An article on G. M. Syed in Indus Roman Sindhi

By: Late Chacho Hafeez Qureshi

Sindh jay samaaj mein kahen maannho’a jo Sayad hujann bu kamaaee jo zareeyo aahay, un sayad jo waree sajaada nasheen huann wetar wadheek kamaaee jo zareeyo aahay, aein un jo siyaasat mein huann bb’a chaar wikkhoon wadheek kamaaee waaro kam aahay. Sayad khhy Sindh jay samaaj maan maalee faaido haasil karann jaa mathiyaan tay zareeya aahin.
سنڌ جي سماج ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو سيد هجڻ به ڪمائيءَ جو ذريعو آهي، ان سيد جو وري سجادا نشين هئڻ ويتر وڌيڪ ڪمائيءَ جو ذريعو آهي ۽ ان جو وري سياست ۾ هئڻ ٻه چار وکون وڌيڪ ڪمائيءَ وارو آهي. سيد کي سنڌ جي سماج مان مالي طرح فائدو حاصل ڪرڻ جا مٿيان ٽي ذريعا آهن
Sayad sajaada nasheen bu aahay, siyaasat bu karay tho, par anjnaa bu wadheek, Sayad falsafee bu aahay, lekhhak bu aahay. Par unhan panjan manjhaan, hin darwesh zaati faaido ko bu haasil na kayo, hin kay bu bb’a chaar paisaa kon’a kamaaya aahin, hin kahen kkhan bu kujh na warto aahay. Subhini khhay ruggo ddhino athas. Hin hitaan jay samaaj mein nazar niyaaz aein bbee ahrray qism jee ddaytee laytee waaran imkaanan khhy aazadi saan rad karay hik naeen rasam shuroo kaee aahay.
سيد سجادا نشين به آهي، سياست به ڪري ٿو، پر اڃان به وڌيڪ، سيد فلسفي به آهي، ليکڪ به آهي، پر انهن پنجن منجهان هن درويش ذاتي فائدو ڪو به حاصل نه ڪيو آهي، هن ڪي به ٻه چار پيسا ڪون ڪمايا آهن. هن ڪنهن کان به ڪجهه ڪون ورتو آهي، سڀني کي رڳو ڏنو اٿس. هن هتان جي سماج ۾ نظر نياز ۽ ٻي اهڙي قسم جي ڏيتي ليتي وارن امڪانن کي آزاديءَ سان رد ڪري، هڪ نئين رسم شروع ڪئي آهي

(چاچو حفيظ قريشي)

Courtesy: Indus Roman Sindhi blog

پنهنجو اچڻ!

حليم بروهي

جيڪي ڪجهه سنڌ صوبي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن پنهنجين ذاتين جي باري ۾ لکيو آهي، سو اوهان غور سان پڙهو، هڪ ڀيرو نه، بلڪه هزار ڀيرا ۽ اوهان محسوس ڪندا ته اوهان جي ذهن ۾ نئين سنڌ صوبي
جي هڪ عاليشان ”مختصر تواريخ“ ٺهي ويندي. اهڙي عاليشان جيڪا قابلِ اعتبار ۽ قابلِ اعتماد هوندي. اڳي مان انڌو هوس تنهن ڪري سنڌي اخبارون نه پڙهندو هوس ۽ اڳي مان ٻوڙو هوس تنهن ڪري سنڌي ماڻهن جو ڳالهائڻ نه ٻڌندو هوس. ٽي چار مهينا ٿيا آهن، جو مون کي اخبارن مان ڄاڻ پئي آهي ته هر هڪ سنڌي پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ”مختصر تواريخ“ آهي جو هنن مان هر هڪ ڄاڻي ٿو ته سندس وڏا ۽ انهن جا به وڏا ۽ انهن وڏن جا به وڏا سنڌ ۾ ڪٿان آيا هئا. سنڌين جي انهيءَ جوڙيل سندن ذاتين جي ”مختصر تواريخ“ جي اوهان چاهيو ته فقط هڪ سٽ ۾ لکي سگهو ٿا ۽ اها جادوئي سٽ آهي ته ”سنڌ صوبي ۾ رهندڙ موجود سڀئي سنڌي يا غير سنڌي ذاتيون سنڌ صوبي ۾ عربستان مان آيون آهن.“ سنڌ صوبي ۾ رهندڙ ڪا هڪڙي به سنڌي يا غير سنڌي ذات دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ مان نه آئي آهي. هر هڪ ذات سعودي عرب ۽ عربستان ۾ لائين ۾ بيٺل هئي. سنڌ صوبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ته جيئن اڳئين لائين سنڌ ۾ داخل ٿئي ته پوءِ هو به داخل ٿئي. اها مون ڪئي آهي. ”تمهيد“ جنهن کي اوهان ”ديباچو“ يا ”ٻه اکر“ به چئي سگهو ٿا. هاڻ ٿو ٻڌايان ته مان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي زباني سندن ذاتين جي ”مختصر تواريخ“ جا پڙهي، هو پاڻ به خوش ٿيندا ۽ اوهان به گد گد ٿيندا.


