دن هيٺان دٻلي

شاعري؛ پوپٽي هيراننداني

دن هيٺان دٻلي
دن هيٺان هي دٻلي آه
يا اتپتي جي ندي اصلي آه؟
آ عوررت جو هي نفيس انگ
يا انسان جي آمد جو ازلي لنگه؟
هيءُ هاٿي جي
منهن وارو ٽڪنڊو
آه ڪام ديو جو
سونهارو جهنڊو؟
هي آهي ماديات جي
نجي دل
يا پرش پيار جي
آخري منزل؟
هيءُ ماڻڻ ڀوڳڻ جي
اونهي غفا
يا عورت جي تباهي واري قضا؟
هي ٻل ڪمزوري جو
عجيب ميل
يا پرش پرڪرتي جو
انوکو کيل؟
نانءُ هن جو ڳيهڻ آ
ڇا ڇا نه هيءَ ڳرڪائي ٿي!
پرش جو ٍآهم
پتيءَ جي شخصيت
پنهنجي سامهون جهڪائي ٿي
دشمن جو حملو
انسان جي لعنت
سڀ سر سهسائي ٿي
پنهني اندر
سرشٽي جو ٻج
نهائين بڻجي پهچائي ٿي
تن من پيءُ جو آسانيء سان
پٽ تائين پهچائي ٿي
هن آنند جي لئي
ڀوڳ جي مئي
چؤڌاري ترگڻي مايا
آنادي پرش جي ڪايا
جيون جا ڪل مقصد چار
ڪلا سياست ۽ ٻيا به خمار
گهمندا رهيا
ڦرندا رهن
گهمندا رهندا

نوٽ؛ مٿئين شاعري سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

The above Sindhi poetry of Popatti Hiranandanni, the ‘Pouch below the bellybutton’ had published in the  ‘Koonj’ magazine, Bombay (Mumbai), India issue of March 1973

جي ايم سيد

جي ايم سيد، سنڌ سان ائين پيار ڪندو آهي جيئن ڪو ٻار جيئريُ ڪوسيءَ ڪُک ِ سان ڪندو آهي. هن لاءِ سنڌ رڳو ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ڪارونجهر نه هئي، هي ڏاڏا پڙڏاڏا به آهن جي ڪڏهن به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي ان سان ڪٺا هوندا آهن. مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان. هي وحدت الوجودي، هي صوفي لڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هيُء ماکيُء .کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي . جڏهن سج ٽامڙي هڻي ويندو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي َ آهي تڏهن هن جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن؛ پر مان ان وقت جي َ ان ڇانو جي انتظار ۾ آهيان جڏهن عقاب انهيُء بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي، تتل سج کي تيز نظرن .سان گهوريندي ڏسندا. (شيخ اياز)

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن.
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

پڙھيو پڙھيجاءِ

سنڌ جي ڏاهي حشو ڪيولراماڻي جو قول : ”آئون ڪميونزم لاءّ وڙھي سگهان ٿو آئون ڪميونزم لاءِ مري سگهان ٿو پر ڪميونزم جي هيٺ رهڻ پسند نه ڪندس.“

نوٽ؛ حشو ڪيولراماڻي جو هي قول سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

English translation of some stanzas of famous Sindhi poem of Shaikh Ayaz

شاعري؛ شيخ اياز
ترجمو؛ منوج ڪمار
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I accept my crimes,
I have committed many crimes.
Blue lotus blossoming in sewer,
and chukar bird flying in darkness,
Are all criminals.
Isn’t it a crime
That I have kneaded anew,
The clay of man?
Yes, I accept my crimes.
هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان-
ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime that I have left lofty sky,
instead loved the beloved mother earth ?
I resist the temptation of accepting the joyful night,
And long for the bright dawn.
I have floated with gracious clouds,
and, rained down with bright rays.
Yes, I accept my crimes.
هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي،
مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟
تو نفرت جي ديوار کنئي،
مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ-
مون ڳاتا گيت محبت جا،
مون واڳ وطن جي موڙي آ،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime;
That I have built a temple of love,
on the earth?
And,demolished
the wall of hate, you have erected.
I have sung the songs of love,
and, have steered my land anew.
Yes, I accept my crimes.
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مون لاٿا طوقَ غلامن جا،
هي گيت هُيا يا جادو ها،
زنجير ٽُٽا ايامن جا!
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I sung for liberty,
I removed the iron collars,
From necks of slaves.
These magical songs,
Broke the chains of centuries.
All now pick my tears,
Thinking them precious pearls,
Yes, I accept my crimes.
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I have brought a singular talent,
Strings of musical instruments are at war with swords,
my songs are striking against your metallic walls,
Your massive forts are shaking ,
And, with heavy weapons, you went to be weak.
Yes, I accept my crimes.
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه مرڻو هان-
گُنجار ڪندي جا مون کان پو،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان-
ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي
You’ll send me to gallows,
But I’ll be back and alive.
I am fountain of the life,
That will flow unhindered even in my absence,
I’l resuscitate from my ashes ;will come back again,
Like minstrel carrying the harp.
Yes, I accept my crimes.
نوٽ؛ شيخ اياز جي مٿئين شاعري ۽ ان جو منوج ڪمار طرفان ڪيل ترجمو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

