سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر

سومرن جي دور ۾ ٽن صدين اندر، جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو.
حوالو؛ اعجاز الحق قدوسي جي : تاريخِ سنڌ
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سوچون هڪ سچار جون – نجم عباسي

چون ٿا ته رسول صلعم خدا سان آسمان تي ملڻ ويو۔ حقيقت ۾ نه ست آسمان آهن ۽ نه ئي اتي ڪو موجود آهي۔ پوءِ هو ڪنهن سان ملڻ ويا ۽ ڪٿي ويا؟ چيو وڃي ٿو ته خدا هر هنڌ موجود آهي ۽ انسان کي سندس شهه رڳ کان به ويجهو آهي۔ پوء سوال ٿو اٿي ته ڪنهن مخصوص جگهه تي، ڪنهن هستي سان وڃي ملڻ جو مطلب ڇا ٿيو؟ هي ته سنئون سڌو تضاد آهي۔ خاص ڳالهه هي آهي ته ٻئي ڪنهن انسان هنن کي براق تي چڙهي آسمان طرف روانو ٿيندي يا ويندي نه ڏٺو۔
جيڪڏهن حضور جن پاڻ ائين چيو آهي ته ان جي معنا ٿي ته هنن اهڙي قسم جو ڪو خواب ڏٺو هو۔
ڪتاب ” سوچون هڪ سچار جون“ (نجم عباسي)

Courtesy: مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ٺڳيءَ جو ٺاھہ

اسان جي ملڪ ۾ منافقن جي ڪمي ڪونهي ، ڏينهن جو جن جي هٿن ۾ مذهب جو جهنڊو هوندو آهي رات جو انهن جي هٿ ۾ جام هوندو آهي ۽ جيڪي ڪامريڊ پاڻ کي مارڪسٽ سڏائيندي نہ ڍاپندا آهن ، سي ٽيليويزن جي نعتيہ مشاعرن ۾ نعت پڙهندي نظر ايندا آهن.
اسان جي ملڪ ۾ ڪميونسٽ ، ڪميونسٽ نہ آهي، اسان جي ملڪ ۾ ديندار ، ديندار نہ آهي، ٻئي منافق آهن، اسين سڀئي بزدل آهيون ۽ پنهنجي بزدليءَ جو علاج ڳولي رهيا آهيون.
امر جليل
ٺڳيءَ جو ٺاھہ

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

هي سنڌ هاڻي موئن جي دڙي واري سنڌ ناهي رهي

ڪهاڻي — هن ڄار ۾
ليکڪ — امرجليل
علي ڪجھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“
”اھڙي بددعا ته نه ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“
”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“
”چري ته ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“
”چئي ٿي، ته موھن جو دڙو دنيا جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“
————
”يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، ته سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“
علي مارگريٽ کي ڪجھ چيو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانھن ڏسي عليءَ کي ڪجھ چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونھن سنڌ جي ٻڌي ھيم، تھڙي ڏٺم.“
”ٻيو ڪجھ به چيائين ڇا؟“
”چيائين ته توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز آھيو.“
مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
————–
ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي ته سنڌو نديءَ ۾ ھماليه جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن ھماليه بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق به بلند آھن
اسان ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن مرڪي نھاريو.

Continue reading