پِي لِنگ هُئانگ

پِي لِنگ هُئانگ (Pei-Ling Huang) اصل تائيوان جي آهي. ھيءَ مائي آمريڪا جي جڳ مشھور ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي وائي وارن سُرن ۽ انھن جي مدد سان ماڻھن جي نفسيات ۾ فھم فضيلت آڻڻ ڪيئن ٿيڻ جوڳي آھي، جي پس منظر ۾ ته جيڪڏھن انھن سرن کي جديد ترتيبون ڏئي آڻجي جو لطيف جي واين کي ماترن (Meter) آڌار ڪيئن لکي سگهجي جو اولهه جا سنگيتڪار به وائيءَ جي ڌنن کي سندس جديد سازن سان ڇيڙي سگهن. ان تي ھيءَ پي ايڇ ڊي ڪري رھي آھي.

ھوءَ پھريان ته ھر ورهيه آمريڪا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي سلسلي ۾ ٻه ٽي مھينا سنڌ ايندي ھئي، پر ھاڻي فيلڊ ريسرچ لاءِ سڄي سال لاءِ ڀٽ شاھ تي رهي ٿي. جتان اها استاد منٺار فقير کان وائيءَ جو سرُ ۽ گُر سکي ٿي. ان کان پھرين ھن صوفي موسيقيءَ جي مک سازن جيئن طبلو ۽ ستار وڄائڻ سکيو آهي. ھوءَ ھالا ڀرسان ڳوٺن ۾ وڃي ماين مردن کان وائيءَ بابت لوڪ خيال ٻڌي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪيئن ”وائيءَ“ جي ڪري ھتي جي ماڻھن ۾ ماٺارپ جو مادو ملي ٿو.

نوٽ؛ پِي لِنگ هُئانگ تي لکيل مٿيون مواد سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

Advertisements

دن هيٺان دٻلي

شاعري؛ پوپٽي هيراننداني

دن هيٺان دٻلي
دن هيٺان هي دٻلي آه
يا اتپتي جي ندي اصلي آه؟
آ عوررت جو هي نفيس انگ
يا انسان جي آمد جو ازلي لنگه؟
هيءُ هاٿي جي
منهن وارو ٽڪنڊو
آه ڪام ديو جو
سونهارو جهنڊو؟
هي آهي ماديات جي
نجي دل
يا پرش پيار جي
آخري منزل؟
هيءُ ماڻڻ ڀوڳڻ جي
اونهي غفا
يا عورت جي تباهي واري قضا؟
هي ٻل ڪمزوري جو
عجيب ميل
يا پرش پرڪرتي جو
انوکو کيل؟
نانءُ هن جو ڳيهڻ آ
ڇا ڇا نه هيءَ ڳرڪائي ٿي!
پرش جو ٍآهم
پتيءَ جي شخصيت
پنهنجي سامهون جهڪائي ٿي
دشمن جو حملو
انسان جي لعنت
سڀ سر سهسائي ٿي
پنهني اندر
سرشٽي جو ٻج
نهائين بڻجي پهچائي ٿي
تن من پيءُ جو آسانيء سان
پٽ تائين پهچائي ٿي
هن آنند جي لئي
ڀوڳ جي مئي
چؤڌاري ترگڻي مايا
آنادي پرش جي ڪايا
جيون جا ڪل مقصد چار
ڪلا سياست ۽ ٻيا به خمار
گهمندا رهيا
ڦرندا رهن
گهمندا رهندا

نوٽ؛ مٿئين شاعري سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

The above Sindhi poetry of Popatti Hiranandanni, the ‘Pouch below the bellybutton’ had published in the  ‘Koonj’ magazine, Bombay (Mumbai), India issue of March 1973

عبدالرحيم گرهوڙي جون اڳڪٿيون

عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون ڪيل هي اڳڪتيون مشهور آهن.
پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن،
ادب ويندو، حيا ويندو، لڄ نه رهندي ليهه،
راجا ر اڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه،
تون آهين ته شينهن پر؛ تو کي سلام ڪرڻو پوندو سهي کي.