اوهان هندن جو ڌرمي ڪتاب ارٿ شاستر پڙهيو آهي؟ ضرور پڙهيو هوندو، جو اوهان پڙهاڪو مشهور آهيو. مون ان جون ٻه چار پئراز پڙهيون هيون. پهرين ڪجهه نه هو، چوڌاري دونهاٽيل هو، ڪو به رنگ نه هو، ڪجهه اهڙي نموني جي شروعات هئي انهن پيراز جي، جيڪي مون پڙهيون. اهو ڪتاب منهنجو دوست مير مظفر ٽالپر ڪئناڊا کڻي ويو، پر اها هڪ سٽ مون لاءِ، اوهان لاءِ ۽ سنڌ جي مختصر تواريخ لاءِ ڪافي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه نه هو. بلڪل خالي هئي، نه ڪو پکي هو، نه ڪو جانور هو، نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو جيت هو، مطلب ته ڪجهه نه هو، ڇو؟ ڇو ته دنيا سڄي ۾ جيڪي به ماڻهو جيت پکي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿيل هئا ۽ لائينون لڳائي رهيا هئا سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ. سو سنڌ بلڪل خالي هئي، ڳالهه ته ڊگهي ٿي ويندي، پر لکڻ به ضروري آهي جو آخر مان به ته ليکڪ آهيان. دنيا ۾ جيڪي به سنڌي هئا، سي سڀيئي عربستان ۾ گڏ ٿي بس فقط سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آتا هئا. ڪمال هي به آهي ته عربستان ۾ عرب به نه هئا، جيڪي انهن گڏ ٿيل سنڌين کي سمجهائين ته عربي ۾ گ ناهي، تنهن ڪري ذات منگي ٺيڪ طرح لکو، عربي ۾ ڙ به ناهي سو ابڙو
به خيال سان لکو ۽ عربي ۾ چ به ناهي، سو چچ نامي جي ڳالهه متان ڪريو. پر اهي ڳالهيون اجايون آهن، ڇو ته سنڌين مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهرين ٻولي سنڌي ٺهي هئي، جا عربستان ۾ گڏ ٿيل سنڌي پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ ان وقت تائين عربي، بلوچي، بروهي، پشتو، گجراتي، مارواڙي وغيره ايجاد نه ٿيون هيون، جو اڃان سنڌ جا محقق سنڌ ۾ نه پهتا هئا.


