهيل سنڌيءَ جو نئون لفظ ”ڳنڍڄار“ ڪن رس ڏيئي ٿو، تنهنڪري اڳتي هلي ڳنڍڄار جو واهپو وڌي سگهي ٿو. خير جنهن به مانواري دوست ڪمپيوٽر لاءِ نئون لفظ ڳڻپوڪر ٺاهيو آهي، ان لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عزت آهي ڇو جو اهو دوست گهٽ ۾ گهٽ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجي ان ڪوشش جي ذريعي عملي جاکوڙ ته ڪري پيو.
دنيا ۾ اسان جو حصو
جون ايليا جي لفظن ۾ ته، ”اسان تاريخ جي دسترخوان تي ويهي ٻه هزار سالن کان رڳو حرامخوري ڪندي کائيندا پيا اچون.“ مطلب ته اسان دنيا جي پيداوار ۾ پنهنجو حصو ڪو نه پيا وجهون. ظاهر آهي ته اسان وٽ سائنس، طب، ٽيڪنالاجي، ڪامرس، اڪنامڪس، فنانس ۽ ٻين فليڊن ۾ نه ڪا تحقيق ۽ نه ئي ڪا اڳڀرائي ٿئي پئي ته پوءِ جيڪي قومون انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ڪن پيون، انهن جون ئي ٽرمنالاجيون اسان کي مڃڻيون پون ٿيون. هونئن به وڏي وقت کان سنڌي ٻوليءَ ڪو به سائنسي ۽ تخليقي مواد تخليق ڪو نه پيو ٿئي. هي جيڪي اسان وٽ لکجي پيو اهو 10 ڪتاب ۽ ڪجهه مضمون پڙهي، انهن مان نئون ڪتاب ٺاهڻ برابر آهي، جيڪا سهولت وڪيپيڊيا تي اڳواٽ ئي موجود آهي، جنهن تحت اوهان وڪيپيڊيا جي مواد مان جيترا وڻي وڪي بُڪس ٺاهي سگهو ٿا.
مختصر اهو ته سنڌي ٻولي سان هي جيڪو ظلم ٿيو آهي ان ۾ اسان سڀ شامل آهيون، جنهن ۾ اسان جي ميڊيا، چئنلَ، ادارا سڀ شامل آهن. مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اسان جا هي هزارين سنڌي استاد، خاص طور تي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ وارا استاد ڇا پيا ڪن. ظاهر آهي ته اسان جا استاد اسڪولن ۾ صحيح سنڌي ڪو نه پيا پڙهائين، تڏهن ئي ته اسان سنڌين جي گهڻائي پنهنجي اباڻي ٻولي وساري ويٺي آهي.
سنڌي ٻولي لاءِ احساس
فيس بڪ تي مانواري ستار زنگيجي ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ هاڃن جو احساس آهي ۽ کين سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ان ظلم تي مون پڄرندي ۽ فيسبُڪ تي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي، نه ته اسان سنڌين جي گهڻائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو فڪر ڪو نه رهيو آهي. باقي حلالي پٽن وارو ڊاڙون ۽ ٺلهيون ڦوڪون هڻڻ ۾ ته اسان کان وڌيڪ ڪو ماهر آهي ئي ڪو نه. هاڻي اهو رٽيل راڳ ور ور ورجهائڻ ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ٺاهيو، اجاين ترڪتالين کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڇو جو ٻوليون، مطالبن ۽ نوٽيفيڪشنن سان قومي نه پر ٻوليءَ لاءِ عملي ڪم ۽ ٻوليءَ جي واهپي جي واڌاري سان ترقي ڪنديون آهن.
قوم يا سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم
ڪم ڪرڻ جا ٽولز يا ٽيمپليٽس اسان جي آڏو پيا آهن، انهن کي استعمال ۾ آڻي سنڌي ٻولي کي قومي ته ڇا اسان عالمي ٻولي به بڻائي سگهون ٿا. اسان مان ڪنهن کي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ کان ڪنهن به روڪيو ڪونهي. بلڪي سڄي دنيا ان حوالي سان اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر جيئن مان ان حوالي سان اوهان کي گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان اڳم ئي ٻڌايو ته ڪيئن نه سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي وڪشنري، نندڻڪيون پيون آهن. سنڌي وڪيپيڊيا وٽ جيئن تيئن ڪري رڳو ڏهه ويهه ايڪٽو يوزرز آهن. ڪو ٿو چوي ته سنڌي قوم پنج ڪروڙ آهي، ڪو ٿو چوي ته سنڌي ڇهه ڪروڙ آهن، ڇا پنج ڇهه ڪروڙن جي سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم اهڙي ٿيندي آهي، جو ان سوڪالڊ (هٿ ٺوڪي) قوم مان سنڌي وڪيپيڊيا تي 50 يا 60 ڄڻا ئي ڪم ڪرڻ لاءِ ملي سگهن. مان جهونو ماڻهو ٿي ڪري، وڪيپيڊيا جي سسٽم سمجهي سگهان ٿو ته پوءِ اڄ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن ڄمڻ ساڻ ئي ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ موبائل فون ڏٺا آهن، سي ڪيئن نٿا وڪيپيڊيا جي صفا سولي سسٽم کي سمجهي سگهن. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي نوجوانن جي پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي.
ٻڏندڙ جهاز ۽ ڪوئا
جنهن ٻوليءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هوندا آهن ته ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي دانشورن ۽ اديبن کان پهرين ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي عام ماڻهن کي اڻ محسوس ڪندڙ انداز ۾ اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي. جيئن جهاز ٻڏڻ جي سڀ کان پهرين ڄاڻ ڪوئن کي پئجي ويندي. بلڪل ساڳي نموني عام سنڌين جي گهڻائي تيزي سان سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهي آهي.
آخري ڳالهه
سڀ ڳالهيون هن هڪڙي پوسٽ ۾ نه ٿيون ڪري سگهجن. رڳو آخري ڳالهه هي ڪرڻي آهي ته اسان کي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي فرسٽ ايڊ ۽ سي پي آر ڏئي بچائڻو آهي ته پوءِ اسان جي ميڊيا سميت سڄي قوم ۽ ادارن کي گڏجي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. باقي ٻن چار ڏينهن جي جوش مان، جيئن کير اُڀامي وري ويهي رهندو سان ڪم ڪو نه هلندو. ياد رکو اسان سنڌين جي گهڻائي، پنهنجي اباڻي ٻولي کي وساري ويٺي آهي، ان ڪري سنڌين کي پنهنجي ٻولي ڏانهن آڻڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن نه پر ڏهاڪن تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪرڻي پوندي، ڇو جو هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ رڳو ڪجهه ٻوليدانن ۽ ڪجهه ٻولي انجنيئرن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي.
توڙي جو سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ناممڪن ڪونهي. جيڪڏهن اسان ان ڏس ۾ صحيح ڪوششون نه ورتيون ته پوءِ تاريخ جو عمل سنڌي ٻوليءَ کي ائين مِٽائي ڇڏيندو، جيئن هن کان پهرين اهو عمل ٻين ڪيترين ئي ٻولين کي ختم ڪري چڪو آهي. ڀلي مايوس نه ٿيون، پر اسان کان جيترو جلدي ٿي سگهي، اوترو جلدي بي بنياد اميد پرستيءَ، لفاظي ۽ اجائي نرگسيت مان پنهنجي جان ڇڏائي ۽ سُک درسائپ جي رستي کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ عملي ڪم ڪيون. اسان جا ڪجهه دوست ٽيڪنالاجي جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اصل ۾ اهي عربي فارسي 52 اکريءَ کي ترقي وٺائي رهيا آهن. توڙي جو ٻوليءَ جو لپيءَ سان لاڳاپو آهي ۽ ان جو سنڌي ٻوليءَ کي فائدو پهچي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيون. مسئلو هي جو اسان ته سنڌي ٻولي جا سولي کان سولا، عام، سدا ، ننڍي کان ننڍا لفظَ به وساري ويٺا آهيون. سنڌي لفظ ”پر“ جي جاءِ تي ”مگر“، سنڌي لفظ ”پوءِ“ يا ”کان پوءِ“ جي جاءِ تي ”بعد ۾“ جهڙا لفظ ۽ اهڙا ٻيا سوين لفظ ڌارين ٻولين جا پيا استعمال ڪيون. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اوهان سنڌي 52 اکريءَ ۾ ٿا لکو يا اي بي سي واري لپيءَ ۾. سنڌي ٻوليءَ جو اصل مسئلو هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو استعمال تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ۽ سنڌي پاڻ به پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت ڪو نه پيا ڏين. ف س