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں

ڈاکٹر آکاش انصاری کی شہید نذیر عباسی کے لیے لکھی گئی سندھی نظم

ترجمہ ابراہیم صالح
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں ،
پاسبانان ظلمت کے ہاتھوں اگر ،
مرے گمگشتہ سب ساتھیوں کی طرح ،
گر میں مارا بھی جاؤں کہیں نہ کہیں ،
اشک گریاں سے پلکیں بھگونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
گر یہ شاہی قلعے کی فصیلیں تجھے ،
میری موجودگی کا پتہ بھی نہ دیں ،
اور دلائل کے منحوس زندان پر ،
منڈلاتی ہوئی گدھ چیلین تجھے ،
خوں آلودہ چونچوں سے محو متن ،
کچھ بتا بھی دیں ..
ماری ماری تھکی ، در بدر تو پھرے ،
شام غم بھی اگر ، تجھ کو یوں دیکھ کر ،
تیری حالت پہ پرسہ و ماتم کرے،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں……
یہ تقاضاۓ خوں عباسی ہے ماں،
جسم اپنے کو تحفے میں دوں کھرچیاں،
کب تلک بنر ذہن و ضمیر و زبان ،
کب تلک وطن پر وردیاں وردیاں ،
ایسے حالات میں ،جبر کی رات میں ،
چاہے کچھ بھی ہو ماں ،
دامن ضبط ہاتھوں سے کھونا نہیں ،
ماں تو رونا نہیں ،ماں تو رونا نہیں…..
(ترجمہ ابراہیم صالح)

English translation of some stanzas of famous Sindhi poem of Shaikh Ayaz

شاعري؛ شيخ اياز
ترجمو؛ منوج ڪمار
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ-
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I accept my crimes,
I have committed many crimes.
Blue lotus blossoming in sewer,
and chukar bird flying in darkness,
Are all criminals.
Isn’t it a crime
That I have kneaded anew,
The clay of man?
Yes, I accept my crimes.
هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان-
ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime that I have left lofty sky,
instead loved the beloved mother earth ?
I resist the temptation of accepting the joyful night,
And long for the bright dawn.
I have floated with gracious clouds,
and, rained down with bright rays.
Yes, I accept my crimes.
هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي،
مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟
تو نفرت جي ديوار کنئي،
مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ-
مون ڳاتا گيت محبت جا،
مون واڳ وطن جي موڙي آ،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
Isn’t it a crime;
That I have built a temple of love,
on the earth?
And,demolished
the wall of hate, you have erected.
I have sung the songs of love,
and, have steered my land anew.
Yes, I accept my crimes.
مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مون لاٿا طوقَ غلامن جا،
هي گيت هُيا يا جادو ها،
زنجير ٽُٽا ايامن جا!
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I sung for liberty,
I removed the iron collars,
From necks of slaves.
These magical songs,
Broke the chains of centuries.
All now pick my tears,
Thinking them precious pearls,
Yes, I accept my crimes.
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان-
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان-
I have brought a singular talent,
Strings of musical instruments are at war with swords,
my songs are striking against your metallic walls,
Your massive forts are shaking ,
And, with heavy weapons, you went to be weak.
Yes, I accept my crimes.
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه مرڻو هان-
گُنجار ڪندي جا مون کان پو،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان-
ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي
You’ll send me to gallows,
But I’ll be back and alive.
I am fountain of the life,
That will flow unhindered even in my absence,
I’l resuscitate from my ashes ;will come back again,
Like minstrel carrying the harp.
Yes, I accept my crimes.
نوٽ؛ شيخ اياز جي مٿئين شاعري ۽ ان جو منوج ڪمار طرفان ڪيل ترجمو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي.

استاد بخاري

حڪومت تہ عُھدن ۾ مجبور آھي.
پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ،
ڪندي مصلحت فيصلا آھي گُم سُم،
حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ.
ڪلامن ۾ منصور شاعر اسان جا.
بيانن ۾ مشھور رھبر اسان جا،
دلين ۾ دغائون،سرن ۾ انائون،
پڙھي دور ويو آھي اندر اسان جا.