هي ته هئا دنيا، جهان ۽ ڪائنات جي ماضي، حال ۽ مستقبل جا سنڌي جيڪي عربستان ۾ گڏ ٿيل ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته عربستان جا دروازا کلن ته سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃن ۽ علم، ادب، ٻولي، سائنس، آسمان، چنڊ، تارن ۽ ڪائنات تي تحقيقات ڪري وڏا سائنسي ڪتاب لکن. ان زماني ۾ ڏکڻ ايشيا (هندستان، مهاڀارت) جو ڪهڙو حال هو؟ ڇو ته دنيا جا سڀئي سنڌي عربستان ۾ هئا، تنهن ڪري ڏکڻ ايشيا بلڪل اهڙو پوٺو هو،
جنهن ۾ نه ڪو ماڻهو هو، نه ڪو ڇيڻو هو، نه ڪو ٻڪر هو، نه ڪا رڍ هئي. مطلب ته بلڪل خالي هو. اوچتو جو عربستان جا دڳ کولي قدرت سنڌين کي چيو ته ”سڄي هندستان بلڪه دنيا ۾ پکڙجي وڃو ۽ سائنس کي ترقي وٺايو. سو هڙئي سنڌي
هندستان ۾ پکڙجي ويا. اهو معجزو هو جو جن کي عربي ٻولي جي هڪ سٽ جي معنيٰ به نه ايندي هئي سي عربي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ائين پڙهي ويا، جيئن انهن ترجمن ۾ ڪا خامي يا نقص جو سوال ئي نه هو. بس، بس ثابت ٿي ويو ته سڄي هندستان بلڪه ڪائنات ۾ سڀ کان پهرين سنڌي ماڻهو ڇائنجي ويا. اهي سڀئي ماڻهو عرب نسل سڏائڻ لڳا آهن ۽ پوءِ به چوندا آهن ته ”اسان سنڌي آهيون.“ چئو ته عرب آهيون ۽ هتان نڪرو ٻاهر، يا چئو ته سنڌي آهيون. مان سمجهي نٿو سگهان ته اوهان کي سچ ڳالهائڻ ۽ سچ مڃڻ ڇو نه ٿو اچي؟ منهنجو پيءُ بروهي هو، منهنجي ماءُ سومري هئي، منهنجو نانو عبدالله خان سومرو خيرپور ناٿن
شاهه کان اچي حيدرآباد ۾ الهندي ڪچي ۾ سيٽل ٿيو هو، جنهن کي اڄ گاڏي کاتو چوندا آهن. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ هوٽل کان وڏي هوٽل سنڌ زميندار هئي جيڪا منهنجي وڏي مامي محمد حسن جي هئي. منهنجو ٻيو مامو الله ڏتو سومرو هوٽل فاران جو مالڪ هو. هاڻ سندس پٽ اختر آهي، جيڪو منهنجو ماروٽ آهي. سنڌي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ منهنجي ماروٽ جو پٽ آهي، سو مان آهيان بروهي ۽ امان هئي سومري. جيڪڏهن اوهان جي ماءُ پيءُ مان ڪو هڪڙو سومرو ۽
ٻيو بروهي آهي ته بيشڪ مون سان بحث ڪريو، نه ته پنهنجو وات رکو بند.


پوءِ هندستان ۾ اهي هندو ڪٿان آيا، جن تي هر هفتي هر ڏهاڙي افغانستان مان ڪڏهن ڪو خلجي، ڪڏهن ڪو غزني، ته ڪڏهن ڪو غزنوي حملو ڪري ايندو هو؟ انهن سنڌين ان زماني ۾ عربستان ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ڪهڙن بروهين آسمان ۾ اسپٽنگ ڇڏيا آهن جو بروهي اڄ به فخر ڪن؟ ڪهڙن چنڊ تي ماڻهو لاٿا آهن، ڪهڙن نيوٽن جي لاز آف موشنس ۾ هڪڙو به واڌارو ڪيو آهي جو آپي کان ٻاهر نڪرندا وڃن؟ چار اکر سنڌيءَ جا لکي ۽ پڙهي پاڻ کي آسماني مخلوق سمجهڻ اوهان کي انهن چمچن سيکاريو آهي، جيڪي اسٽيج تي چڙهي ائين ڳالهائيندا آهن، جيئن ڄاڻ هو جيوپيٽر ۽ مارس تي پهتا؟ پهرين ٻه چار ٻوليون ڄاڻو، پوءِ ڏسو ته جيڪي ترجما پڙهندا آهيو، سي سڌا آهن يا آڏا ابتا آهن. جنهن پني تي مان پيو لکان ۽ جيڪي پنا اوهان خراب ڪندا آهيو، سي ڇا اوهان ٺاهيا هئا؟ اوهان کي اچي ڇا ٿو ۽ اوهان ڪيو ڇا آهي جو پدرم بادشاهه بود چئي پراوا پنا به خراب پيا ڪريو؟ مون کي پاڻ کان گهٽ يا پنهنجي برابر نه سمجهجو. منهنجا افعال بڇڙا رهيا آهن، پر مون جيڪي ڪم ڪري ڇڏيا آهن، سي اوهان کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن.