Read more >> In Defense of Sindhi Language

بند مراد خان

حب ندي جي سنڌ وارين زمينن کي آباد ڪرڻ لاء برٽش حڪومت هڪڙي افغان ڪانٽريڪٽر خان بهادر مراد خان کي چوٽيه هزار ايڪڙ زمين ڏني هئي، مراد خان حب ندي جي انجنيئر مسٽر اي۔۔ مولي جي نگراني م حب ندي جي پيٽ کي هڪ پٿرن جو بند ڏياريو هو جيڪو بند مراد خان سڏجي ٿو۔

حوالو؛ The Hub: Baluchistan, Rivers, by A.W Hughes

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڪپھ يا وونئڻ

تاريخي لحاظ کان سنڌو ماٿري جي تهذيب ڪپھ جي فصل جو اصلي مرڪز رهي آھي ۽ اهڙيون شاهديون موئن (موهِن) جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت مليون آهن. هندو مذهب جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته سنڌي ڪپھ (Indus Cotton) جنهن کي ڪرپاسا يا ڪپھ سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ململ جي ڪپڙي جي ڌاڳي واسطي پوکي ويندي هئي. هڪ ٻئي مذهبي ڪتاب توريت ۾ آيل آهي ته ڪپھ جي ملائم ۽ عمدي ڪپڙي کي سنڌو سڏيو ويندو هو. اهو ظاهر ڪري ٿو ٿه ڪپھ جو اصلي پراڻو گهر سڌو ماٿري آهي.
سنڌ جي زرعي اڳڀرائي بابت هڪ عرب سياح جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته جڏهن حضرت عمر کانئس پڇيو ته سنڌ بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي، انهيءَجو جواب عرب سياح ٽن جملن ۾ ڏنو ته سندس درياءَ موتي آهن، سندس جبل ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن.
جڏھن تاريخي حوالن سان اهو به چيو وڃيٿو ته حضرت عيسيٰ کي جڏهن پنهنجي قوم صليب يا تختدار تي چاڙھيو پئي، تڏهن به کيس سنڌ جو ڪپڙو پاتل هو. مطلب ته قديم تاريخن مان اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪپھ جو قديم گهر سنڌو ماٿري ئي هو.
تيرهين عيسوي صديءَ جي مشھور سياح مارڪو پولو جي لکڻين مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جو ڪپڙو اهڙو ته نفيس ۽ سنهڙو هو جو هٿ لائڻ سان ڄڻڪ محسوس ئي نه ٿيندو هو. اهو ڪپڙو ڌوئي جڏهن گاھ تي سُڪڻ لاءِ وڌو ويندو هو ته مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندو هو.
ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر سنڌ جو دورو ڪندي ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم آگي، جيڪو وچين ۽ ڏاکڻي سنڌ جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو آهي. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا.
اوائلي ۽ جديد دؤرن ۾ سنڌ جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. سنڌ جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، سنڌ جو ڪپڙو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي.
حوالو: سنڌ جافصل جديد پوک ۽ پيداور، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع
علي بابا
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
” او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
” او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو.”