سيد علي بخش شاه ’ناز لطيفيءَ جو غزل

جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها،
ته ڪجهه درد دل جي دوا ٿي پوي ها…
جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها
ته ڪجهه دردِ دل جي دوا ٿي پوي ها
رهين ڪين ڪڏهين ڪا هڪ رات مون وٽ،
جي ترسي پوين ها ته ڇا ٿي پوي ها.
بِلو ٿي پوي ها غمِ دل جو جيڪر
بِمائل ڪرم دلربا ٿي پوي ها.
پِرين ڪِئن پري ٿي وڃي ها نظر کان.
جي منظور منهنجي دُعا ٿي پوي ها.
کڻين هان نه خنجر تون گردن تان قاتل.
ڀلي ڌڙ سِسِيءَ کان جدا ٿي پوي ها.
رکي سِرُ درِ يار تي پوءِ کڻان ڪيئن.
نمازِ محبت قضا ٿي پوي ها.
پُڇي ڀي نه ها ڪو دنيا ۾ خوشيءَ کي.
زمانو جي درد آشنا ٿي پوي ها.
جي سمجهين ها دل گهر خدا جو اي واعظ.
ته دلبر کي سِجدو روا ٿي پوي ها.
جي گهوريان ها سر هُن جي ناز و ادا تان.
ته الفت جو ڪجهه حق ادا ٿي پوي ها.
پڇان ها پرين کان مون ڪهڙي خطا ڪئي،
مگر هيءَ به هڪڙي خطا ٿي پوي ها.
کُلن ها خوشيءَ جا خزانا اسان لاءِ،
جي چشمِ ڪرم تنهنجي واه ٿي پوي ها.
سخا ڇا چوان شاههِ خُوبان جي يارو،
ٻُڌي ها جي حاتم گدا ٿي پوي ها.
چڱو ٿيو نقابن ۾ آئين صنم تون.
هتي ورنه قيامت بپا ٿي پوي ها.
لبن ساڻُ لب جي ملائين ها دلبر،
تنهنجي ڪهڙي اربع خطا ٿي پوي ها.
ڪاوڙ مَنجهائِي نهاريو ته ها پيا،
اها شوخ اَهنجي ادا ٿي پوي ها.
اجايو لطيفي کي، پيارا ٿا ماريو،
هو ازخود اوهان تان فدا ٿي پوي ها.

Shah Abdul Latif’s Poetry in Romanized Sindhi

Waya mor maree
Hanj na rahiyo hekrro
Watan thiyo waree
Koorran Kaainyran jo
Shah Abdul Latif Bhittai
ويا مور مري
هَنجُ نه رهيو هيڪِڙو
وطن ٿيو وري
ڪُوڙن ڪانِيرن جو
شاه عبدالطيف ڀٽائي

تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

آڪاش انصاري

تون پڇين ٿو پرين!

مان هليو ڇو ويس؟

جڏهن شام جو جام،

خالي نه هو،

رات رم جهم هُئي،

تنهنجي ساهن جي،

جهيڻن سُرن ۾ سُتل

منهنجي بستر تي

مُنڪر ڪا موسم هئي۔

تنهنجي ڪجلين اکين جي،

ڪنارن مٿي،

منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،

لڳي ئي لڳي،

ها! انهي کان اڳي،

مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!

دل به چاهيو گهڻو،

ڪا گهڙي تنهنجي،

وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان

واس وٺندو رهان!

ٻن گهڙين لئه سهي

تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾

ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،

مان پناهون وٺان،

کن پل لئي سهي،

ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو،

تنهنجي نيڻن جون،

نرمل هي چاندوڪيون،

سدا مست نينڍون نياپا کڻي

روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔

دل ته چاهيو گهڻو،

تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،

۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا

سئو سنديسا کڻي

منهنجي تن تي سدا

ايئن وکريل رهن۔

ها مگر ڇا ڪجي؟

تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،

قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!

جيڪا ويئي ڇڪي۔

دل ته ماڻڻ گُهريون،

تنهنجون سڀ دلبريون،

ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،

پنهنجي لذت هئي،

جيڪا وئي ڇڪي،

تون پڇين ٿو پرين

مان هليو ڇو ويس؟

From the treasure of Shah Abdul Latif’s poetry

Ever Serve the Sea , Where there is Endless water flows
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
And in its current there flows thousands of Pearls and other precious things
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
If you got only a Tiny part of it , O,Priest , your will be the wealthiest one

Poetry by: Shah Abdul Latif
Translation by Ibrahim Saleh Mohammad
Courtesy: via Facebook

راجا ڏاهر

تنهنجون نياڻيون ………. سهڻيون سياڻيون
ڪنهن هيئن آنديون؟ ……. مانديون بانديون
چيلھ ۾ رسا ………………….. ڇڪيا چوٽا
اڳتان گھوڙا ……………… پٺ تان پياريون
راج ڪماريون ……………… ننگيون ساريون 
ها پر آهي پوء به انهن جي منهن تي نفرت 
عظمت جرئت آهن منهنجون ڄڻ ڪوتائون.
راجا ڏاهر ۔۔ تنهنجون نياڻيون ۔ ۔ ۔!!
شيخ اياز