سچائيءَ جو انعام

هڪ ناليوارو چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪيو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي مورک، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿيئي. اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“
چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“
درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهاءِ.“
چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“
بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“
چور هاڪار ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“
چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“
رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراهه ڪرڻ لڳو.
پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو: ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين: ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي وزارت ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

Courtesy: حوالو؛ ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل

سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر

سومرن جي دور ۾ ٽن صدين اندر، جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو.
حوالو؛ اعجاز الحق قدوسي جي : تاريخِ سنڌ
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڀٽائي

ڀٽائي سنڌي هندوئن جو سڀ کان وڏو ڀرجهلو هئو. اچو ته ڀٽائي جي پيروي ڪيون.
مرشد ڀٽائيءَ سنڌ جي جملي رھاڪن کي بنا ھندو مسلم فرق جي سنڌي ڪري تصور ڪيو آھي. جن ماڻھن کي ساراھيو اٿس تن مان اڪثر ھندو ھئا. راءِ ڏياچ ھندو راجا ھو ۽ لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو ھندو راجا ھو، راڻو سوڍو ھندو ھو، مومل ھندواڻي ھئي، سسئي ھندو نسل جي ھئي. اوڏ، جاڙيجا، ريٻاڙا، جوڳي، بابو، سنياسي، آديسي جن جو ذڪر لطيف سرڪار پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي، سي سڀ ھندو ھئا.
ھن نڪو محمد بن قاسم جي تعريف ڪئي آھي نڪو محمود غزنويءَ کي ساراھيواٿس. اورنگزيب جو مٿس اثر پوي ھا ته ضرور انھن جو نالو به پنھنجي ڪلام ۾ آڻي ھا. پر ڪٿي به اھو ڏسڻ ۾ نه ايندو. جي بلوچن کي ساراھيو اٿس ته اھي پھريان ئي حاڪم ھئا جن شريمتي راڄ بدران ملڪ جي دستورن پٽاندر حڪومت ڪئي. رسالي ۾ نه مُلن ۽ نه مولوين جي ساراھه ڪيل آھي ، بلڪ ھنگلور جي ھلڻ ، گنگا تي گجڻ ۽ سنڱين وڄائڻ وارن سامين ۽ جوڳين کي ياد ڪري رنو اٿس.
اچو ته پنهنجي رهبر ۽ راهرو مرشد ڀٽائي کي سمجهون. (
مير سليم)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڇا ڪجي اهڙي دنيا کي (عبدالواحد آريسر)

 اهڙي دنيا جتي لذت جي مٺاڻ نه هجي، ڪنهن گناه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪي جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاھنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي…
اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگھي ٿي پر انسان لاءِ نه ….
هيءَ به نه وسارڻ گھرجي ته زندگي رڳو ٽهڪ ناهي ۽ نه وري رڳو ڳوڙهو…
زندگي ٽهڪ به آهي، ڳوڙهو به آهي، چُميءَ جي مٺاڻ به آهي ۽ ٿوهر جو گرھه به …
(عبدالواحد آريسر)
اردہ میں ترجمہ
خاک میں جائے ایسی دنیا کہ جس میں :
نہ لذت کی چاشنی ھو نہ کسی گناہ کا سرور ، نہ کسی نیکی کی لطافت ہو نہ کسی سزا کی اذیت ، جہاں کسی تخلیق کا درد نہ ہو ، نہ کسی چاھت کی تمنا ، نہ کسی خواہش کی گرمی ہو نہ کسی کاوش کا جمال نہ ھی کسی ناکامی کا ملال ہو۔
ایسی دنیا مسکن ملائک تو ہو سکتی ھے کسی انسان کا استھان نہیں ۔ ۔
یہ بھی نہیں بولنا چاہیئے کہ زندگی محض ایک قہقہہ نہیں اور نہ ہی محض سیل اشک ۔ ۔
زندگی قہقہہ بھی ہے ، اشک رواں بھی ، بوسے کی چاشنی بھی ھے تو کانٹوں بھرا نوالہ بھی ۔ ۔
(عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