“Courtesy: Sindhi Novel “Mohen Jo Darro

هندو معنا سنڌي

لفظ هندو (Hindu) نه ته سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ نه ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو لفظ آهي. هندو ڪنهن مذهب يا ڌرم جو نالو ناهي. ڇو جو ڪنهن به پراڻي ويد ۾ لفظ ”هندو“ جو ڪو ذڪر ئي ٿيل ناهي. سنسڪرت ۾ سنڌو ندي جي لاءِ ”سنڌو“ لفظ آهي. فارسي (پارسي) زبان ۾ لفظن جي شروع ۾ اکر ”س“ کي ”هه“ سان بدلائڻ جو لاڙو رهيو آهي. تاريخدانن پهريون دفعو لفظ ”هندو“ سنڌو دريا جي لاءِ ڪتب آندو. زنداوستا ۾ به ان کي هندو دريا سڏيو ويو آهي ۽ ان جي ڪناري تي رهڻ وارن کي به سنڌي جي بدرآن ”هندو“ سڏيو ويو آهي.
517 قبل مسيح ۾ جڏهن فارس جي شاهه دارا (داريوس) اول جڏهن پنهنجي سلطنت سنڌو دريا تائين پهچائي ورتي ته سنڌ رهاڪو به ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا، جن کي اهي ”هندو“ چوندا هئا. ان کان پوءِ يونانين ۽ آرمينيائي تاريخدانن پڻ اهو اُچار جيئن جو تيئن ئي رکيو. ٿر جي پار واري علائقي کي ڀارت چيو ويندو هو.
ويدن جي مڃڻ وارن کي ڪڏهن به هندو نه سڏيو ويو آهي. انهن کي سنتنا ڌرما سڏيو ويو آهي. ڇو جو هندو رڳو سنڌو دريا جي ڪناري رهڻ وارا سڏيو ويندو هئا.

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ختم ويل اُچار

حليم بروهي ڪاوش ۾ لکيل پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڪجهه تاريخي حوالن سان لکيو هو ته سنڌي ٻولي ۾ هڪ آواز يا اُچار اهڙو به هو، جيڪو ڇ، ش، چ کي ملائي ڪڍيو ويندو هو. پر انگريزين جي دور ۾ عربي فارسي لپيءَ ۾ ان آواز لاءِ ڪو اکر ٺاهي نه رکيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز يا اُچار سنڌي ٻولي مان ختم ٿي ويو. پر اڃان به ڪجهه ٺيٺ بروهي يا براهوڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا اهو آواز اچاري سگهن ٿا. پر سنڌي ٻوليءَ مان اهو آواز بلڪل ختم ٿي ويو آهي.

سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ۽ انهن جو عرصو

495ع کان 632ع تائين رائي خاندان
632ع کان 712ع تائين برهمڻ
712ع کان 1050ع تائين عرب
1050ع کان 1350ع تائين سومرا
1350ع کان 1555ع سمان
1555ع کان 1700ع تائين مغل
1700ع کان 1782ع تائين ڪلهوڙا
1782ع کان 1843ع تائين ٽالپر
1843ع کان 1947 تائين انگريز

سيد علي بخش شاه ’ناز لطيفيءَ جو غزل

جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها،
ته ڪجهه درد دل جي دوا ٿي پوي ها…
جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها
ته ڪجهه دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها
رهين ڪين ڪڏهين ڪا هڪ رات مون وٽ،
جي ترسي پوين ها ته ڇا ٿي پوي ها.
بِلو ٿي پوي ها غمِ دل جو جيڪر
بِمائل ڪرم دلربا ٿي پوي ها.
پِرين ڪِئن پري ٿي وڃي ها نظر کان.
جي منظور منهنجي دُعا ٿي پوي ها.
کڻين هان نه خنجر تون گردن تان قاتل.
ڀلي ڌڙ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها.
رکي سِرُ درِ يار تي پوءِ کڻان ڪيئن.
نمازِ محبت قضا ٿي پوي ها.
پُڇي ڀي نه ها ڪو دنيا ۾ خوشيءَ کي.
زمانو جي درد آشنا ٿي پوي ها.
جي سمجهين ها دل گهر خدا جو اي واعظ.
ته دلبر کي سِجدو روا ٿي پوي ها.
جي گهوريان ها سر هُن جي ناز و ادا تان.
ته الفت جو ڪجهه حق ادا ٿي پوي ها.
پڇان ها پرين کان مون ڪهڙي خطا ڪئي،
مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها.
کُلن ها خوشيءَ جا خزانا اسان لاءِ،
جي چشمِ ڪرم تنهنجي واه ٿي پوي ها.
سخا ڇا چوان شاههِ خُوبان جي يارو،
ٻُڌي ها جي حاتم گدا ٿي پوي ها.
چڱو ٿيو نقابن ۾ آئين صنم تون.
هتي ورنه قيامت بپا ٿي پوي ها.
لبن ساڻُ لب جي ملائين ها دلبر،
تنهنجي ڪهڙي اربع خطا ٿي پوي ها.
ڪاوڙ مَنجهائِي نهاريو ته ها پيا،
اها شوخ اَهنجي ادا ٿي پوي ها.
اجايو لطيفي کي، پيارا ٿا ماريو،
هو ازخود اوهان تان فدا ٿي پوي ها.

سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي

سنڌ جي هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪو نه ٿو اچي، جيڪو ٻئي هنڌ بدرجه اتم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي. کين گهڻي مذهبي آزادي آهي. سنڌ جي حڪمرانن جو هندن تي گهڻو ويساهه آهي ۽ هندو اهم سرڪاري عهدن تي مقررٿيل آهن. مسلمانن ۾ شيعي سني فرقي ۾ ڪو به متڀيد ڪو نه آهي ۽ سڀئي ميٺ محبت سان گذارين ٿا. – ڪئپٽن مڪمرڊو

نوٽ: ڪئپٽن مڪمرڊو جي سنڌ بابت هيءَ معلومات برطانيه ۽ آئرلينڊ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي 1834ع جي جلد I ڀاڱي II ۾ ڇپي هئي.

ريفرينس؛ سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، ليکڪ؛ جيمس مئڪمرڊو، سنڌيڪار؛ عطا محمد ڀنڀرو
Source: http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=160

Sindh Revisited

by Richard Francis Burton
Translation by: Atta Mohd. Banbhuto

”سائين، جان بل! مون کي پنهنجو واعدو ياد آهي ته اوهان کي لاڙڪاڻي جو ناچ ضرور ڏيکاريندس. اوهان کي اها به خوشخبري ٻڌايان ٿو ته اهڙو بندوبست پاڻ واري منشي هريچند ڪري ورتو آهي. هاڻي اها پنهنجي ڀينرن سان گڏ اچي رهي آهي.سندس هرهڪ ڀيڻ پنهنجي جدا ڪجائي ۾ سوار ٿيندي. اهڙي ريت نون اُٺن جو قافلو هوندو.اجھو ڄاڻ پهتيون.
ميان جان بل!اکيون راه ۾ اٽڪايون ويٺو آهي.اڃا ته اوهان ماهتاب کي ته ڏٺو ئي ڪونه آهي.پر جڏهن انهيءَ جي اکين جي ڪجل جون ڪهاڙيون هليون ته توهان پوئتي انگلنڊ ته ڪونه پهچي سگهندا. ماهتاب جي محفل چنڊ آهي، هي ماهتاب به چنڊ کان گھٽ ڪونه آهي.ڄڻ قدرت پنهنجي ڪاريگر هٿن سان چنڊ جي هڪ ٽڪري کي هٿوڙي ۽ ڇيڻيءَ سان گھڙي ٺاهي،ماهتاب جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. سندس جسم جو هرهڪ عضوو قدرتي سونهن ۽ سيبتائي جو بي مثال شاهڪار آهي. توهان کيس ڪهڙي به پاسي کان ڏسندا ته ان جي خوبصورت منهن جو وَجھُ بي انتها سهڻو من مهڻو لڳندو. ڪارا ۽ تلهڙ ڊگھا وار ڄڻ ڪنهن جوڳيءَ جي پنڊي مان ڪاريهر نانگن جيان نڪري سندس ڪلهن تي وکري ويا آهن. چمڙي به سفيد سنگ مرمر جھڙي اٿس. وات جھڙو وينڊو, چپ گلاب جون پنکڙيون. نڪ آمي ڦار. پنبڻيون تاڻيل تلوارون. جاڙا ڀرون، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون ۽ ننڊاکيون ڄڻ منجھن مڌ جا مٽ اوتيل آهن.ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ قدرت انهن کي هاڻي تازو تيار ڪري هن جي جسم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن جو اڪيلي سر منهن به مڪمل حسن جو هڪ خوبصورت اظهار آهي. اها آهي ماهتاب لاڙڪاڻي جي ڊونا (Donna ). ڏسو ڪيڏي نه سنجيده آهي. سندس ماکيءَ لار جھڙي مٺڙي منهن تي ڏکن جا پاڇولا آهن.ڀلي ان ڏانهن بار بار نهاريو.ڀلي پيار ۽ نفرت وچان هن ڏانهن گھوريو.ڀلي کيس خوش ڪرڻ ۽ کلائڻ جا جتن ڪريو،پر سندس خوبصورت چپن تي مرڪڻ جي هلڪي جھلڪ به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي، ڏسڻ ۾ ائين ايندو ڄڻ ته اها هڪ زنده انسان بدران سنگمرمر جي بي جان مورتي آهي، جيڪا چوڏنهين جي چانڊوڪي ۾ گھمي ڦري رهي آهي.
سائين جان بل! ماهتاب جو منهن مختلف شين جو مجموعو آهي. ان کي اوهان سونهن جا بيشمار روپ چئي سگھو ٿا.اوهان اهي بيشمار قسم ڏسي ڳڻي ٿڪجي پوندا.اوهان جيڪڏهن ان جي جسم ڏانهن نظر ڪندا ته اتي اوهان کي گھڻ رنگيون انڊلٺيون ڏسڻ ۾ اينديون.سائين جان بل!مان سمجھان ٿو ته ڪا شئي اوهان جي نڙيءَ ۾ اٽڪي بيهي رهي آهي. اوهان ڪا شئي چوڻ چاهيو ٿا، پر ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ڪونه ٿا سگھو. توهان شايد اهو چوڻ چاهيو ٿا، ته ماهتاب عاج جو سفيد منارو آهي.جنهن کي مٿان چوڏنهين جي چنڊ جو چورو ٻرڪيو ويو آهي. ڳچي به هرڻيءَ جهڙي سهڻي. مان اهي لفظ تشبيھ طور چيا آهن. پر اها ماهتاب جي حسن جي توهين آهي.ان کان سواءِ سونهن جي سڪايل اوهان جي نظر،سرڪندي ترڪندي وڃي ماهتاب جي ڪلهن وٽ ٽڪ ٻڌي بيهي وڃي ٿي.ان وقت توهان جي دل مان دانهن نڪري وڃي ٿي، ته ڇا ته سندس سِر جي سونهن آهي؟ ڇا ته سندس ڌڙ جو حسن آهي!؟ اوهان اتي جو اتي بيهي رهو،جان بل! ڪٿي اوهان جون نظرون محبت ڪرڻ جي صفا غلطي نه ڪري وجھن. هن ٽوليءَ جي ڊگھي چوليءَ پاتل ۽ نيٽ جي چهي جھڙي سنهڙي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ دين ايمان گنوائي ويهندوء. هن کي ننڍڙو عورتاڻو خوبصورت ڪوٽ پاتل آهي. هاڻي اوهان جي ته مون تي اک به ڪانه ٿي ٻڏي. منهنجي چوڻ تي اوهان جو ڪن به ڪونه ٿو لڏي. توهان هن منظر ۾ صفا گم ٿي چڪا آهيو. آخر ته اوهان کي وطن ڏانهن به ورڻو آهي. مان ته اهو سوچي ڏڪي ويو آهيان،ت ه خوبصورتي جي نقطئه نظر کان هيءَ طرحدار ۽ شوخ ڇوڪري آهي. ٿڌي ساه کڻڻ کانسواءِ ڪجھ ڪري به نه ٿو سگھجي. اسان هاڻي ناچ شروع ڪرڻ لاءِ اشارو ڏينداسون. سڀ ڳائڻيون تنبوءَ جي پاسي سان وڇايل گلم تي ويهي رهن ٿيون. جن سان گڏ هڪ بين وارو،هڪ گٽاروارو ۽ ڌڪڙن وارو آهي، جيڪي پنهنجين مقرر جاين تي ويهي رهن ٿا. وڄائيندڙن آڏو ماهتاب ۽ سندس ڀينرون ويٺل آهن.