هندستان جو رهاڪو هندو نه سڏبو ته ڇا افغان سڏبو؟ عربستان جو رهاڪو عرب نه سڏبو ته ڇا بنگالي سڏبو؟ توهان کي ڇو دشمني آهي نالن سان، ناتن سان، عادتن سان، ذهنيتن سان، متن سان، ڌرمن سان، مذهبن سان، پيار محبت سان؟ مان مسلمان آهيان، پر مان ڪنهن به غير مسلمان کي زبردستي مسلمان نه ڪندس؟

عبدالله مورائي

عبدالله مورائي
ئيڊن ۾ 3 ايڊيٽس 3 Idiots فلم هتان جي قومي ٽي وي تي هلائي هئن. هاڻي اهو به ته ڪير ٻڌائي نه ته اها فلم هڪ سنڌي ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي جي ڊائريڪٽ ڪيل هئي. چوڻ جو مقصد ته پاڻ سنڌين وٽ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي ڏيکارڻ لاءِ، جنهن سان قوم جو بهتر کان بهتر تصور قائم ڪرائي سگهجي ٿو. خاص طور تي سنڌين جي دنيائي سطح تي ڪاروباري ڪاميابيون، ٿر، ڪوهستان ۽ ٻين علائقن جي سنڌين جو گهرن کان نڪرڻ ۽ روزگار جي سلسلي ۾ دنيا ۾ ڇانئجي وڃڻ. سنڌي گهرن ۾ رڳو عورتن جون منڍيون ته ڪونه ٿا ڀڃن نه! سنڌي هاڻي نوڪيا فون ڪمپني جي هيڊ آفيس ۾ به آهن ته مائڪروسافٽ ۾ انجنيئر پڻ. پاڪستان آرمي ۾ ته آهن ئي آهن پر ان سان گڏوگڏ يو ايس آرمي ۾ پڻ آهن. نه رڳو مرد پر سنڌي ڇوڪريون پڻ هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پروفيشنل نوڪريون ڪن ٿيون. جن کي موقعو مليو آهي، انهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. موقعا به انهن کي ئي ملندا آهن، جيڪي ان جي ڪوشش ڀرپو طريقي سان ڪندا آهن.
نوٽ هي ٽڪرو عبدالله مورائي جي ڪالم تان ورتل آهي.
روزآني عبرت، مئي 11، 2016ع جي ٿورن سان

الطاف شيخ

اسانجو سُپر هاءِ وي
الطاف شيخ
ڪراچي کان حيدرآباد آئي مونکي چار سال کن ٿي ويا هئا. چار سال وڏو عرصو آهي جنهن ۾ مڪي، مديني ۽ جدي کان ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ جڪارتا جهڙن شهرن ۾ ته تمام وڏي تبديلي ۽ ماڊرنائيزيشن اچيو وڃي ۽ ڪو زمانو هو جو چئبو هو ته پئرس جا رستا آرسيءَ جيان ٿا چمڪن…. اڄ ڪو ايشين يا آفريڪن اهڙي وائي نٿو واري جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا آفريڪي ملڪ هجن يا فلپين، سنگاپور ۽ ويٽنام جهڙا ايشيائي ملڪ…. ڪنهن به شهر کان ٻاهر نڪر ته ڇا سهڻا ۽ مضبوط رستا آهن….. ڀلي پيا مينهن وسن توهان بي ڊپا ٿي گاڏيون هلايو…. اسانجو هر ڳالهه ۾ مقابلو انڊيا سان رهي ٿو ۽ اسان جا اخبار وارا انڊيا جي ڪنهن روڊ حادثي يا ٽرئفڪ جئم جي خبر وڏن چَشڪن سان ڏين ٿا جنهن کي پڙهي اسان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته انڊيا ۾ ڪا ڀينگ پئي وسي پر اڄ انڊيا جا به شهر توڙي روڊ رستا ماڊرن ملڪن جي مقابلي ۾ آهن. هنن جون وقت جون پابند ۽ هر سهوليت سان پُر ريل گاڏيون ۽ بسون ڏسو ۽ رستن تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٺهيل انهن جا اسٽاپ ۽ اسٽيشنون ڏسو…. هڪ ميلو ۽ رونق هوندي آهي ۽ ماڻهو ڏينهن رات بي ڊپا ٿي سفر پيا ڪن. اسانجي جھانگارا باجاره، شاهه پنجو، سڪرنڊ ۽ باڊهه جهڙن هندوستاني ڳوٺن جون بس اسٽاپ واريون هوٽلون ڏسو ته اهي به بين الاقوامي سهولت واريون آهن تڏهن ته يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ انڊيا گهمڻ ۽ موڪلون گذارڻ اچن ٿا
ممبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ شهر جو شهر ۾ هلندڙ ٽرينون ۽ انڊر گرائونڊ گاڏيون هلن ٿيون. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلندي هئي اها به بند ٿي وئي… سرڪيولر ٽرين هلندي هئي اها به بند ٿي وئي…. نه رڳو بند ٿي وئي پر سرڪاري زمينن تي ئي قبضو ٿي ويو…. گهر، فلئٽ ۽ دڪان ٺهي ويا. اڄ ڪراچيءَ جي ڀڳل ۽ دونهون ڇڏيندڙ بسين ۾ ماڻهو جانورن وانگر ڀريل ٿين ٿا يا ڇت تي ڪڪڙن وانگر اوڪڙون ويٺل…. اڄ کان سٺ سال اڳ جڏهن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) ايشيا جو ويڪرو ۽ سهڻو روڊ مڃيو ويندو هو، جڏهن ان تي ٽرامون ۽ وڪٽوريا بگيون هلنديون هيون…. ڪنهن سوچيو هو ته نئين صديءَ ۾ ڪراچيءَ جو سهڻو شهر هي ڏيک ڏيندو!