حقيقت جو اولڙو

وتائي فقير سان ماڻس گلا ڪئي ته ابا، تنهنجي ماني پچائي ٿي رکان ته ڪتا کڻيو وڃن، جي ڪوٺيءَ کي دروازو هجي ته ڪڙو ڏئي سانڍي رکي ڇڏيان، پوءِ اويل سويل ڪيڏي مهل به گهر اچين ته پنهنجي ماني کائين. هن چيو اجهو در کڻي ٿو اچان. پوءِ ويو، مسيت جو در پٽي گهر کڻي اچي، پنهنجي ٻارٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. مسيت جو مُلان آيو، ڏسي ته در ٺهي ئي ڪونه. سو پيرو کڻي سڌو وتايي جي گهر وٽ آيو. سڏ ڪري چيائين ته ”ميان، تون ته هاڻ ماڳهين ارڪانن مان نڪرندو ٿو وڃين. توکي شرم ڪونه آيو جو خدا جي گهر جو دروازو لاهي کڻي اچي پنهنجي گهر تي چاڙهيو اٿئي؟“ وتايي چيو شرم ته گهڻو ئي آيم پر ماني ڪتا کڻيو ٿي ويا. سوچيم ته جڏهن مون کي دروازي جيتري توفيق ٿيندي، تڏهن دروازو واپس وڃي رکندس، ڇو ته مون کي ڏيڻ وارو به اهوئي آهي، کيس خبر آهي ته وتايي وٽ در ڪونهي، هنن کي تڪليف آهي. مُلان چيو آءٌ در لاهيو ٿو وڃان. وتايي چيو در اهو لاهيندو جنهن جو آهي. باقي تون ٻڌاءِ تنهنجو ساڻس ڪهڙو لاڳاپو آهي. ڪهڙي مٽي مائٽي آهي يا توکي خود پاڻ چيو اٿس ته مون ۾ سگهه ڪانهي، تون وڃي وتايي کان دروازو وٺي اچ. ٻڌاءِ، ته توکي ڇا چيو اٿس؟ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ملان خار ۾ گاريون ڏيڻ ۽ وڦلڻ لڳو. وتايي چيو هن کي جهليو، مون هن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ خدا جو عيوضي ٿيو آهي. مون کي خدا ڏيندو ته واپس (در) ڏئي ويندس.

نوٽ؛ وتائي فقير جي حوالي سان هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

سيڪس

هڪ ڀيري سگمنڊ فرائڊ پنهنجي هڪ مريض کي چڪاسيندي کانئس پڇيو، “هو دري مان ڏس! پول تي جھنڊو نظر اچئي ٿو؟” مريض وراڻيو هو، ”ها نظر اچي ٿو، پوڙهو ضرور آهيان پر تون ڇا ٿو سمجهين آنءُ انڌو آهيان ڇا؟“
فرائيڊ چيو، ”توهان خفا نہ ٿيو! اهو تپاس جو حصو آهي. مهرباني ڪري ٻڌايو تہ اهو پول ڏسي اوهانکي ڇا ٿو محسوس ٿئي؟“
مريض ٿورو شرمائيندي کيس چيو، ”سيڪس!“ فرائيڊ ڏاڍو سرهو ٿيو هو ڇو تہ ان طرح سندس تحليل نفسي (Psychoanalysis) واري نظريئي جي پُٺڀرائي ٿي رهي هئي ۽ مريض کي وڌيڪ چيو هئائين، ”اوهانجو علامتي اشارو بلڪل درست آهي. هاڻي اوهان اهو ٻڌايو تہ هي ڪوچ، جنهن تي اوهان ويٺا آهيو توهانکي ڇا ٿو ياد ڏياري؟“
پوڙهي چڙندي وراڻيو هو، ”هي ڪهڙا سوال ٿو پڇين؟ مون توکي اڳواٽ في انهيءَ لاءِ ادا ڪونہ ڪئي آهي جو مون کان ويهي احمقانہ سوال پڇ!“
ياد رهي تہ فرائيڊ پنهنجي هر مريض کان اڳواٽ ئي في وٺي ڇڏيندو هو ڇو تہ سندس چوڻ موجب انهن جو ڪهڙي وقت بہ فرقو ڦري سگهي ٿو. فرائيڊ کيس ڏاڍي ڌيرج سان چيو، ”توهان ناراض نہ ٿيو. برابر هي ڪوچ اوهانکي سيڪس ئي ياد ڏياريندو هوندو ڇو تہ هي ڪوچ ڏسي سڀني کي اها شيءِ سار تي تري ايندي آهي، پر هاڻي قرب ڪري آخري سوال جو جواب ڏيوم تہ جڏهن توهان ڪو اُٺ ڏسندا آهيو تڏهن اوهانکي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟“
پوڙهو مريض کِل ۾ ويڙهجي ويو ۽ کيس چيائين تہ ”اُٺ کي ڏسي بہ مونکي سيڪس ئي ياد پوندو آهي.“
فرائيڊ سندس جواب ٻڌي حيران ٿي ويو، ڇو تہ هن اٺ وارو سوال کانئس ائين ئي ڪيو هو. جنهن مان اهڙي جواب جي ڪا به اميد ڪونہ ٿي رکيائين. هن سوچيو هو تہ مريض چوندو تہ اُٺ ڏسي بس اٺ جي باري ۾ ئي سوچيندو آهيان پر اُٺ ڏسي کيس سيڪس ياد اچڻ وارو مامرو تہ عجيب آهي. ان منجهيل سٽ کي سلجهائڻ لاءِ فرائيڊ کيس وڌيڪ چيو هو، ”مون سوچيو هو تہ تنهنجي تپاس سان منهنجي نظريي جي تائيد ٿي رهي آهي پر اٺ کي ڏسي سيڪس ياد اچڻ وارو مامرو تہ ڪڏهن منهنجي ٿيوري تحت پاڻ منهنجي ڌيان ۾ بہ ڪو نہ آيو آهي! مونکي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ اٺ کي ڏسي توکي سيڪس جي سار ڪيئن ٿي اچي.“
پوڙهي مريض وڏو ٽهڪ ڏئي کيس چيو هو، ”اڙي چرٻٽ! تون نہ سمجهندين. مونکي تہ هر شيءِ ۾ سيڪس ٿو نظر اچي. اهوئي تہ منهنجو مسئلو آهي، جنهن جي حل لاءِ آنءُ (آئون) تو وٽ آيو آهيان.“
منهنجي خيال ۾ سڄي دنيا ٻن شين جو شڪار بڻيل آهي هڪ سيڪس ۽ ٻيو موت…
”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ , ”ص: 82“
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالواحد آريسر جا اسلام جي ٺيڪيدارن کان سوال