جيڪي ڏاڍيون خوش نظر اچي رهيون آهن.پر ماهتاب جي منهن تي ڪنهن به قسم جي خوشي نظر ڪونه ٿي اچي.ان جو سارو جسم سون سان جھنجھيل آهي.هنن سڀني عورتن کي اطلس ۽ ڪيمخواب جا وڳا پاتل آهن. سندن هار سينگار به انتها جو آهي.جتيون به اهڙيون پاتل اٿن ، جن تي بيهڻ به مشڪل پيو لڳي. شلوارون سوڙهيون ۽ مُرن ۾ ڦاٿل آهن. لانگون ڪڏهن به سرڪي ڪونه ٿيون سگھن. سندن نرڙ تي پٽي ٻڌل آهي. تنهنڪري هنن جي شڪل صورت ۾ ڪجھ تبديلي اچي وئي آهي.اچرج جھڙي ڳالھ آهي، ته هنن ڳائڻين جي ٽولي سان گڏ تلوارون، خنجر ۽ ڍالون به آهن. هنن کان اڃا به وڌيڪ خطرناڪ صراحيون ۽ پيالا آهن. صراحين ۾ شايد پاڻي آهي، جنهن ۾ ٿورو شراب ملايو ويو آهي.
ناچ شروع ٿيڻ وارو آهي. ماهتاب ويٺل ماڻهن کي گھوري ڏسي رهي آهي. نچندي سندس هر عضوو ٿڙڪي ۽ ڦڙڪي رهيو آهي.سندس اهڙي تيز ۽ تڪڙي چر پر ۾هڪ طوفان موجود آهي. يورپ جي ناچ ۾ اهڙي ڪلا ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندي. هتي ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن جو وس پڄي ته جيڪر ناچڻين جا مٿا ڪوڙي کين رتورت ڪري ڇڏين ۽ اهڙين ٻوسٽ ۽ گھُٽ وارين ڪوٺين ۾ واڙي ڇڏين جن ۾ در ۽ دريون به نه هجن.
ماهتاب ڄڻ هوا ۾ ترندي ۽ تڙڦندي اڳتي وڌندي رهي آهي. سندس ان تيز چرپر ۾ ڪو آواز ئي ڪونه هيو، ڄڻ مور جو کنڀ هوا ۾ ڦڙڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي. هن جي اڇين ٻانهن تي ڏسبو ته انهن تي ڄڻ ماٺار ڇانيل آهي، ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هير تي زعفران جا نرمل ۽ نازڪ لڱ ٿڙڪي رهيا هجن.هن جي ٻانهن جي ٿڙڪڻ جو ته ڪو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. مٿس هڪ قسم جي بي خودي طاري آهي. کيس اهڙو ڪو احساس ئي ڪو نه آهي، ته هوءَ اوهان جي مٿان اچي بيٺي آهي. پوءِ هڪ غير محسوس انداز ۾ ڦڙڪندي ۽ ٿڙڪندي هلي ٿي. ڄڻ ڪو مکڻ مان زعفران جو ونگ کسڪائي ڪڍي رهيو آهي. سندس هن ڦيري کي گول چڪر به چئي ڪونه ٿو سگھجي.ا هو ته ڄڻ ٽئگليوني Taglioni) ) وارو ڦيرو آهي. هوءَ هاڻي نچندي پوئتي هٽندي پئي وڃي ۽ ناچ جي ڪنهن اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏندي پئي وڃي. هوءَ هڪ جاءِ تي بيهي آهستي آهستي ائين نچي رهي آهي ڄڻ ته بيٺي آهي ۽ هوءَ ميڻ جي اڇي گڏي وري ساڳي طريقي سان نچڻ شروع ڪري ٿي. سندس هر عضوي جي لونءَ لونءَ ۾ ڄڻ ساه ڀريل آهي.
Reference:  Richard Francis Burton: 1821-1890
via => Sindhi Salamat
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260