Continue reading

سنڌ جون يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهن ٿيون

ڊاڪٽر ايوب شيخ
هڪ هفتي کان، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ انهن بورڊن جو ذڪر هليو آهي، جنهن ۾ اُتر سنڌ جي ان اهم يونيورسٽيءَ  ۾ اهڙا 18 بورڊ هيا ، جن تي رڳو انگريزي ۽ اردو ٻولي لکي ويئي هئي. ڀلو ٿيو سوشل ميڊيا تي رڳو هڪ شخص اسان جي دوست ۽ دانشور ۽ اين جي او سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر نصير ميمڻ جو، جنهن ان جي نشاندهي ڪئي. بس! سڄي سوشل ميڊيا تي وارو… وارو ٿي ويو. سنڌي ٻولي جي گمشدگي کي لاڳاپيل يونيورسٽي وارن به محسوس ڪيو ۽ انهن 18 ئي بورڊن تي سنڌي ٻولي پڻ شامل ڪيائون. اهو ڪم سٺو ٿيو. پنهنجي غلطين کي ايئن ئي سڌاربو هلبو ته ڪم سٺو ٿيندو ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجا ۽ پراوا خطرا چُهٽي نه سگهندا. انهن خطرن نه هجڻ جي ڪري، سنڌي پوءِ ٻيا اهم ڪم ڪري به سگهندا.
ڳالهه نڪتي آهي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي، ته انهن جي انتظاميا کي گهرجي ته بنا دير هڪ نئون شعبو کولين، جنهن شعبي ۾ هڪ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هجي. ان ماهر کي هڪ ڪم اهو ڏيڻ گهرجي ته، جيڪي به بگاڙيل سنڌي لفظ آهن، انهن جي به نشاندهي ڪري ۽ جتي جتي سنڌي هجڻ گهرجي اها به ان هنڌ موجود ڪري ڏيکاري
شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وئب سائيٽ
اوهان هڪ ٻي اهم ڳالهه ڏانهن ڏسو! شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي هڪ شاندار وئب سائيٽ آهي. جنهن جي کاٻي هٿ تي ٽي ٻوليون يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڄاڻايل آهن. ان جو رڳو مقصد اهو هوندو آهي ته اها سائيٽ ڏسندڙ جيڪا ٻولي به سمجهي سگهن يا ڄاڻي سگهن، اها کولي پڙهن ۽ يونيورسٽي پاران جنهن جنهن شعبي ۾ جيڪي به ترقيون، تحقيق، پروگرام، داخلائون، استاد، پروفيسر وغيره جي باري ۾ ڄاڻ هجي، سا حاصل ڪري سگهن. پر، اوهان هڻي هڻي بيهندئو ته سواءِ انگريزيءَ جي ٻي ڪابه ٻولي نه کلندي. هُجي ته کُلي. حيرت ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ”سنڌي شعبي“ کي ڳوليندا ته ان ۾ رڳو اياز گل جي تصوير سنڌي ۾ نظر ايندي، باقي ڪُل پيران دا خير لڳي پيئي آهي. اردو ٻولي واري شعبي سان به اها ئي ڪار آهي. اتي به محترما ڊاڪٽر صوفيا يوسف صاحب جي تصوير سنڌي ۾ موجود آهي، باقي هر شيءِ انگريزي ۾ آهي.
آئون اها ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان ته ، گذريل ڪئين ورهين کان اها وئب سائيٽ يونيورسٽي بجيٽ جو ڪيترو خرچ کائيندي هوندي، پر ايترو چئي سگهان ٿو ته، اها وئب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ کي تيزيءَ سان کائي رهي آهي

Continue reading