ڇا اسلام دهلي ءَ ۾ شاه ولي الله ۽ نظام الدين اوليا جي ذخيرن ۾ موجود نہ هيو؟ اسلام اجميري درگاه ۾ نہ هيو؟ڇا اسلام دارالعلوم ديوبند ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ختم ٿي ويو هيو.اسلام جي انهن ادارن کي هندستان ۾ ڇڏي اوهان ڀڄڻ ڇو مناسب سمجهيو؟اوهان کي جيڪڏھن اسلام سان محبت هجي ها تہ انهن جاين ڇڏي نہ اچو ها. اوهان جي ايم سيد تي بم ٿا ڪيرايو تہ هو اسلام کان ڦري ويو آهي،پراوهان حسين احمد مدني (جنهن 14 سال اوهانجي چواڻي روضه رسول۾پاڇي ۾ حديث پڙھائي) جي ڏاڙھي ۾ شراب هاريو،اوهان قرآن جي مفسر ابوالڪلام آزاد جي ڏاڙھي پٽي،اوهان احمد سعيد جهڙي پرهيز گار انسان کي پٿر هنيا. اوهان جي مُلن انقلاب جي پيغمبر عبيد الله سنڌي ءَ تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون. ان مان معلوم ٿيو تہ اوهان جو اسلام اوهانجو پيٽ آھي. اوهان جو خدا نفساني خواهشون آهن، اوهان جو رسول ڪليم ۾ ورتل جائدادون آهن. ( عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.
علي بابا
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
” او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
” او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو.”

“Courtesy: Sindhi Novel “Mohen Jo Darro

مخدوم محمد زمان طالب المولا

1936ع ۾ جڏهن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم ۽ ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون.
هن کي شروع کان ئي وٺي علم ۽ ادب جي واڌاري جو شوق هو. جنهن ڪري هالا ۾ ”الزمان“ نالي هڪ پريس کولرايائين، جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ سندن سرپرستي هيٺ ڪڍيون ويون.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌي ڊرامون

منظور ڪوهيا

Excerpt

سنڌي ڊرامي جي پهرين نقاد ”رچرڊ ايف برٽن“، جي هيءَ راءِ يا تنقيد اسان کي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي .جنهن سان سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان ڪي گم ٿيل ڪڙيون ملن ٿيون .مثلن جڏهن ”رچرڊ ايف برٽن“ اهو ڊرامو لاڙڪاڻي ۾ ڏسي ٿو، ته اهو دور 1876ع جو آهي. وڏي ڳالھ ته ڊرامي جي حوالي سان جڏهن اهو ٻڌائي ٿو ته شاعري ۽ ٻيون ڳالھيون به سنڌيءَ ۾ آهن .ته پوءِ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نج سنڌي ڊرامو1876کان اڳ ۾به رائج هيو ۽ جنهن کي ماڻهو وڏي ذوق شوق سان ڏسندا هيا. ان ڊرامي کي لاڙڪاڻي جا سهڻا سيبتا ۽ من موهڻا ڪلاڪار پيش ڪندا هيا.ان ڪري سنڌي ڊرامي جي شروعات 1879 يا 1880 کان ڪرڻ بي انصافي آهي.