اَمر جليل

اَمر جليل

سر آهوجا اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. وچولي قد وارو، اڇو، سهڻو ۽ صاف شفاف هوندو هو. ڪڏهن سوٽ، ته ڪڏهن اڇو پاجامون، ڪڙتو ۽ مٿي تي اڇي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪلاس ۾ اسين ويهه ٻاويهه شاگرد هوندا هئاسين. مان ڪاري ڪوجهي کي سر آهوجا ڏاڍو ڀائيندو هو.

هڪڙي ڏينهن سر آهوجا سلوار قميص ۽ مٿي تي جناح ٽوپي پائي آيو. اسين شاگرد وائڙا ٿي وياسين. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته سر آهوجا ڏاڍو وساميل وساميل پي ڏٺو. پيرڊ ورتائين، پر ڌيان ٻئي ڪنهن طرف هُئس. رسيس مهل جڏهن اسين ڪلاس مان ٻاهر پي نڪتاسين، سر آهوجا مون کي سڏ ڪيو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سر جي ڀرسان وڃي بيٺس. سر آهوجا ڪجهه ڪجهه هٻڪندي مون کان پڇيو، ”تون صبح جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڇا پڙهندو آهين؟“

مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم، ”مان ته ڪجهه به نه پڙهندو آهيان.“

”اري نه ڀائي، نه.“ سر آهوجا چيو، ”توهين مسلمان پڙهندا آهيو نه، لا الله الا الله اڳتي ڇا چوندا آهيو؟“

چيم، ”محمد الرسول الله.“

سر آهوجا پينسل پنو کڻي ورتو، ۽ چيو، ”ٻيهر ٻڌاءِ.“

مون سر آهوجا کي ٻه ٽي دفعا ڪلمو پڙهي ٻڌايو.

سر آهوجا ڪلمو لکي ورتو، ۽ مون کي پڙهي ٻڌايو. اِئين هن ٻه ٽي دفعا ڪيو. پڇيائين، ”ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“

مون هاڪار ڪئي. سر آهوجا ڪاغذ ويڙهي قميص جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڀڻڪن ۾ ڪلمو ياد ڪندو رهيو. لهجي سان گڏ پاڻ به خوف وچان ڪنبندو رهيو.

ان ڳالهه کي چوهٺ پنجهٺ سال گذري ويا آهن. پر، مان اُن گهڙيءَ جو درد وساري نه سگهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪر فساد ٿي پيا. اسڪول بند ٿي ويو. خبر پيئي ته سر آهوجا ٻارين ٻچي هندستان هليو ويو هو. تمام ننڍي عمر ۾ مون ماڻهن کي مذهبن جي نالي ۾ دربدر ٿيندي، وڙهندي، مرندي، ماريندي، وڇڙندي، ۽ محبتن کي نفرتن ۾ بدلجندي ڏٺو هو.

جنوري 1947ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪوٽوال بلڊنگ مان شفٽ ٿي سعيد منزل جي پاسي کان پنهنجي نئين عمارت ۾ آيو. اسان جي فليٽ جو پويون ڪمرو بنهه اسڪول جي سامهون هوندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اسڪول کان سڏ پنڌ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هفتيوار ليڪچرن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽي پارسين جي سوسائٽي هئي جنهن کي پنهنجي عمارت هوندي هئي. عمارت ۾ هڪ هال ۽ ڪتابن سان سٿيل لائبريري هوندي هئي. هال ۾ اسٽيج جي مٿان ٿياسافيءَ جي باني فلاسافر ايني بيسنت جو قول وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو هو. ڪوبه مذهب سچ کان مٿاهون ناهي. ان قول ۾ مذهبن بابت منهنجي ويچار جي تصديق ٿيل هئي. ساڳيئي هال ۾ 62-1960ع دوران منهنجا
اردوءَ ۾ لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا هئا.


انهن ئي ڏينهن ۾ مون پهريون دفعو مذهبن بابت امان کان سچل سرمست جو هڪ بيت ٻڌو هو.

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر
وسايا،


اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن مان
مذهبن جي مونجهارن کان آزاد ٿي ويو آهيان. الف الله – ب جي بات ويئي.


جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون. سو هيءُ، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.1 سو رام، سو رحيم. سو ڪاشي، سو ڪعبو. سو هرهنڌ هوئي آهي.

آپے آہو آپے چیتا، آپے مارن دھایا

آپے صاحب آپے بردہ، آپے مل وکایا 2

هو آهي، اِن کان اڳتي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهو وڃي مونجهارن ۾ پيا آهن. انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ ڄمايا واري رمز سمجهه ۾ آئي. مون کي مونجهارن کان
مڪتي ملي ويئي. پڇندا آهن، ته تون ڪير آهين؟هندو آهين، مومن آهين، مسيحي آهين، يهودي آهين، يا گوتم جو گياني آهين؟ جواب ۾ مان سچل سائينءَ جي سِٽَ جهونگاريندو آهيان: ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي – مان جوئي آهيان، سوئي
آهيان.


نا میں مومن وچ مستیاں

نا میں وچ کفر دیاں ریتاں

نا میں پاکاں وچ پلیتاں

نا میں موسیٰ، نہ فرعون3

رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي
پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.

Courtesy: Sindh Salamat
Read more => http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=235