انصاف جو تقاضو – خليل جبران

هڪ رات بادشاهي محل ۾ دعوت هلي
رهي هئي .ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو جنهن پاڻ کي بادشاه جي حضور پيش ڪيو.سڀ
مهمان متوجه ٿي ويا.انهن ڏٺو ته ايندڙ ماڻهوء جي هڪ اک نڪتي پئي هئي لڙڪي
پئي ۽ خالي جاء مان رت پئي وهيو.


بادشاه پڇيو ”توساڻ ڪهڙي واردات ٿي“ ؟

ماڻهوء جواب ڏنو ”حضور مان پيشه ور چور آهيان مان اڄ رات هڪ سيٺ جي گھر چوري جي نيت سان داخل ٿيڻو هئس پر ڀُل ۾ ڀر واري ڪوريءَ جي گھر ۾ داخل ٿي ويس .دريء مان اندر ٽپو ڏنم ته
منهنجو مٿو ڪپڙي اُڻڻ جي مشين تي لڳو ۽ منهنجي اک نڪري پئي ..هاڻي مان ڪوريء جي سلسلي ۾ اوهان کان انصاف جو طالب آهيان.“


اهو ٻڌي بادشاه ڪوريء کي گھرايو ڪوري درٻار ۾ حاضر ٿيو.بادشاه منٽن ۾ فيصلو صادر فرمايو ته بدلي ۾ ڪوريء جي اک ڪڍي وڃي…!!!!!! ڪوري فيصلو ٻڌي حيران رهجي ويو.هٿ ٻڌي باادب عرض ڪيو“ ظل سبحاني توهان جو فيصلو درست آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين منهنجي ڪم ۾ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي ته جينئن ساڄي طرف ۽ کاٻي طرف جي ڪپڙي کي ڏسان ۽ ڪپڙو درست اُڻان…… منهنجي پاڙي ۾ هڪ موچي رهي ٿو ان جون ٻئي اکيون سالم آهن، هن جي ڌنڌي ۾ صرف هڪ اک جي ضرورت آهي ٻي اک واندي اٿس …“

ظل سبحاني هڪدم موچيء کي طلب فرمايو هو آيو ۽ شهزادي جي حڪم تي سندس هڪ اک ڪڍي وئي …. ۽ اهڙي طرح ”انصاف جو تقاضو“ پورو ٿيو.

نوٽ: خليل جبران هو هي ٽُڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

Advertisements