Courtesy: Sindh Salamat
Read more => http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260
ريفرنس؛ ماهتاب

اَمر جليل

اَمر جليل

سر آهوجا اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. وچولي قد وارو، اڇو، سهڻو ۽ صاف شفاف هوندو هو. ڪڏهن سوٽ، ته ڪڏهن اڇو پاجامون، ڪڙتو ۽ مٿي تي اڇي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪلاس ۾ اسين ويهه ٻاويهه شاگرد هوندا هئاسين. مان ڪاري ڪوجهي کي سر آهوجا ڏاڍو ڀائيندو هو.

هڪڙي ڏينهن سر آهوجا سلوار قميص ۽ مٿي تي جناح ٽوپي پائي آيو. اسين شاگرد وائڙا ٿي وياسين. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته سر آهوجا ڏاڍو وساميل وساميل پي ڏٺو. پيرڊ ورتائين، پر ڌيان ٻئي ڪنهن طرف هُئس. رسيس مهل جڏهن اسين ڪلاس مان ٻاهر پي نڪتاسين، سر آهوجا مون کي سڏ ڪيو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سر جي ڀرسان وڃي بيٺس. سر آهوجا ڪجهه ڪجهه هٻڪندي مون کان پڇيو، ”تون صبح جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڇا پڙهندو آهين؟“

مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم، ”مان ته ڪجهه به نه پڙهندو آهيان.“

”اري نه ڀائي، نه.“ سر آهوجا چيو، ”توهين مسلمان پڙهندا آهيو نه، لا الله الا الله اڳتي ڇا چوندا آهيو؟“

چيم، ”محمد الرسول الله.“

سر آهوجا پينسل پنو کڻي ورتو، ۽ چيو، ”ٻيهر ٻڌاءِ.“

مون سر آهوجا کي ٻه ٽي دفعا ڪلمو پڙهي ٻڌايو.

سر آهوجا ڪلمو لکي ورتو، ۽ مون کي پڙهي ٻڌايو. اِئين هن ٻه ٽي دفعا ڪيو. پڇيائين، ”ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“

مون هاڪار ڪئي. سر آهوجا ڪاغذ ويڙهي قميص جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڀڻڪن ۾ ڪلمو ياد ڪندو رهيو. لهجي سان گڏ پاڻ به خوف وچان ڪنبندو رهيو.

ان ڳالهه کي چوهٺ پنجهٺ سال گذري ويا آهن. پر، مان اُن گهڙيءَ جو درد وساري نه سگهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪر فساد ٿي پيا. اسڪول بند ٿي ويو. خبر پيئي ته سر آهوجا ٻارين ٻچي هندستان هليو ويو هو. تمام ننڍي عمر ۾ مون ماڻهن کي مذهبن جي نالي ۾ دربدر ٿيندي، وڙهندي، مرندي، ماريندي، وڇڙندي، ۽ محبتن کي نفرتن ۾ بدلجندي ڏٺو هو.

جنوري 1947ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪوٽوال بلڊنگ مان شفٽ ٿي سعيد منزل جي پاسي کان پنهنجي نئين عمارت ۾ آيو. اسان جي فليٽ جو پويون ڪمرو بنهه اسڪول جي سامهون هوندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اسڪول کان سڏ پنڌ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هفتيوار ليڪچرن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽي پارسين جي سوسائٽي هئي جنهن کي پنهنجي عمارت هوندي هئي. عمارت ۾ هڪ هال ۽ ڪتابن سان سٿيل لائبريري هوندي هئي. هال ۾ اسٽيج جي مٿان ٿياسافيءَ جي باني فلاسافر ايني بيسنت جو قول وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو هو. ڪوبه مذهب سچ کان مٿاهون ناهي. ان قول ۾ مذهبن بابت منهنجي ويچار جي تصديق ٿيل هئي. ساڳيئي هال ۾ 62-1960ع دوران منهنجا
اردوءَ ۾ لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا هئا.


انهن ئي ڏينهن ۾ مون پهريون دفعو مذهبن بابت امان کان سچل سرمست جو هڪ بيت ٻڌو هو.

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر
وسايا،


اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن مان
مذهبن جي مونجهارن کان آزاد ٿي ويو آهيان. الف الله – ب جي بات ويئي.


جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون. سو هيءُ، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.1 سو رام، سو رحيم. سو ڪاشي، سو ڪعبو. سو هرهنڌ هوئي آهي.

آپے آہو آپے چیتا، آپے مارن دھایا

آپے صاحب آپے بردہ، آپے مل وکایا 2

هو آهي، اِن کان اڳتي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهو وڃي مونجهارن ۾ پيا آهن. انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ ڄمايا واري رمز سمجهه ۾ آئي. مون کي مونجهارن کان
مڪتي ملي ويئي. پڇندا آهن، ته تون ڪير آهين؟هندو آهين، مومن آهين، مسيحي آهين، يهودي آهين، يا گوتم جو گياني آهين؟ جواب ۾ مان سچل سائينءَ جي سِٽَ جهونگاريندو آهيان: ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي – مان جوئي آهيان، سوئي
آهيان.