Assan Teray Peechay Deen Tay Emaan Chhaddhiya – Manjhi Faqeer

اسان تيري پيڇي دِين تي ايمان ڇڏيا
اساں تیرے پچھے دین تے ایمان چھڈیا
تم حیا اور شریعت کی بات کرتے ہو
ہم نے ننگے جسموں کو ملبوس حیا دیکھا ہے
ہم نے دیکھے ہیں، احرام میں چھپے ہزاروں ابلیس
ہم نے مے خانے میں سو بار خدا دیکھا ہے
اساں تیرے پچھے
چھڈیا مندر تے مسیتاں، دو جہاں چھڈیا
اساں غازہ تیرا ویکھ کے نمازاں چھڈیاں
اساں چہرہ تیرا ویکھ کے قرآن چھڈیا
سانوں او ہو رب چنگا جھیڑا دسےبول کے
اوس رب کولوں کی لینا جھیڑا مارے رول کے
جھوٹے کوڑے رب کولوں آناں جاناں چھڈیا
ناتا نہیا والا نیناں نال جھوڑنا
نا میں دوزخ وڑدا او جنت جاناں چھڈیا
اساں تیرے پچھے دین تے ایمان چھڈیا

Courtesy: Youtube

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعري

ستمگر سامراجي سازشي  مرده
باد!


غريبان مارَ ۽ مڪارَ ۽ ڪذابَ
مرده باد!


هي دشمن عام جا ۽ نام جا نواب
مرده باد!


هي مرده باد، مرده باد، با
احباب مرده باد!



ٿيا زخمي هنن جي چابڪن کان
رهنما پنهنجا!


هنن جي وحشي چنبن کان ٿيا ڪيئي
فنا پنهنجا!


هنن جي ڪارنامن داستان ڪارا ڪيا
پنهنجا!


هي ڪارا قلب جا ۽ ظاهري مهتاب
مرده باد!


هتان ئي آئي ون-يونٽ جي آفت ۽
زبردستي!


مِٽائن ٿا سنمگر سنڌ سونهاريءَ
سندي هستي!


وسائڻ ٿا گهرن اڄ پنهجو گهر ۽
باغ ۽ بَستي!


هي ون-يونٽ جا باني، حامي ۽
اسبابَ مرده باد!



ڀُلائي ويٺا بُلا شاهه، وارث
شاهه، فريدڻ کي!


مٺو آواز جن جو ٿو وٺي انسان کي
وڻ کي !


قلندر کي، سڪندر کي، پورس کي
برهمڻ کي!-


هي انساني اخوت جا عدوَ احباب
مرده باد!



هي هڪ پيغام آ پنجاب ڏي هڪ
نعرهء حيدر!


ٿيو انسان، رهو خوش ڀائرن کي
ڪيو خوشتر!


مُبدل ٿي وڃي هي شعر، برپا عيد
ٿئي گهر گهر!


بلوچستان زنده باد ۽ پنجاب
زنده باد!


سدائين سنڌ زنده باد، پاڪ آداب
زنده باد!

مخدوم طالب الموليٰ

ڪافي

ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان

ڪن جذباتن جو جواب آهيان

مان ڪنهنجون طلبون تمنائون

ڪنهن روح جي رمز ۽ راز آئون

ڪنهن جي آهيان اميد ۽ آس به مان

ڪنهن جي عشق جي اڃ اداس به مان

ڪنهن جي اندر جا ارمان به مان

ڪنهنجي دردن جا درمان به مان

ڪنهنجي نرمل نوري نگاهن ۾

ڪنهنجي آهن ۾ ڪنهنجي داهن ۾

ڪنهن ذهن جي سوچ ويچار ٿيس

ڪنهن دلبر جو ديدار ٿيس

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ لکان

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ ٻڌان

جنهنکي ڪنهن سوچئو ۽ نه ڪنهن
سمجهئو


جنهنکي ڪنهن نه لکئو ۽ ڪهن نه
پڙهئو


مان ڪنهنجي دل جون تقاضائون

ڪنهن حب جو هڪڙو حجاب آهيان

ڪنهنجي پيار جي آهيان پياس به
مان


ڪنهنجي شوق جو آءٌ شراب آهيان

ڪنهنجي سڪ وارا سامان به مان

ڪنهنجي برهه جو آءٌ باب آهيان

ڪنهن ڪاري رات جي راهن ۾

ڪنهن دنيا ۾ ڪمياب آهيان

ڪنهن دل ۾ خود مختار ٿيس،

ڪهن محبت جو مضراب آهيان

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ پڙهان

پنهنجو ن ڪنهنجي اطق پاڻ ڪتاب
آهيان

جنهنکي ڪنهن نه ڏٺو ۽ ڪنهن نه
ٻڌو


تنهن نوري رخ جو نقاب آهيان

ڪنهنجو طالبَ اڄ مطلوب ٿيس

ڄاڻي مولا مان مرغوب ٿيس

ڪنهن محبت سان منسوب ٿيس

چاهه جو لُبِ لُباب آهيان.

مخدوم طالب الموليٰ

هر جاءِ جلوا مون ڪيا، غائب به ٿي حاضر به ٿي

هر جاءِ جلوا مون ڪيا، غائب به ٿي حاضر به ٿي
اول به ٿي آخر به ٿي، باطل به ٿي ظاهر به ٿي.
خوش خيال پنهنجي کي ڪيم، مسجد مندر مئخاني ۾،
موکي به ٿي مئڪش به ٿي، مومن به ٿي ڪافر به ٿي
العشق واري انگور سان، اعليٰ غُليلايون ڪيم
آدم به ٿي حوا به ٿي، شجر به ٿي، شرر به ٿي.
ٻولي حُسن جي ۾ وڃي، هر رنگ ۾ رلجي ويس
ڪرمز به ٿي زردو به ٿي، احمر به ٿي اَخضر به ٿي.
ڪِيئن رئاريم ڪِيئن کلايم، ڪِيئن ڀُلايم ڪِيئن ملايم،
ظالم به ٿي سالم به ٿي، رهزن به ٿي رهبر به ٿي.
هر سن ۾ هوسو هرطرح، هر ڪا خبر هر هر ڏنم
انبياءُ ٿي اولياءُ ٿي، سالڪ به ٿي رهبر به ٿي
اعجاز واري ويس ۾، پنهنجو پروڙيم پاڻ ۾،
پاڳل به ٿي سياڻو به ٿي، بي زر به ٿي با زر به ٿي
اعجاز شاهه

امداد حسينيءَ جي شاعري

جڏهن سجُ چڙهندو، تڏهن ڏيهه ڏسندو
نه رهندا نه رهندا، انڌيرا نه رهندا
جڏهن واچَ سان وَڏ ڦڙو مينهن وسندو
ته واريءَ مٿان يارَ پيرا نه رهندا
جڏهن وقت جو تيز طوفانُ اُٿندو
ننڍيرا نه رهندا، وڏيرا نه رهندا
نه رهندي، نه رهندي، لڄالٽ نه رهندي
نه رهندا، نه رهندا، لُٽيرا نه رهندا
نوٽ: هيءَ شاعري سوشل ميڊتا تان کنيل آهي

When sun will rise,The world will see
The darkness will remain no longer

When it will rain heavily along with cyclone
The footprints on sand will cease to remain

When strong wind of revolution will blow
Neither chieftain and subject will be nor this status quo

The oppression will cease to exist
Neither oppressor will be alive and nor tryst

Poetry:  Imdad Hussaini
Translation:  Aijaz Mangi

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي خوبصورت شاعري

تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
جڏهن شام جو جام خالي نه هو
رات رم جھم هئي تنهنجي ساهن
جي جيڻن سُرن سان
منهنجي بستر تي ستل منڪر ڪا
موسم هئي
تنهنجي ڪجلين اکين جي ڪنارن مٿي
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي
ها انهي کان اڳي مان هليو ڇو ويس
سچ پڇين جي سڄڻ روح رهڻ لاء ڏاڍا
ريلا ڪيا

Continue reading

شيخ اياز

اسان جي دل اوھان جو حسن، جي ملندا تہ ڇا ٿيندو
ڪٿي جنت ڪندا آباد پنھنجي ڪا، تہ ڇا ٿيندو

جھان نو! اوھان جي زلف برھم جا ھي سودائي
جڏھن دار و رسن تي جھومندا ويندا تہ ڇا ٿيندو

خوشيءَ جا راڳ ڳائيندا بہ ڪيسين آشيان وارا
قفس آه و فغان سان گونجندا رھندا تہ ڇا ٿيندو

اسان جو عشق ھاڻي مثل موجِ پرسڪون آھي
اگر اٿلي پيو ھُو حسن جو دريا تہ ڇا ٿيندو

اجايو زندگانيءَ ڀر سپون سونجھيون سي ساحل تي،
نہ ملندو جيڪڏھن ھو گوھر يڪتا تہ ڇا ٿيندو

وطن تنھنجي تصور جو اياز آخرڪٿي آھي؟
چئي ڏيندين اگر پڇندا وطن وارا، تہ ڇا ٿيندو…
شيخ اياز