نا میں مومن وچ مستیاں

نا میں وچ کفر دیاں ریتاں

نا میں پاکاں وچ پلیتاں

نا میں موسیٰ، نہ فرعون3

رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي
پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.

Courtesy: Sindh Salamat
Read more => http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=235

چاونڊوڪيون ۽ چيٽ

عبدالواحد آريسر

تون ڏاڍي سھڻي آھين. تنھنجي جسم جي خوشبوءِ ۾ شئمپين جي بوتل جو نشو آھي. تنھنجو بدن ڀاڪر ۾ اچي ٿو، ڄڻ ٺٽي جي ريشم سان ڀاڪر ڀرجيو وڃن. تنھنجي چپن تي نظر پوي ٿي ڄڻ ڄامشوري جي پھاڙن جي پويان لهندڙ سج جو آخري ڪنارو ياد اچيو وڃي. تنھنجي وارن جي واس وٺڻ لاءِ جبرئيل به لهي اچي ٿو. تنھنجي نيڻن جي ڪوملتا کي ڏسي ڀيڄ ڀنيءَ جا تل ۽ ترايون ياد اچيو وڃن. تنھنجي اُرھن کي ڪوھيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ٽڪرين جون چوٽيون ذھن ۾ ھونديون آھن ۽ ھڪ پراڻي تشبيھ ذھن ۾ ايندي آھي ته گلاب جي ھنن گلن ۾ ٻه ڀؤنر ويھي انھن جو واس وٺي رھيا آھن. تنھنجي کلڻ تي مور پنھنجا ٽھوڪا وساري ڇڏيندو آھي. تنھنجي مرڪڻ سان سڄي سنڌ پرھه جي روشنيءَ سان پالوٽجي ويندي آھي. تون ڳالهاائيندي آھين ته تنھنجي آواز سانيزدان جي دل ۾ اڌما اٿندا آھن. تون منھنجي محبت آھين، تو تان منھنجو سڀ ڪجھ قربان، پر اي منھنجي ماڪ جي ڦڙن جھڙي مقدس محبت، تون به سنڌ تان قربان.

عبدالواحد آريسر
چاونڊوڪيون ۽ چيٽ

Hashu Kewalramani حشو ڪيولراماڻي

مدد علي سنڌي

1986 ۾ ھري موٽواڻي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو آيو۔ ان وقت حشو جئيرو هو۔ مون کانئس حشو جو حال احوال پڇيو هو۔ هن ٻڌايو هو، مدد سچ پڇين ته حشو تمام ڏکي زندگي گذاري رهيو آھي، ڪڏھن الهاس نگر ريلوي اسٽيشن جي ڪنهن پليٽ فارم تي، ته ڪڏھن ڪڏھن شمشان گهاٽ ۾ رات وڃي رهندو آ ھي۔ سنڌ جو هي تمام وڏو ماڻھو ممبئي جي فوٽ فاٿ تي پنڌ ھلندو آھي ۔ڪنهن ماني کارائي ته واهه نه ته بک تي پيو گذاريندو آهي۔ آئون جڏھن به پنهجي متائي جي دڪان تي ويتو هوندو هئس ت هو مون وٽ ايندو هو ۔ کائنڻ لاء فقط مون کان مرملا يا پڪوڙا گهرندو هو ۔ هڪ ڀيرو آئون دڪان تي نه هجان ته حشو اچي نڪتو ، منهنجي پٽ کان مرملا ۽ پڪوڙا گهريائين پرمنهنجي پٽ کيس دڙڪو ڏئي اتان وڃڻ لاء چيو پر هو بيتو رهيو ايتري ۾ آئون به اچي پهتس پريان کان ڏتم ته منهنجو پٽ حشو کي دڙڪا ڏئي اتان کان وڃڻ لاء پيو چئي آئون ڊوڙندو آيس ته پوء مون پنهنجي پٽ ۽ دوڪان وارن کي چئي ڇڏيو ته جڏهن به هي ماڻھو دڪان تي اچي ته کيس مرملا ۽ پڪوڙا ڏئي ڇڏجو ، ۽ ڪڏھن به هن کان پيسا نه وٺجو. ان مهل حشو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي چئيائين ته هري هنن
ماڻھن کي ڪهڙي خبر ته حشو ڪير آھي؟ حشو ڪو عام ماڻھو ڪونهي، حشو جو قدر سنڌ وارا ڪندا، هو مونکي چڱي طرح سڃاڻن ٿا ۔ وڃي جي۔ ايم۔ سيد کان پڇو۔ شيخ اياز کان پڇو۔ علام قاضي کان پڇو۔ فيلڊ مارشل محمد ايوب به مونکي سڃاڻي،
ذوالفقار علي ڀٽو ، ۽ ان جو والد سر شاهنواز به مون کان واقف آهن، اي۔ ڪي۔ بروهي منهنجو دوست آھي۔ وزير اعظم اندرا گانڌي مون کان صلاحون وتندي آھي، هي سنڌي واڻيا اصل ڪڏھن به نه سڌرندا۔ جلد آئون سنڌ ويندس، اتي سنڌي منهنجو قدر ڪندا ۽ پوءِ اچي تقرير ۾ پيو۔ مون هٿ ٻڌي مافي گهري، تڏهن وڃي مات ٿيو پوءِ اخبار ۾ مرملا ۽ پڪوڙا کڻي آھستي آھستي وکون کڻندو پاڻ سان ڳالهائيدو هليو ويو۔ آئون کيس ويندو ڏسي ڏاڍو رنو هئس۔


هري اهو ٻڌائي چپ ٿي ويو هو، اسين ان مهل ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءِ جي ڪناري بيٺا هئاسين ۽ علي بابا جي گهران ٿي واپس وريا هئاسين، جو هو گهر ڪو نه هو، اسان جي سامهون وھندڙ سنڌو درياءَ ھو، اسان جي ڀر ۾ شوڪت شورو، ماٺ ڪري اهو سڀ ڪجه ٻڌي رهيو هو، ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا هئا. مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو، شام جي اونداهي آهستي آهستي ڇانئجي رهي هئي، ڪي ولر کان وڇڙيل پکي ڪوٽڙي ڏي وڃي رهيا هئا ۽ آسمان تي هڪ اڪيلو تارو ٽم ٽم ڪري رهيو هو۔

مدد علي سنڌي، حشو ڪيولراماڻي ن وسرندڙ شخصيت مان آلين اکين سان کنيل هڪ لازوال ياد

نوٽ: هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي

ٿي نه محبت مات — عبدالواحد آريسر

آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن مذهب جو وجود ڪو نه هو. آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي چانڊوڪين ۾ منهنجي ڌرتيءَ جو دراوڙ، سومرس جون جمنيون اندر ۾ اوتي وحشيانه ناچ ڪندو هو ۽ آءٌ ان وق به سنڌي هوس، جڏهن سانجهي ٽاڻي مُوهن جي ميدانن ۾ زندگيءَ جو فطري رقص، ڪائنات جي دل ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيندو هو.

انساني پيدائش کان وٺي مون ڪيئي مذهب مٽايا آهن، پر سنڌيت جو لباس نه لاٿو اٿم. ڪنهن وقت آءٌ عناصر اربع جو پرستار هوس. ٻئي وقت آءٌ هزارها ديوتائن جو پوڄاري هوس. آءٌ سالن جا سال مڪتيءَ جي تلاش ۾ مهاتما ٻڌ جي جي چرنن ۾ مٿو ٽيڪيندي رهيو آهيان، جڳن تائين منهنجي چتا، برهمڻ ازم جي چکيا تي چڙهندي رهي آهي. ۽ پوءِ آءٌ خداءِ واحدجي سامهون جهڪڻ لڳس.

اُنهن سڀني مذهبن مون کان منهنجي ’سنڌيت ۽ سنڌي زبان‘ نه ڦري ۽ آءٌ اَڄ به هڪ سنڌي محب وطن ملزم جي حيثيت ۾ اوهان جي سامهون بيٺو آهيان، آءٌ مناسب سمجهان ٿو ته پنهنجي تخليل واري سنڌ جي وضاحت ڪريان، جنهن جي وجود سان لاڳاپيل هجڻ سبب آءٌ هتي بيٺو آهيان.

نوٽ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

جيبڪترا

ڪلڪتي (ڪول ڪته) ۾ رهندڙ پنجابي ٻوليءَ جي ڪجهه اديبن ۽ قلمڪارن هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌو. پر جڏهن ادبي سنگت جي نالي رکڻ جو مرحلو آيو ته ڪو به هڪ نالي تي متفق ڪو نه پئي ٿيو  تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته ادبي تنظيم جو نالو پنجابيءَ جي مشهور مصنفه اَمرتا پريتم سنگهه جي ڪنهن ناول تان کنيو وڃي. پر وري جهڳڙو ان ڳالهه تي شروع ٿي ويو ته ڪهڙي ناول جي نالي تي؟ ان ڪري اَمرتا پريتم جي لکيل سڀني ناولن جا نالا الڳ الڳ پرچين تي لکي ڪڻو ڪڍيو ويو. چونڊيل پرچيءَ کي جڏهن کوليو ويو ته ان تي مصنفه جي جنهن ناول جو نالو لکيل هو، اهو هو جيبڪترا

خواهشون

سڀ خواهشون ڇڙواڳ نه ٿينديون آهن ڇو جو خواهشون ضرورت کوٽ يا محروميءَ مان جنم وٺنديون آهن انهن مان اهڙيون خواهشون جيڪي غير ضروري آهن انهن کي ڇڙواڳ خواهشون چئي سگھجي ٿو باقي جيڪي ضرورتن جي پورائي لاءِ پيدا ٿين ٿيو ن اهي ڇڙواڳ خواهشون نه هونديون آهن . ائين ئي زندگي بنا مقصد جي واحِيات پڻو آهي انسان جي زندگيءَ بي مقصد هجي ٿي جڏهن ان کي پنهنجي ڪل سان ڳنڍيو وڃي ٿو تڏهن با مقصد بڻجي پوي ٿي زندگي واندن ماڻهن لاءَ واحِيات پڻو آهي پر ڪل يا جامعيت جي مقصد سان ڳنڍيل جاکوڙي يعني جهد ڪندڙ انسان لاءِ با معنيٰ ۽ با مقصد هجي ٿي.آدم
ٽُڪرو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان کنيل آهي

ليوڪريشيا

ارسطوءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته هڪ ڀيري هن جي شاگردن ٻَڌي ڪري، هن کي ڏاڍو پياريو، جڏهن هو نشي ۾ هو ته هن کي چيائون
”استاد! اڄ تنهنجي عيش لاءِ يونان جي خوبصورت ترين ڇوڪري ليوڪريشيا وٺي اچون؟
”استاد! هائو ڪئي ته شاگرد ليوڪريشيا کي نقاب پارائي وٺي آيا ۽ جئين هوءَ آئي تيئن بتي وسائي ڇڏيائون. مُنهن انڌيري ۾ هنن ليوڪريشيا کي ڪڏي ڇڏيو. جڏهن صبح ٿيو ۽ ارسطوءَ کي هوش آيو تڏهن کائنس شاگردن پڇيو
”استاد! توکي ليوڪريشيا وڻي؟“
ارسطوءَ ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. ان تي سڀني شاگردن ٽهڪ ڏئي چيو: ”استاد! اِها ليوڪريشيا ته نه هئي. اها ته نقاب ۾ يونان جي قبيح ترين عورت هئي، پر توکي اونده ۾ پتو نه پيو.“
ان تي ارسطوءَ جواب ڏنو: ”برخوردارو! هر عورت اونده ۾ ليوڪريشيا لڳندي آهي.“
شيخ اياز – ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

شيخ اياز جي ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر تان ورتل ٽُڪرو

ماني کائي، اٽڪل ٽين بجي ريسٽ هائوس وڃي ستاسين. سمهڻ ويل مون کي پولڪو لفظ ياد آيو. اهو عورت جي ڇاتيءَ تي پيل ڀرت سان ڀريل انگيءَ وانگر هو. مونکي ياد آيو ته اهو لفظ ويجهو مون جرمن ناول نويس ايرڪ ميريا ريمارڪ جي ناولن ۾ ڪٿي پڙهيو هو. مون ڀٽائيءَ جون هيٺيون بيت به ننڊ کان اڳ ۾ ساريو:
مَٿن ٽُٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اَچن،
کُڙيون کهه ڀَڪُليون، پَگهر سِر پيرن
اي وڙ ويڙهيچَن مون لوڏائين لکئا.
ڇا ته بيت هو! انگريز شاعر ازرا پائونڊ اِهو بيت ٻُڌي ها ته سِسليءَ مان ٽپڙ ويڙهي اَچي گڊڙي ۾ رهي ها.
مون سکر ۾ اچي آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ ڌارين لفظن جي فهرست ۾ اهو لفظ ڏٺو هو ته اُن ۾ لکيل هو:
POLKA: Tight fitting dress of a woman
Used in french and German
Origin unknown
مان ڀانيان ٿو جڏهن سنڌ ۾ آريائي عورتون آيون هيون. اُهي پولڪا پائينديون هُيون. اُچار ۾ رتي به ڦيرگهير نه هئي.
ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر – شيخ اياز

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تان ورتل ٽڪرو

اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسي خيز ناول لکندڙ، اگاٿا ڪرسٽي، ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛ هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينين سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئا سين ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ _ هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته
”ڪڏهن آيو آهين؟“
”اڄ صبح جو.“
”ڇاتي؟“
”جيپ تي.“
”ڪنهن کان ورتي اٿيئي جيپ؟“
”پنهنجي آهي.“
”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي! مان ته اڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ _ هائوس وٽ ڪار روڪي ۽ هنن کي اتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها ته ڪپڙا لٽا سب ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“
”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم.“
”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا.“ ائين چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو، ۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:
”منهنجي مڌُ کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،
تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.“
سو، اها هئي هڪ تعليم يافته سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت _ اها تهذيب جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي!
شيخ اياز – جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي