جي ايم سيد ۽ ڀٽو

ڄام ساقي، ڪجھه ورهيه اڳ، عوامي آواز ۾ پنهنجي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ لکيو هو ته هو ۽ جي ايم سيد ٻيئي جناح اسپتال ۾ داخل هئا. هڪ ڏينهن صبح جو سوير جي ايم سيد کيس چيو ته در دريون بند ڪر، مون ائين ڪيو …. پوءِ، چيائين ته مان ذاولفقار علي ڀٽي کي شهيد مڃان ٿو پر ڪنهن مجبوريءَ سبب، ماڻهن جي اڳيان چئي نه ٿو سگھان. …. جنهن کي شڪ هجي ته ڀلي ڄام ساقي کان تصديق ڪري جو اهڙي دعوا ڄام ساقي ڪئي آهي.
سنڌ سلامت ويب سائيٽ تي مون مضمون پڙهيو ته پيرحسام الدين راشدي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه، شهيد ڀٽي جي زندگي بچائڻ لاءِ جي ايم سيد سان مليا. جي ايم سيد مٿن ناراضگي ڏيکاريندي چيو: اوهان جي بابي سيد الهندي شاهه کي ڦاهي اچي ٿي ڇا؟ … ۽ پوءِ چيائين: مان چاهيان ته ڀٽي کي ڦاسي کان بچائي سگھان ٿو (پر مان ائين نه ڪندس)….. سو سچائي ڪهڙي آهي، ڪو اڻ ڌريو دوست انهيءَ تي روشني وجھي.  اسان جو مطلب سچائي ڄاڻڻ آهي، ڪنهن جو اميج خراب ڪرڻ يا بهتر بڻائڻ هرگز ناهي. (محمد خان سيال)

نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا (محمد خان سيال جي فيس بُڪ وال ورتل آهي.

جي ايم سيد ٖ ذوالفقار علي ڀٽي لا۽ رنو

“ جنهن رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي چاڙھيو ويو ٖ قدرتي طور جي ايم سيد جي طبيعت ناساز هئي ٖ جي ايم سيد روز ريڊيو تي دنيا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان خبرون ٻڌندو هو ٖ ڀٽي جي ڦاهي واري خبر سائين صبح جو بي بي سي تان ٻڌي نہ سگهيو ٖ ان ڏينهن نيرن ڪرڻ کان پو۽ صبح جو يارهين وڳي ڌاران جيئن ئي بي بي سي پنهنجي خبرن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جي خبر نشر ڪئي تہ اها خبر ٻڌڻ سان سائين جي ايم سيد روئي پيو ٖ مون سائين کي چيو،  “سائين ڇا اوهان جا ڳوڙھا ايترا سستا آھن جو هڪ ڊڪٽيٽر جي موت تي ڳڙي ٿا پون؟ “سائين پنهنجون اکيون مٿي کڻي جواب ڏنو تہ “مان ڪنهن جي موت زندگي تي نہ ٿو روئان، مون کي پنهنجي قوم جي بيوسي تي روئڻ ٿو اچي، اسان جي قوم مان پاڻ کي ذهين ماڻھو سمجهندڙ شخص کي ايڏو بيدردي سان ماريو ويو جو ڪنهن ڪڇيو بہ نہ، اسان جي پاڪستان ۾ اها حيثيت آھي.“
( عبدالواحد آريسر جي ڪتاب “ مجيب ۽ ڀٽو “ تان ورتل اقتساب صفحو نمبر 127 )

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

انٽرنيشنل هاسٽل ڪمرو نمبر 13

سنڌي يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي جيئي سنڌي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو شروعاتي منشور لکيو ويو ۽ ان جي جهنڊي جي ڊزائين به ان ڪمري ۾ ئي ٺاهي وئي هئي ۽ جساف جو شروعاتي بنياد، جي ايم سيد جي منظوري سان 1969ع ۾ اقبال ترين جي سرواڻيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اقبال ترين ئي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر بڻيو.

نوٽ؛ مٿي ڏنل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا (فيس بُڪ تان) ورتل آهي.

تلور

تلور (Houbara or Macqueen’s Bustard/Chlamydotis Undulata Macqueenii ) پکيءَ جو قسم آهي. 70 سينٽي ميٽر ڊگهي، پٿريلي وارياسي رنگ جي هن ڊيل جھڙي وڏي پکيءَ جي نر ماد ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. نر جا رنگ پٿريلي ماحول سان هم آهنگ هوندا آهن، هن جي پيٽ ۽ ڊگھي ڳچيءَ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو، سرمائي ڪاري چوٽي ۽ ڳچيءَ تي مٿان کان هيٺ تائين اڇن ۽ ڪارن کنڀن جي جهالر ٿئي ٿي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ڪاريون ۽ ميٽوڙي هيڊيون ٿين ٿيون. هن جي پيرن ۾ ٽي ٽي آڱريون هونديون آهن. هي سياري جو مهمان پکي آهي. هي پکي اڪثر اڪيلو يا ننڍڙن گروهن ۾ هوندو آهي ۽ نيم صحرائي علائقن، ڍورن ۽ ساحلي ڪنڌين تي ملندو آهي، سنڌ ۾ پارڪر واري علائقي ۾ سياري دوران هي پکي تمام گهڻي انداز ۾ ايندو آهي. هي ڊوڙ جو ڏاڍو تکو آهي.

تلور پکيءَ جو شمار دنيا جي خاص پکين ۾ ٿئي ٿو. ڏاکڻي اسپين جي تجوسيگيورا (Tajosegura) غارن مان تلور پکيءَ جا جيڪي نشان ملن ٿا، تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته -تلور- پکي 4000 کان 6000 ق. م اڳ به ڌرتيءَ تي رهندو هو. اڄڪلهه هي پکي آفريڪا، آسٽريليا، يورپ ۽ -ايشيا- کنڊ ۾ ملي ٿو، پر بنيادي طور تي هيءُ پکي اصل آفريڪا جو رهندڙ آهي.

تلور جا 22 قسم آهن، -جن کي وري 47 ننڍن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. اهو فرق، سائيز ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڪري وجود ۾ آيو آهي. تلور جي عام قسمن ۾ هوبرا تلور، وڏو انڊين تلور، ڪوري تلور، ڊلهم تلور، بنگالي، تلور ۽ آسٽريلين تلور وغيره شمار ڪيا وڃن ٿا.

هن پکيءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. عربيءَ ۾ هن کي ”هبارا“، انگريزي ۾ ”بسٽرڊ“، هنديءَ ۾ چُلو تندري، سنڌيءَ ۾ ”تلور“ ڪوٺجي ٿو. هيءُ پکي ڀارت جي گنگا واديءَ، روس، اوبر ايران، مصر، افغانستان، بنگلاديش جي چٽگام واري علائقي ۽ پاڪستان جي صوبي -بلوچستان- جي چاغيءَ واري پاسي، خاران کان سواءِ مڪران ۾ ۽ سنڌ جي ٿر ۾، سرنهن جي ڦولار واري مند ۾ ملندو آهي. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ پڻ گهڻو نظر ايندو آهي. مادي تلور جا پير زمين تي ائين لڳندا آهن، ڄڻ اُن جون آڱريون وريل هجن. جيڪي ٿلهيون ۽ ننڍيون ٿينديون آهن. -ان- جي ڄنگهن جو رنگ ڪاراڻ مائل هوندو آهي، جنهن ۾ زرداڻ شامل هوندي آهي. هن جي پڇ ۾ ارڙهن تيلا ٿيندا آهن، -جن- جي مٿان اُڀا ڪارا ليڪا هوندا آهن. تلورجو رنگ چمڪندڙ سونهري ٿيندو آهي. نر جي مٿي تي ڪلنگي هوندي آهي ۽ مادي، نر جي ڀيٽ ۾ قد ڪاٺ ۾ هلڪي ٿيندي آهي. تلور جو گوشت ڳاڙهو ۽ کائڻ ۾ سوادي هوندو آهي. مادي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ کان ٻه آنا ڏيندي آهي، جن مٿان پنجويهن کان ٽيهه ڏينهن آرو ڪندي آهي. ٻچن ڦٽڻ کان پوءِ، ٻچن جي پالنا واري ذميداري پڻ نر تلور جي حصي ۾ ايندي آهي. ٻچا چئن پنجن هفتن ۾ اُڏامڻ سکي وٺندا آهن. سندن اڏامڻ جي رفتار پنجويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ وڃي پهچندي آهي. -تلور- پکي خشڪيءَ تي رهندڙ سڀني پکين کان تيز ڊوڙ پائيندو آهي. پاڻيءَ کان ٻاهر هيءُ پکي ٿڌن بلڪ خشڪ چراگاهن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. ڏينهن جو اڪثر گاهن، وڻن ۽ ٻوٽن جي جهڳٽن ۾ رهي، پاڻ کي محفوظ سمجهندو آهي. رات جو پنهنجي خوراڪ جي -تلاش- ۾ نڪرندو آهي. جدا جدا قسم جا گاهه، جيت ۽ -ٻج- وغيره ڪثرت سان کائيندو آهي. ان کانسواءِ ڄانڀو، سرنهن، جوار ۽ لاٺيون گاهه، سينور گاهه، لاڻو، ڪرڙ جا ڳاڙها ڏيلها، ٻير، پٽ پيرون، اُڏوهي، ڇيڻن جا جيت، تڏيون، ٽنڊڻيون، ماڪوڙيون، مڪڙ، ڪرڙيون بلڪه هلڪي ڦلڪي نانگ کي به ڏاڍو ڊرامائي انداز سان هڙپ ڪندڙ پکي آهي. پنهنجي مرضيءَ موجب -پاڻي- پيئندو آهي ۽ گاهن تي پيل ماڪ جا ڦڙا چٽي وٺندو آهي. صبح ٿيڻ تي سٺي ۽ نرم زمين پسند ڪري، -ان- تي کوٽهڙو ڪندو آهي، جنهنڪري -تلور- جي جسم تي چنبڙيل ننڍڙا -جراثيم- ڪري پوندا آهن. خاص طور درياهه جي ٻيٽ، واري يا پڌر واري ميدان ۾ لهندو آهي، -جتي- ننڍيون ننڍيون ليون هونديون آهن.

تلور، ڦولار واريءَ تيليءَ کي وات ۾ وجهي روڙي کائيندو آهي. شام جو سج لهڻ مهل ڦولار تي ايندو آهي ۽ صبح جو سج ڪانو کن مٿي چڙهندو آهي ته اُڏامي وڃي لَيُن ۾ لهندو آهي. سڄو ڏينهن اُتي ويٺو هوندو آهي ۽ اُڏرڻ مهل ائين بولاٽيون کائيندو ويندو آهي، جو توبچي به مشڪل سان ماري سگهندو اٿس. هو صحتمند رهي ٿو. باز جڏهن تلور تي حملو ڪندو آهي ته ان وقت هيءُ باز جي منهن ۽ اکين تي پکال يعني پٽڙي وِٺ زور سان اڇلائيندو آهي ۽ پوءِ ڪِري پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندو آهي. جيڪڏهن ڪو خاص جانور هن جي ويجهو ايندو آهي ته پنهنجي چهنب جا ٻئي پاسا هڪٻئي مٿان زور سان کڙڪائيندو آهي، جنهن مان زوردار ۽ رعبدار آواز نڪرڻ شرط، حملو ڪندڙ جانور تلورکي کائڻ جو ارادو مٽائي ڇڏيندو آهي. تلور ماڻهوءَ کي هڪ ميل جي مفاصلي تان تاڙي وٺندو آهي ۽ هڪدم لِڪِي، پنهنجي جان بچائڻ جو جتن ڪندو آهي. سياري جي موسم ۾ هيءُ پکي پنهنجو اباڻو ديس ڇڏي، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ چولستان واري ڀاڱي ۾ ايندو آهي ۽ چانڊوڪين راتين ۾ زمين کان مٿي اوچي پرواز ڪندو آهي. قدرتي هوا جي لهرن ۾ پنهنجا پر پکيڙي واس وٺندو آهي ۽ پنهنجن پرن جي مضبوطيءَ مان فائدو وٺندي، چنڊ ۽ تارن کي نظر ۾ رکي خوب لطف اندوز ٿيندو آهي، پر جڏهن -آسمان- ۾ جهڙ ۽ ڪارا ڪڪر ڏسندو آهي ته جلدي زمين جو رُخ اختيار ڪري لهي پوندو آهي. هن پکيءَ جي گوشت ۾ وڏي قوت آهي. هن جو شڪار عام طريقن سان ڪيو ويندو آهي. جهڙوڪ: (i) اچ وڃ وارن رستن ۽ پيچرن تي ڳاريون ۽ ڪوڙڪيون وجهي ڦاسائڻ، (ii) بندوق سان مارڻ، (iii) -باز- ذريعي شڪار ڪرڻ.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان (Encyclopedia Sindhiana)

نوٽ؛ مٿيون مواد سوشل ميڊيا تان ورتو ويو آهي.

سچائيءَ جو انعام

هڪ ناليوارو چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪيو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي مورک، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿيئي. اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“
چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“
درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهاءِ.“
چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“
بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“
چور هاڪار ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“
چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“
رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراهه ڪرڻ لڳو.
پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو: ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين: ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي وزارت ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

Courtesy: حوالو؛ ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل

تقوا

”جيڪڏهن بيوسي، بيحسي، عاجزي، بي عزتي ۽ غلامي تي ٿورائتو ٿيڻ ۽  چپ رهڻ جو نالو تقوا آھي ته پوءِ گڏهه پهرين درجي جو متقي آھي.” ~ عرب شاعر ابوالعليٰ معري

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا ته کنيل آهي.

اسم تصغير

اسم عربي لفظ آهي جنهن جي معنىٰ آهي نالو ۔ وياڪرڻ يا گرامري اصطلاح ۾ اسم اهڙي لفظ کي چئبو آهي جيڪو ڪنهن شيِ، جاءِ، جاندار، ماڻهو، ڪم حالت ۽ خاصيت جو نالو ڏيکاري. هن کي انگريزي زبان ۾ Noun چئجي ٿو.
مثال : بدڪ ، ٻلي ، ڪتاب ، ڪتو وغيره
اسم جا مختلف قسم ٿين ٿا.
انهن ۾ “اسم تصغير “به هڪ آهي
تصغير پڻ عربي لفظ آهي، جيڪو صغير مان ورتل آهي. اهڙو اسم جيڪو ڪنهن شيِ کي ننڍو ڪري ڏيکاري ته ان کي اسم تصغير چئبو آهي.
مثال : ٻلڙي ، ڳيرڙو ، پکڙو ، جهوپڙي وغيره

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

فارسيءَ جو دور

فارسيءَ جو دور شروع ٿيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌي ٻوليءَ جي دفتري ۽ تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويئي. شھرن ۽ ڳوٺن وارن مدرسن ۾ قنڌار کان مولوي گھرائي رکيا ويا، جن فارسيءَ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جو پھاڪو انھن ڏينھن جي ڳالهه ڪري ٿو. جنهن جي ڪري سنڌين کي سنڌي زبان ۾، خط پٽ لکڻ ۾ به عار ٿي لڳو. قلم جي جنبش به پارسيءَ ۾ ھئي ۽ علمي گفتگو ۽ بحث مباحثا به پارسيءَ ۾ ھئا. تاريخ، انشاءَ تفسير، حديث، ديوان، مثنويون ۽ سمورا ڪتاب پارسيءَ ۾ ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ. حضرت مولانا شيدائي ص 520)
حوالو؛ ڪتاب ”ڏيئي ڏنڀ ڏڏن“ دادا سنڌي
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ابن بطوطا

ابن بطوطا (ابن بطوطه) جڏهن مصر جي بندر اسڪندريا تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ،  ابن بطوطه کي اڳواٽ چئي ڇڏيو هو ته: سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر

سومرن جي دور ۾ ٽن صدين اندر، جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو.
حوالو؛ اعجاز الحق قدوسي جي : تاريخِ سنڌ
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

سنڌ جي تاريخ جا وساريل ورق

مخدوم عبدالله جو مدرسو:
مخدوم عبدالله ڀٽي، جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان پٽ هو. سندس اصل نالو راجڪمار ارجن پٽ وريو هو. ڪنهن درويش جي صحبت ۾ رهي مسلمان ٿيو. کيس روحاني فيض حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني کان حاصل ٿيو. هالن پراڻن (هالا ڪنڊي) ۾ اچي پنهنجي ديني مدرسو کوليائين. جنهن ۾ نه رڳو ظاهري علم جو درس ڏيندو هو، پر باطني علم سان به نوازيندو هو. هالن پراڻن جا مخدوم، هن بزرگ (ارجن عبدالله ڀٽي) جو اولاد آهن ۽ منجهن ڪيترائي وڏا عالم مدرس ۽ فاضل ۽ فقيهه پيدا ٿيا. هن بزرگ ستين صدي هجري جي آخر ۾ هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڀٽائي

ڀٽائي سنڌي هندوئن جو سڀ کان وڏو ڀرجهلو هئو. اچو ته ڀٽائي جي پيروي ڪيون.
مرشد ڀٽائيءَ سنڌ جي جملي رھاڪن کي بنا ھندو مسلم فرق جي سنڌي ڪري تصور ڪيو آھي. جن ماڻھن کي ساراھيو اٿس تن مان اڪثر ھندو ھئا. راءِ ڏياچ ھندو راجا ھو ۽ لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو ھندو راجا ھو، راڻو سوڍو ھندو ھو، مومل ھندواڻي ھئي، سسئي ھندو نسل جي ھئي. اوڏ، جاڙيجا، ريٻاڙا، جوڳي، بابو، سنياسي، آديسي جن جو ذڪر لطيف سرڪار پنھنجي ڪلام ۾ آندو آھي، سي سڀ ھندو ھئا.
ھن نڪو محمد بن قاسم جي تعريف ڪئي آھي نڪو محمود غزنويءَ کي ساراھيواٿس. اورنگزيب جو مٿس اثر پوي ھا ته ضرور انھن جو نالو به پنھنجي ڪلام ۾ آڻي ھا. پر ڪٿي به اھو ڏسڻ ۾ نه ايندو. جي بلوچن کي ساراھيو اٿس ته اھي پھريان ئي حاڪم ھئا جن شريمتي راڄ بدران ملڪ جي دستورن پٽاندر حڪومت ڪئي. رسالي ۾ نه مُلن ۽ نه مولوين جي ساراھه ڪيل آھي ، بلڪ ھنگلور جي ھلڻ ، گنگا تي گجڻ ۽ سنڱين وڄائڻ وارن سامين ۽ جوڳين کي ياد ڪري رنو اٿس.
اچو ته پنهنجي رهبر ۽ راهرو مرشد ڀٽائي کي سمجهون. (
مير سليم)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڇا ڪجي اهڙي دنيا کي (عبدالواحد آريسر)

 اهڙي دنيا جتي لذت جي مٺاڻ نه هجي، ڪنهن گناه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪي جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاھنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي…
اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگھي ٿي پر انسان لاءِ نه ….
هيءَ به نه وسارڻ گھرجي ته زندگي رڳو ٽهڪ ناهي ۽ نه وري رڳو ڳوڙهو…
زندگي ٽهڪ به آهي، ڳوڙهو به آهي، چُميءَ جي مٺاڻ به آهي ۽ ٿوهر جو گرھه به …
(عبدالواحد آريسر)
اردہ میں ترجمہ
خاک میں جائے ایسی دنیا کہ جس میں :
نہ لذت کی چاشنی ھو نہ کسی گناہ کا سرور ، نہ کسی نیکی کی لطافت ہو نہ کسی سزا کی اذیت ، جہاں کسی تخلیق کا درد نہ ہو ، نہ کسی چاھت کی تمنا ، نہ کسی خواہش کی گرمی ہو نہ کسی کاوش کا جمال نہ ھی کسی ناکامی کا ملال ہو۔
ایسی دنیا مسکن ملائک تو ہو سکتی ھے کسی انسان کا استھان نہیں ۔ ۔
یہ بھی نہیں بولنا چاہیئے کہ زندگی محض ایک قہقہہ نہیں اور نہ ہی محض سیل اشک ۔ ۔
زندگی قہقہہ بھی ہے ، اشک رواں بھی ، بوسے کی چاشنی بھی ھے تو کانٹوں بھرا نوالہ بھی ۔ ۔
(عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي اکر

سنڌي لکت جا اصول ۾ پروفيسر رستم علي خاصخيلي لکي ٿو ته (هه) اکر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکت لاءِ موهن جي دڙي واري لکت کان وٺي اَڄ ڏينهن تائين ڪم ۾ اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ان اکر کي سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي اکر سڏجي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. ”هه“ جو اکر موهن جي دڙي مان مليل مُهرن تي به موجود آهي. ان اکر ٻين لفظن هي لفظ به ٺهن ٿا. هَرَڻ، مهراڻ، هاٿي، هيرڻ ۽ هارائڻ.

گرامر جو پهريون ڪتاب

ويا ڪرڻ (گرامر) ٻولي جي لکائي ۽ خوبصورت ٺاهڻ جو علم آهي. گرامر جو پهريون ڪتاب هڪ سنڌي پانيني (PANINI)  لکيو. جيڪو پوءِ دنيا وارن ترجمو ڪري  پنهنجي ٻوليءَ کي ٺاهڻ لاءِ ڪَتب آندو. پانيني سنڌو درياءَ جي ڪناري آباد ٿيل شهر اَٽڪ جو رهاڪو هو.
Courtesy: سنڌي لِکَت جا اُصولَ، پروفيسر رستم علي خاصخيلي

سرور سهتي جو وڇڙو

جيئي سنڌ جو اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ (جسم) جو چيئرمين پروفيسر سرور سهتو لاڏاڻو ڪري ويو.
سرور سهتو 80 واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ فزيڪل ٽريننگ جو انچارج هيو. مسلم هاسٽل ۾ ٻين ماڙ تي سندس گهر هئو. گهر ڇا هو جو سموري قومي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ اڻ اعلانيل آفيس هئي.
سرور سهتي، جيئي سنڌ جي اسڪولي ٻارن لاءِ تنظيم جيئي سنڌ لطيف سنگت قائم ڪيائين. جنهن جو جي ايم سيد کيس نگران مقرر ڪيو. توڙي جو ان وقت سرور سهتو، جيئي سنڌ محاذ جا مرڪزي اڳواڻ هئو پر پنهنجي هن قومي ذميواري کي ڀرپور نموني سان نڀايائين ءِ سڄي سنڌ جي مک هاءِ اسڪولن ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگ  (ج.س.ل.س) جون شاخون کوليائين.
سندسن نگراني ۾ جيئي سنڌ جي ٻارڙن جي هن تنظيم مان جمال ناصر بلو، سوجهرو سنڌي، عرفان مهدي، ليمون مل سنڌي، شهيد منير خان چولياڻي، رياض چانڊيو، سليم حيدري، گل سنڌي، امير حمزو انڙ جهڙا مک قومي ڪارڪن پيدا ٿيا.
پروفيسر سرور سهتو تمام پڙهيل ڳڙهيل، پڙهائي لکائي وارو ءِ ٿڌي طبيعت وارو انسان هيو. حيدرآباد شهر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جيئي سنڌ کي منظم ڪيائين. جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين به رهيو.

نوٽ؛ سرور سهتي تي لکيل هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

حقيقت جو اولڙو

وتائي فقير سان ماڻس گلا ڪئي ته ابا، تنهنجي ماني پچائي ٿي رکان ته ڪتا کڻيو وڃن، جي ڪوٺيءَ کي دروازو هجي ته ڪڙو ڏئي سانڍي رکي ڇڏيان، پوءِ اويل سويل ڪيڏي مهل به گهر اچين ته پنهنجي ماني کائين. هن چيو اجهو در کڻي ٿو اچان. پوءِ ويو، مسيت جو در پٽي گهر کڻي اچي، پنهنجي ٻارٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. مسيت جو مُلان آيو، ڏسي ته در ٺهي ئي ڪونه. سو پيرو کڻي سڌو وتايي جي گهر وٽ آيو. سڏ ڪري چيائين ته ”ميان، تون ته هاڻ ماڳهين ارڪانن مان نڪرندو ٿو وڃين. توکي شرم ڪونه آيو جو خدا جي گهر جو دروازو لاهي کڻي اچي پنهنجي گهر تي چاڙهيو اٿئي؟“ وتايي چيو شرم ته گهڻو ئي آيم پر ماني ڪتا کڻيو ٿي ويا. سوچيم ته جڏهن مون کي دروازي جيتري توفيق ٿيندي، تڏهن دروازو واپس وڃي رکندس، ڇو ته مون کي ڏيڻ وارو به اهوئي آهي، کيس خبر آهي ته وتايي وٽ در ڪونهي، هنن کي تڪليف آهي. مُلان چيو آءٌ در لاهيو ٿو وڃان. وتايي چيو در اهو لاهيندو جنهن جو آهي. باقي تون ٻڌاءِ تنهنجو ساڻس ڪهڙو لاڳاپو آهي. ڪهڙي مٽي مائٽي آهي يا توکي خود پاڻ چيو اٿس ته مون ۾ سگهه ڪانهي، تون وڃي وتايي کان دروازو وٺي اچ. ٻڌاءِ، ته توکي ڇا چيو اٿس؟ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ملان خار ۾ گاريون ڏيڻ ۽ وڦلڻ لڳو. وتايي چيو هن کي جهليو، مون هن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ خدا جو عيوضي ٿيو آهي. مون کي خدا ڏيندو ته واپس (در) ڏئي ويندس.

نوٽ؛ وتائي فقير جي حوالي سان هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

سيڪس

هڪ ڀيري سگمنڊ فرائڊ پنهنجي هڪ مريض کي چڪاسيندي کانئس پڇيو، “هو دري مان ڏس! پول تي جھنڊو نظر اچئي ٿو؟” مريض وراڻيو هو، ”ها نظر اچي ٿو، پوڙهو ضرور آهيان پر تون ڇا ٿو سمجهين آنءُ انڌو آهيان ڇا؟“
فرائيڊ چيو، ”توهان خفا نہ ٿيو! اهو تپاس جو حصو آهي. مهرباني ڪري ٻڌايو تہ اهو پول ڏسي اوهانکي ڇا ٿو محسوس ٿئي؟“
مريض ٿورو شرمائيندي کيس چيو، ”سيڪس!“ فرائيڊ ڏاڍو سرهو ٿيو هو ڇو تہ ان طرح سندس تحليل نفسي (Psychoanalysis) واري نظريئي جي پُٺڀرائي ٿي رهي هئي ۽ مريض کي وڌيڪ چيو هئائين، ”اوهانجو علامتي اشارو بلڪل درست آهي. هاڻي اوهان اهو ٻڌايو تہ هي ڪوچ، جنهن تي اوهان ويٺا آهيو توهانکي ڇا ٿو ياد ڏياري؟“
پوڙهي چڙندي وراڻيو هو، ”هي ڪهڙا سوال ٿو پڇين؟ مون توکي اڳواٽ في انهيءَ لاءِ ادا ڪونہ ڪئي آهي جو مون کان ويهي احمقانہ سوال پڇ!“
ياد رهي تہ فرائيڊ پنهنجي هر مريض کان اڳواٽ ئي في وٺي ڇڏيندو هو ڇو تہ سندس چوڻ موجب انهن جو ڪهڙي وقت بہ فرقو ڦري سگهي ٿو. فرائيڊ کيس ڏاڍي ڌيرج سان چيو، ”توهان ناراض نہ ٿيو. برابر هي ڪوچ اوهانکي سيڪس ئي ياد ڏياريندو هوندو ڇو تہ هي ڪوچ ڏسي سڀني کي اها شيءِ سار تي تري ايندي آهي، پر هاڻي قرب ڪري آخري سوال جو جواب ڏيوم تہ جڏهن توهان ڪو اُٺ ڏسندا آهيو تڏهن اوهانکي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟“
پوڙهو مريض کِل ۾ ويڙهجي ويو ۽ کيس چيائين تہ ”اُٺ کي ڏسي بہ مونکي سيڪس ئي ياد پوندو آهي.“
فرائيڊ سندس جواب ٻڌي حيران ٿي ويو، ڇو تہ هن اٺ وارو سوال کانئس ائين ئي ڪيو هو. جنهن مان اهڙي جواب جي ڪا به اميد ڪونہ ٿي رکيائين. هن سوچيو هو تہ مريض چوندو تہ اُٺ ڏسي بس اٺ جي باري ۾ ئي سوچيندو آهيان پر اُٺ ڏسي کيس سيڪس ياد اچڻ وارو مامرو تہ عجيب آهي. ان منجهيل سٽ کي سلجهائڻ لاءِ فرائيڊ کيس وڌيڪ چيو هو، ”مون سوچيو هو تہ تنهنجي تپاس سان منهنجي نظريي جي تائيد ٿي رهي آهي پر اٺ کي ڏسي سيڪس ياد اچڻ وارو مامرو تہ ڪڏهن منهنجي ٿيوري تحت پاڻ منهنجي ڌيان ۾ بہ ڪو نہ آيو آهي! مونکي سمجھ ۾ نٿو اچي تہ اٺ کي ڏسي توکي سيڪس جي سار ڪيئن ٿي اچي.“
پوڙهي مريض وڏو ٽهڪ ڏئي کيس چيو هو، ”اڙي چرٻٽ! تون نہ سمجهندين. مونکي تہ هر شيءِ ۾ سيڪس ٿو نظر اچي. اهوئي تہ منهنجو مسئلو آهي، جنهن جي حل لاءِ آنءُ (آئون) تو وٽ آيو آهيان.“
منهنجي خيال ۾ سڄي دنيا ٻن شين جو شڪار بڻيل آهي هڪ سيڪس ۽ ٻيو موت…
”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ , ”ص: 82“
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

عبدالواحد آريسر جا اسلام جي ٺيڪيدارن کان سوال

ڇا اسلام دهلي ءَ ۾ شاه ولي الله ۽ نظام الدين اوليا جي ذخيرن ۾ موجود نہ هيو؟ اسلام اجميري درگاه ۾ نہ هيو؟ڇا اسلام دارالعلوم ديوبند ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ختم ٿي ويو هيو.اسلام جي انهن ادارن کي هندستان ۾ ڇڏي اوهان ڀڄڻ ڇو مناسب سمجهيو؟اوهان کي جيڪڏھن اسلام سان محبت هجي ها تہ انهن جاين ڇڏي نہ اچو ها. اوهان جي ايم سيد تي بم ٿا ڪيرايو تہ هو اسلام کان ڦري ويو آهي،پراوهان حسين احمد مدني (جنهن 14 سال اوهانجي چواڻي روضه رسول۾پاڇي ۾ حديث پڙھائي) جي ڏاڙھي ۾ شراب هاريو،اوهان قرآن جي مفسر ابوالڪلام آزاد جي ڏاڙھي پٽي،اوهان احمد سعيد جهڙي پرهيز گار انسان کي پٿر هنيا. اوهان جي مُلن انقلاب جي پيغمبر عبيد الله سنڌي ءَ تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون. ان مان معلوم ٿيو تہ اوهان جو اسلام اوهانجو پيٽ آھي. اوهان جو خدا نفساني خواهشون آهن، اوهان جو رسول ڪليم ۾ ورتل جائدادون آهن. ( عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

ڇا سنڌي ٻولي مري چڪي آهي؟ هاڻي رڳو ان جي جنازي نماز ۽ فاتح پڙهڻي آهي!؟

sindhi-bboliسنڌي ٻولي مري چڪي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مارڻ وارا ٻيا ڪي به نه پر اسين سنڌي پاڻ آهيون. ڪي موت اهڙا ٿيندا آهن، جن جي موت، ڪفن ۽ دفن جو اعلان ڪو نه ٿيندو آهي. ڇو جڏهن ڪنهن قوم جي گهڻائي پنهنجي ٻولي وساري ويهندي آهي ته پوءِ ان ٻوليءَ جي بچڻ جو آسرو ڏاڍو گهٽ هوندو آهي. پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ لاءِ آخري اميد رکي ”اِن ڊفينس آف سنڌي لينگويج“ جو هي گروپ ٺاهيو آهي. جيئن ڪو شخص دل جي دوري يا ٻئي ڪنهن حادثي ۾ مري ويندو آهي ته ان شخص کي فرسٽ ايڊ اينڊ ڪارڊيو پلمونري رسسٽيشن (سي پي آر) ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪن حالتن ۾ مئل مريض وري جيئرو به ٿي پوندو آهي.
سنڌي ۽ اردو انڊو آريائي ٻوليون
سنڌي ۽ هندي (اردو) انڊو آرين ٻوليون آهن. توڙي جو سنڌي ٻولي تي ڪجهه شروعاتي پراڪرتي ۽ دراوڙي اَثَرَ آهن، پر بنيادي طور تي سنڌي ٻولي، انڊو آريائي ٻولين جي ڪُٽنب مان ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ۽ هندي (اردوءَ) ۾ 75 سيڪڙو لفظ ۽ گرامر ساڳيو ئي آهي ۽ باقي سنڌي ۽ اردو جي وچم جيڪو 25 سيڪڙو فرق هو، جنهن جي ڪري سنڌي الڳ ٻولي ليکي ويندي هئي، انهن کي اسان پاڻ پنهنجي ٻولي جا تُز، سولا ۽ سادا لفظ هوندي سوندي به روزآنو پنهنجي انهن لفظن کي قتل ڪري، ٻين ٻولين جا لفظ واپرائي لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهي سولا سادا ۽ تُز سنڌي لفظ استعمال نه ڪرڻ سبب هاڻي اهي سنڌي لفظ مئل لفظن ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.
اردو ۽ گوگل
اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن دنيا کي به سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ بلڪل ائين خبر پئجي ويندي، جيئن گوگل وارن کي ان ڳالهه جي خبر پئجي چڪي آهي ته اصل ۾ اردو ۽ هندي ٻئي ساڳيون ٻوليون آهن، رڳو ٻنهي ۾ لکڻ جي لپيءَ جو فرق آهي. جهڙي رفتار ۽ جهڙي وڏي انگ ۾ اسان پنهنجا سنڌي لفظ ختم ڪري يا قتل ڪري انهن جي جاءِ اردو جا لفظ واپرائي رهيا آهيون، ان حساب سان ٻنهي ٻولين ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ کي لڳ ڀڳ اردو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي يا ته سنڌي ٻولي جو ضد ڇڏيون ۽ سڀ هلون اردو زبان واري پاسي يا وري ڄمي سنڌي ٻوليءَ جو گڏجي بچاءُ ڪيون. آئون ڪو ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ جو مخالف ڪو نه آهيان. منهنجو رڳو هي چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا نج نبار لفظ هوندي سوندي انهن جي جائي تي ٻي ٻوليءَ جا سوين لفظ ڏهاڙي استعمال ڪنداسين ته پوءِ پنهنجي ٻولي ته پنهنجي نه رهندي . گوگل ٽرانسليٽ، گوگل اردو ٽرانسليٽ کي گوگل هندي ٽرانسٽليٽ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن به ڪو، جيڪو ڪجهه به اردو مان انگريزيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪري ٿو ته پهرين اهو هندي ۾ ٽرانسليٽ ٿئي ٿو ۽ اتان پوءِ اهو انگريزيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
اباڻي ٻوليءَ جو مرتيو
اسان مان جن کي ٿوري به ساڃاهه آهي ته اهي ته رڳو اندازو لڳائڻ مان ئي سمجهي سگهن ٿا ته هاڻي سنڌي ٻولي جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي اباڻي ٻوليءَ جي ٿيل مرتيئي جو هرڀرو ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ ڏسڻ سان ئي پڪ ٿيندي ته اسان پنهنجي اباڻي ٻوليءَ کي ڪئين ٻوساٽي ماريو آهي ته پوءِ ان جو سائينٽيفڪ ثبوت به اسين هٿ ڪري سگهون ٿا. اهو هئين ته سنڌي ليونگويج اٿارٽي هڪ ڪيس اسٽڊي پئي ڪري، جنهن ۾ ڪجهه چونڊ ٽيڪسٽ بيسڊ سنڌي ويب سائٽن تان مواد کڻي ڊيٽابيس ۾ رکيو ويندو، جنهن کان پوءِ فلٽر ڪوڊ هڻي ڪمپيوٽنگ ڪيوري ذريعي ڏٺو ويندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ سئو لفظ ڪهڙا استعمال ٿي رهيا آهن. پھريان ھڪ سئو لفظ، جيڪي وڌ کان وڌ سنڌي ٻولي ۾ واپرائجي رهيا آهن ان جو مطلب اهو ٿيو ته اھي لڳ ڀڳ سڄي ڳالهائي ۽ پڙھي ويندڙ ٻوليءَ جو پنجاھ سيڪڙو کن ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندڙ پھريان اڍائي سئو لفظ ۽ پوءِ پنج سئو لفظ جدا ڪبا تہ پاڻمرادو خبر پئجي ويندي تہ سڄي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ پنجھتر سيڪڙو استعمال ٿين ٿا. حوالو؛ ڏسو اَمر فياض جو ”سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت“ وارو فيسبڪ تي اسٽيٽس، 28 سيپٽمبر، 2016
ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ڪم ڪرڻو پوندو. ساڳي نموني اردو ٻولي اٿارٽي پاران اردو ٻولي جي ڪيل اسٽڊي جا اردو ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ استعمال ايندڙ هڪ سئو لفظ ۽ پوءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ ايندڙ پهريان اڍائي سئو ۽ پوءِ پنج سئو لفظن جي لسٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي لسٽن جي پنج سئو لفظ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو. آئون اوهان کي پڪ سان ٿو ٻڌايان ته ٿورن لفظن کي ڇڏي ٻنهي لسٽن ۾ گهڻو ڪري لفظ ساڳيا ئي هوندا. ڇو جو اسين سنڌي ٻولي جي نالي ۾ اصل ۾ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ جا لفظ ڇڏي اردو ٻوليءَ جا لفظ واپريون پيا.
قومي ٻوليءَ جا مطالبا
اسان مان گهڻا بنا ڪنهن سوچ، سمجهه ۽ ساڃاهه جي هي مطالبا پيا ڪندا آهن ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ڪيو يا فلاڻن فلاڻن پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. تنهنڪري سرڪار کان گُهر ٿا ڪيون ته انهن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لاڳو ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جا ڀلي مطالبا ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻين پرائيويٽ اسڪولن ۾ نيٺ سرڪار ڪهڙي سنڌي ٻولي لاڳو ڪري. جيڪا سنڌي ٻولي هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي ڳالهائي رهي آهي يا لکي رهي آهي سا سواءِ ڪجهه لفظن جي فرق ۽ لپيءَ جي ڦيرگير سبب ڪجهه نقطن جي فرق جي اصل ۾ اردو ئي آهي ۽ اها ڳالهه آئون مثالن ۽ ثبوتن سان اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي سنڌي نه پر اردو اسپڪينگ ٿي چڪي آهي
سنڌي وڪيپيڊيا
جن لاءِ اسين چئون ٿا ته اهي قوم ڪونهن ۽ انهن جي ٻولي، قومي ٻولي ڪونهي، انهن جي اردو وڪيپيڊيا تي علم جي خزاني جا مختلف موضوعن هڪ لک کان مٿي مضمون رکيل آهن ۽ اردو وڪيپيڊيا جا هزارين ايڪٽو يوزرز آهن، جيڪي لاڳيتو پنهنجي وڪيپيڊيا کي علم جي خزاني سان ڀريندا رهن ٿا. وڪيپيڊيا تي سڀني ٻولين جي درجيوار فهرست رکيل آهي ته ڪهڙين ٻولين جا وڪيپيڊياز تي گهڻا مضمون رکيل آهن. هڪ هزار مضمونن واريون ٻوليون، 10 هزار مضمونن واريون ٻوليون، لک کان مٿي مضمونن واريون ٻوليون، 10 لکن کان مٿي واريون ٻوليون ۽
ڪروڙ کان مٿي رکيل مضمونن واريون ٻوليون. ان حوالي سان ڏسون ته سنڌي وڪيپيڊيا 2006ع ۾ ٺهي هئي ۽ 10 سال گذرڻ کان پوءِ به پنج هزار کان مٿي مضمون آهن ۽ اها اڃان تائين ڏهه هزار مضمونن واري لسٽ ۾ به اچي نه سگهي آهي ۽ سنڌي وڪيءَ تي رکيل مضمونن مان به گهڻا هڪ ٻن سٽن وارا آهن يا معياري ۽ علمي ڪونهن، اهي رڳو مضمونن جو وڌيڪ انگ ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.
سنڌي وڪشنري
سنڌي وڪشنري تي به رڳو هزار کان ڪجھ مٿي لفظ رکيل آهن، جڏهن ته ٻين ٻولين جي وڪشنرين ته لکين لفظن جو خزانو پيو آهي.
سنڌي وڪي نيوز
اسين ٽڪي ٽڪي جي اخباري سٺين کي پنهنجون خبرون ڏيڻ جون منٿون پيا ڪندا آهيون، جن جون اخبارون ٽيڪسٽ بيسڊ به ناهن. يعني باقي دنيا يا انساني حقن جون تنظيمون وغيره رياست طرفان اسان سان ڪيل نا انصافين جون خبرون يا دنيا جا ٻيا ادارا ڪي ٻيون خبرون يا ڳالهيون اسان جي باري ۾ ڳولڻ چاهين ته اهي کين نه ملنديون، ڇو جو انٽرنيٽ جون سرچ انجڻيون ٽيڪسٽ بيسڊ مواد کي ڳولي ڏيکاري سگهن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ وڪيپيڊيا وارن اسان کي بلڪل مفت سنڌي وڪي نيوز (وڪي اخبار) جي سهولت ڏني ته جيئن اسين ان تي سنڌ جي جهرجهنگ مان خبرون اَپ ڊيٽ ڪري دنيا کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا رهون، پر اسان، سنڌين وڪي نيوز سان ڇا ڪيو. اسان ان کي استعمال ۾ ئي نه آندو، ڇو جو اسان پنهنجي ٻولي کي اهميت نٿا ڏيون يا ان کي اهم نٿا سمجهون. نيٺ وڪيپيڊيا وارن سنڌي وڪي نيوز جي سهولت کي بند ڪري ڇڏيو. سنڌي وڪيپيڊيا به ڪجهه دوستن جي ڪري پئي هلي. ائين به ڪونهي جو اسان اهو چئي سگهون ته اسان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي خبر ڪا نه هئي، نه ته اسان ته سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ وڪيپيڊيا تي تير هڻي وڏا ڦاڙها ماريون هئا. ڇو جو سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن، وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج ۽ ٽوئٽر اڪائونٽ کولي رکيو آهي، ان ذريعي اهي اسان سڀني کي سنڌي وڪيپيڊيا جي سرگرمين سان گڏوگڏ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ درخواست به ڪندا رهندا آهن ته سنڌي وڪيپيڊيا تي اچي اڪائونٽ کولي سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي مواد رکو. وڪيپيڊيا تي اڪائونٽ کولڻ لاءِ ته وڪيپيڊيا وارا ايميل ايڊريس به نٿا گهرن. ڪنهن به نالي سان اڪائونٽ کولي اوهان وڪيپيڊيا تي اچي ڪم ڪري سگهو ٿا. سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن جي ايترين اپيلن جي باوجود به سنڌي يوزرز جو انگ نه وڌي سگهيو. ان کان پوءِ مانواري اَمر فياض صاحب سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان پنهنجي ٺاهيل هڪ وڊيو، هتي فيس بُڪ تي اَپ لوڊ ڪئي. ان وڊيو ۾ اَمر فياض، سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان سڀ ڳالهيون ڏاڍي سهڻي نموني سان سمجهايون. اَمر فياض جي ان وڊيو کي ڏسي لڳو ته هاڻي گهڻا ئي سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ ۽ پروانا سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو اڪائونٽ کولي هٿ ونڊائيندا، پر نتيجو ڇا نڪتو، اهي ئي دٻليءَ ۾ ٺڪريون، ڇڻ ڇڻ.
گوگل ۽ سنڌي ٻولي
گوگل طرفان سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي سرچ جي سهولت ڏنل آهي، اسان مان گهڻا آهن، جيڪي گوگل جي ان سهولت کي استعمال ڪن ٿا. ڇا سڄي دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ۽ سمجهي ڪو نه پئي ڇا؟ اصل ۾ دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي به پئي ۽ سمجهي به پئي، پر ان جي باوجود به اها اسان کي انڊس سولائيزيشن جو وارث سمجهي، اسان جي مدد ڪرڻ چاهي پئي. اهو ئي سبب آهي جو گوگل، سنڌي ٻولي کي گوگل ٽرانسليٽ ۾ شامل ڪيو آهي، پر اسان ان سان ڇا ڪيو؟ گوگل وارن اسان کي جيڪي انگريزي لفظ يا اصلاح موڪليا انهن جا هڪ ته اسان 60 يا 70 سيڪڙو ترجما غلط ڪري موڪليا بلڪي ڪن لفظن جو غلط يا صحيح ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش بدرآن انگريزيءَ جي انهن لفظن جي ترجمي جي بدرآن مشڪري ۾ پنهنجي دوستن يا ڳوٺن جا نالا لکي ڇڏيا باقي جن دوستن ڪجهه صحيح ترجما گوگل ڏانهن اُماڻيا، انهن مان ڪجهه کي ڇڏي باقين انگريزي جي لفظن لاءِ پنهنجا سنڌي لفظ هوندي به اردو جا لفظ ترجمي ۾ ڏياري موڪليا. مثال طور انگريزي جي لفظ ”فلڊ“ جو سنڌي ترجمو ”ٻوڏ“ وڌيڪ سٺو ٿو لڳي، پر اسان جي سنڌي دوستن ان جو ترجمو ”سيلاب“ ڪري اماڻيو. ائين سوين لفظ آهن جن جا سنڌي ٻوليءَ جا پنهنجا نج نبار لفظ آهن، پر اسان انهن جي جاءِ تي اردو جا لفظ گوگل سنڌي ٽرانسٽليٽ ڏانهن اماڻي موڪليا. اهي سڀ ڳالهيون مون کي ان ڪري خبر آهن جو مان گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ڪميونٽي ۾ شامل آهيان ۽ اهي ترجما جڏهن مون وٽ ايندا هئا ته آئون پنهنجو مٿو جهلي بيهي رهندو هوس ۽ پوءِ نيٺ پنهنجي وس آهر انهن کي صحيح ڪري واپس گوگل ڏانهن اُماڻي موڪليندو هئس. ڇا اهي سڀ نشانيون اوهان کي ڪو نه ٿيون ٻڌائين ته سنڌي ٻولي گذاري چڪي آهي. هتي فيس بُڪ تي ڪجهه دوستن پنهنجي مخلتف پوسٽن تي خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي اسان جا سنڌي، جيڪي سنڌي ۾ اردوءَ جا لفظ پيا استعمال ڪن، يا سنڌي ٻولي جي بيهڪ، گرامر ۽ جملن کي غلط بيهڪ سان پيا لکن، اهي اهو ائين فيشن لاءِ پيا ڪن. نه منهنجا سائين، اسان جا سنڌي، اها غلط سنڌي فيشن لاءِ ڪو نه پيا لکن ۽ ڳالهائين، بلڪي اهي، اها غلط سنڌي لکن ۽ ڳالهائين ان ڪري پيا جو اسان پنهنجي ٻولي وساري ويٺا آهيون.
سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهيا آهن
آئون ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي ڀائٽين، ڀائٽِين، ڀاڻيجِين ۽ ڀاڻيجن جا وڃي فيس بُڪ پيج ڏسندو آهيان ته مون کي حيراني ٿيندي آهي ته اهي سڀ پنهنجي فيس بُڪ تي پوسٽون اردو ۾ يا رومن اردو ۾ لکن پيا ۽ هيٺان انهن جي سنڌي دوستن ۽ ساهيڙين جا ڪمينٽس به اردو ۾ يا رومن اردو ۾ ئي هوندا آهن.
جڏهن ته اهي سڀ سنڌي آهن ۽ انهن سڀني جا ماءُ پيءُ پڻ سنڌي آهن. هتي ڪو ادارو ته آهي ڪو نه جو اهو ان حوالي سان صحيح انگ اکر گڏ ڪري اسان کي ٻڌائي، باقي اسان سڀني کي اندازو آهي ۽ پنهنجي اکين سان به ڏسون پيا ته سنڌين جي آبادي ته وڌي آهي، پر سنڌي ڳالهائڻ وارن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا هاڻوڪا سنڌي جيڪا سنڌي ڳالهائين ۽ لکن پيا، اها اصل ۾ سنڌي نه پر ڪجهه لفظن جي فرق سان اردو ئي آهي، پر اسان کي اهو احساس ئي ڪونهي ته ڪو اسان سنڌي بدرآن اردو ڳالهائي ۽ لکي رهيا آهيون. اسان پنهنجي اباڻي سنڌي ٻوليءَ سان ايڏو ته ظلم ڪيو آهي جو هاڻي اردو گاڏڙ سنڌي کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.
ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي
اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي ۾ سنڌي آباد ڪرڻ سان به سنڌ ۽ سنڌين کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو، ڇو جو اُتي پهچي اسان جا سنڌي پهرين فرصت ۾ سنڌيءَ مان ڦري اردو اسپڪينگ ٿي وڃن ٿا. ٻولين جي بقا لاءِ ڪنهن به پرڳڻي جون ٻهراڙيون آڪسيجن جون ڪم ڪنديون آهن، پر هتي اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي ته پاڻ شهرن ۾ رهندڙ سنڌي کان به وڌيڪ بگاڙ جو شڪار ٿي چڪي آهي.
ٻين ٻولين جا لفظ
ٻوليون ٻين ٻولين کان لفظ وٺنديون رهنديون آهي، خاص طور جڏهن پنهنجي ٻولي ۾ ڪو لفظ نه هجي ته ان لاءِ ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. آئون ائين نٿو چوان، جيئن اردو جي ڪجهه دانشورن ڪوشش ڪئي هئي، تئين اسان به ڪيون. قصو هنئين آهي ته اردوءَ جي ڪجهه دانشورن کي اچي ڳڻتي لڳي ته اردو ۾ تمام گهڻا انگريزي جا لفظ شامل ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن لاڳيتو ائين ٿيندو رهيو ته پوءِ ته اردو اردو ئي نه رهندي، تنهنڪري انهن انگريزي جي لفظن جي جاءِ تي زوريءَ اردو جا لفظ ٺاهڻ شروع ڪيا. مثال جي طور تي انگريزي جا ڪجهه لفظ هي آهن جن جي جاءِ تي هيٺيان اردو لفظ ٺاهيا ويا.
Lawyer = ڀاڙو
Judge = مها ڀاڙو
Letter Box = پَتر گهسيڙ
Typewriter = ڪٽماڪٽ
Loud speaker = آله مڪبر الصُوت
Thermometer = مقياس الحراره
ساڳي نموني، سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون ڪوششون ٿيون، جيئن ريڊيو جي جاءِ تي ٻڌڻو، فرج جي جاءِ تي ٿڌڻو ۽ ڪمپيوٽر جي جاءِ تي ڳڻپوڪر جهڙا لفظ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ظاهر آهي ته اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيڻيون هيون، سو ڪامياب نه ٿيون. ڇو جو جڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ جيڪڏهن نوان لفظ ٺاهيا به ويندا آهن ته اهي نوان لفظ پنهنجي ٻوليءَ جي صورت سان ملائي اهڙي نموني ٺاهيا ويندا آهن، جو انهن نون ٺهيل لفظن کي ٻڌڻ سان مزو اچي يعني اهي نوان لفظ ڪن رس ڏين. مون کي خبر ناهي ته ڪمپيوٽر لاءِ نئون سنڌي لفظ اسان جي ڪهڙي احترام لائق مانواري دوست ٺاهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان مانواري دوست پنهنجي حساب سان صحيح ئي ٺاهيو هجي پر سچ ته اهو آهي ڪمپيوٽر لاءِ ٺاهيل اهو نئون لفظ ڪن رس بلڪل به ڪو نه ڏيئي پر ان جي ڀيٽ ۾ ”انٽرنيٽ“ لاءِ ٺاهيل سنڌيءَ جو نئون لفظ ”ڳنڍڄار“ ڪن رس ڏيئي ٿو، تنهنڪري اڳتي هلي ڳنڍڄار جو واهپو وڌي سگهي ٿو. خير جنهن به مانواري دوست ڪمپيوٽر لاءِ نئون لفظ ڳڻپوڪر ٺاهيو آهي، ان لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عزت آهي ڇو جو اهو دوست گهٽ ۾ گهٽ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجي ان ڪوشش جي ذريعي عملي جاکوڙ ته ڪري پيو.
دنيا ۾ اسان جو حصو
جون ايليا جي لفظن ۾ ته، ”اسان تاريخ جي دسترخوان تي ويهي ٻه هزار سالن کان رڳو حرامخوري ڪندي کائيندا پيا اچون.“ مطلب ته اسان دنيا جي پيداوار ۾ پنهنجو حصو ڪو نه پيا وجهون. ظاهر آهي ته اسان وٽ سائنس، طب، ٽيڪنالاجي، ڪامرس، اڪنامڪس، فنانس ۽ ٻين فليڊن ۾ نه ڪا تحقيق ۽ نه ئي ڪا اڳڀرائي ٿئي پئي ته پوءِ جيڪي قومون انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ڪن پيون، انهن جون ئي ٽرمنالاجيون اسان کي مڃڻيون پون ٿيون. هونئن به وڏي وقت کان سنڌي ٻوليءَ ڪو به سائنسي ۽ تخليقي مواد تخليق ڪو نه پيو ٿئي. هي جيڪي اسان وٽ لکجي پيو اهو 10 ڪتاب ۽ ڪجهه مضمون پڙهي، انهن مان نئون ڪتاب ٺاهڻ برابر آهي، جيڪا سهولت وڪيپيڊيا تي اڳواٽ ئي موجود آهي، جنهن تحت اوهان وڪيپيڊيا جي مواد مان جيترا وڻي وڪي بُڪس ٺاهي سگهو ٿا.
مختصر اهو ته سنڌي ٻولي سان هي جيڪو ظلم ٿيو آهي ان ۾ اسان سڀ شامل آهيون، جنهن ۾ اسان جي ميڊيا، چئنلَ، ادارا سڀ شامل آهن. مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اسان جا هي هزارين سنڌي استاد، خاص طور تي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ وارا استاد ڇا پيا ڪن. ظاهر آهي ته اسان جا استاد اسڪولن ۾ صحيح سنڌي ڪو نه پيا پڙهائين، تڏهن ئي ته اسان سنڌين جي گهڻائي پنهنجي اباڻي ٻولي وساري ويٺي آهي.
سنڌي ٻولي لاءِ احساس
فيس بڪ تي مانواري ستار زنگيجي ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ هاڃن جو احساس آهي ۽ کين سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ان ظلم تي مون پڄرندي ۽ فيسبُڪ تي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي، نه ته اسان سنڌين جي گهڻائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو فڪر ڪو نه رهيو آهي. باقي حلالي پٽن وارو ڊاڙون ۽ ٺلهيون ڦوڪون هڻڻ ۾ ته اسان کان وڌيڪ ڪو ماهر آهي ئي ڪو نه. هاڻي اهو رٽيل راڳ ور ور ورجهائڻ ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ٺاهيو، اجاين ترڪتالين کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڇو جو ٻوليون، مطالبن ۽ نوٽيفيڪشنن سان قومي نه پر ٻوليءَ لاءِ عملي ڪم ۽ ٻوليءَ جي واهپي جي واڌاري سان ترقي ڪنديون آهن.
قوم يا سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم
ڪم ڪرڻ جا ٽولز يا ٽيمپليٽس اسان جي آڏو پيا آهن، انهن کي استعمال ۾ آڻي سنڌي ٻولي کي قومي ته ڇا اسان عالمي ٻولي به بڻائي سگهون ٿا. اسان مان ڪنهن کي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ کان ڪنهن به روڪيو ڪونهي. بلڪي سڄي دنيا ان حوالي سان اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر جيئن مان ان حوالي سان اوهان کي گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان اڳم ئي ٻڌايو ته ڪيئن نه سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي وڪشنري، نندڻڪيون پيون آهن. سنڌي وڪيپيڊيا وٽ جيئن تيئن ڪري رڳو ڏهه ويهه ايڪٽو يوزرز آهن. ڪو ٿو چوي ته سنڌي قوم پنج ڪروڙ آهي، ڪو ٿو چوي ته سنڌي ڇهه ڪروڙ آهن، ڇا پنج ڇهه ڪروڙن جي سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم اهڙي ٿيندي آهي، جو ان سوڪالڊ (هٿ ٺوڪي) قوم مان سنڌي وڪيپيڊيا تي 50 يا 60 ڄڻا ئي ڪم ڪرڻ لاءِ ملي سگهن. مان جهونو ماڻهو ٿي ڪري، وڪيپيڊيا جي سسٽم سمجهي سگهان ٿو ته پوءِ اڄ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن ڄمڻ ساڻ ئي ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ موبائل فون ڏٺا آهن، سي ڪيئن نٿا وڪيپيڊيا جي صفا سولي سسٽم کي سمجهي سگهن. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي نوجوانن جي پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي.
ٻڏندڙ جهاز ۽ ڪوئا
جنهن ٻوليءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هوندا آهن ته ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي دانشورن ۽ اديبن کان پهرين ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي عام ماڻهن کي اڻ محسوس ڪندڙ انداز ۾ اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي. جيئن جهاز ٻڏڻ جي سڀ کان پهرين ڄاڻ ڪوئن کي پئجي ويندي. بلڪل ساڳي نموني عام سنڌين جي گهڻائي تيزي سان سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهي آهي.
آخري ڳالهه
سڀ ڳالهيون هن هڪڙي پوسٽ ۾ نه ٿيون ڪري سگهجن. رڳو آخري ڳالهه هي ڪرڻي آهي ته اسان کي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي فرسٽ ايڊ ۽ سي پي آر ڏئي بچائڻو آهي ته پوءِ اسان جي ميڊيا سميت سڄي قوم ۽ ادارن کي گڏجي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. باقي ٻن چار ڏينهن جي جوش مان، جيئن کير اُڀامي وري ويهي رهندو سان ڪم ڪو نه هلندو. ياد رکو اسان سنڌين جي گهڻائي، پنهنجي اباڻي ٻولي کي وساري ويٺي آهي، ان ڪري سنڌين کي پنهنجي ٻولي ڏانهن آڻڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن نه پر ڏهاڪن تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪرڻي پوندي، ڇو جو هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ رڳو ڪجهه ٻوليدانن ۽ ڪجهه ٻولي انجنيئرن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي.
توڙي جو سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ناممڪن ڪونهي. جيڪڏهن اسان ان ڏس ۾ صحيح ڪوششون نه ورتيون ته پوءِ تاريخ جو عمل سنڌي ٻوليءَ کي ائين مِٽائي ڇڏيندو، جيئن هن کان پهرين اهو عمل ٻين ڪيترين ئي ٻولين کي ختم ڪري چڪو آهي. ڀلي مايوس نه ٿيون، پر اسان کان جيترو جلدي ٿي سگهي، اوترو جلدي بي بنياد اميد پرستيءَ، لفاظي ۽ اجائي نرگسيت مان پنهنجي جان ڇڏائي ۽ سُک درسائپ جي رستي کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ عملي ڪم ڪيون. اسان جا ڪجهه دوست ٽيڪنالاجي جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اصل ۾ اهي عربي فارسي 52 اکريءَ کي ترقي وٺائي رهيا آهن. توڙي جو ٻوليءَ جو لپيءَ سان لاڳاپو آهي ۽ ان جو سنڌي ٻوليءَ کي فائدو پهچي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيون. مسئلو هي جو اسان ته سنڌي ٻولي جا سولي کان سولا، عام، سدا ، ننڍي کان ننڍا لفظَ به وساري ويٺا آهيون. سنڌي لفظ ”پر“ جي جاءِ تي ”مگر“، سنڌي لفظ ”پوءِ“ يا ”کان پوءِ“ جي جاءِ تي ”بعد ۾“ جهڙا لفظ ۽ اهڙا ٻيا سوين لفظ ڌارين ٻولين جا پيا استعمال ڪيون. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اوهان سنڌي 52 اکريءَ ۾ ٿا لکو يا اي بي سي واري لپيءَ ۾. سنڌي ٻوليءَ جو اصل مسئلو هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو استعمال تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ۽ سنڌي پاڻ به پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت ڪو نه پيا ڏين. ف س

Read more >> In Defense of Sindhi Language

بند مراد خان

حب ندي جي سنڌ وارين زمينن کي آباد ڪرڻ لاء برٽش حڪومت هڪڙي افغان ڪانٽريڪٽر خان بهادر مراد خان کي چوٽيه هزار ايڪڙ زمين ڏني هئي، مراد خان حب ندي جي انجنيئر مسٽر اي۔۔ مولي جي نگراني م حب ندي جي پيٽ کي هڪ پٿرن جو بند ڏياريو هو جيڪو بند مراد خان سڏجي ٿو۔

حوالو؛ The Hub: Baluchistan, Rivers, by A.W Hughes

نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي.

ڪپھ يا وونئڻ

تاريخي لحاظ کان سنڌو ماٿري جي تهذيب ڪپھ جي فصل جو اصلي مرڪز رهي آھي ۽ اهڙيون شاهديون موئن (موهِن) جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت مليون آهن. هندو مذهب جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ اهي اهڃاڻ ملن ٿا ته سنڌي ڪپھ (Indus Cotton) جنهن کي ڪرپاسا يا ڪپھ سڏيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ململ جي ڪپڙي جي ڌاڳي واسطي پوکي ويندي هئي. هڪ ٻئي مذهبي ڪتاب توريت ۾ آيل آهي ته ڪپھ جي ملائم ۽ عمدي ڪپڙي کي سنڌو سڏيو ويندو هو. اهو ظاهر ڪري ٿو ٿه ڪپھ جو اصلي پراڻو گهر سڌو ماٿري آهي.
سنڌ جي زرعي اڳڀرائي بابت هڪ عرب سياح جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو ته جڏهن حضرت عمر کانئس پڇيو ته سنڌ بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي، انهيءَجو جواب عرب سياح ٽن جملن ۾ ڏنو ته سندس درياءَ موتي آهن، سندس جبل ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن.
جڏھن تاريخي حوالن سان اهو به چيو وڃيٿو ته حضرت عيسيٰ کي جڏهن پنهنجي قوم صليب يا تختدار تي چاڙھيو پئي، تڏهن به کيس سنڌ جو ڪپڙو پاتل هو. مطلب ته قديم تاريخن مان اها ڳالھ صاف ظاهر آهي ته ڪپھ جو قديم گهر سنڌو ماٿري ئي هو.
تيرهين عيسوي صديءَ جي مشھور سياح مارڪو پولو جي لکڻين مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جو ڪپڙو اهڙو ته نفيس ۽ سنهڙو هو جو هٿ لائڻ سان ڄڻڪ محسوس ئي نه ٿيندو هو. اهو ڪپڙو ڌوئي جڏهن گاھ تي سُڪڻ لاءِ وڌو ويندو هو ته مشڪل سان ڏسڻ ۾ ايندو هو.
ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر سنڌ جو دورو ڪندي ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم آگي، جيڪو وچين ۽ ڏاکڻي سنڌ جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو آهي. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا.
اوائلي ۽ جديد دؤرن ۾ سنڌ جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. سنڌ جو ڪپڙو ايران ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو سنڌ جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، سنڌ جو ڪپڙو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي.
حوالو: سنڌ جافصل جديد پوک ۽ پيداور، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع

سنڌو رومن سنڌي لپي

انڊس (سنڌو) رومن سنڌي اسڪرپٽ

RS 154

لپي ۽ ٻوليءَ ۾ فرق
لپي ۽ ٻوليءَ ۾ فرق آهي. ڪا به لپي پنهنجو پاڻ ڪا ٻولي ڪونه هوندي آهي. لِپي هڪ اهڙو سرشتو، سسٽم يا قاعدو آهي، جنهن جي ذريعي ٻوليَ لکي ۽ پوءِ ان کي اُچاري يا پڙهي سگهبو آهي. مثال طور هزارين ورهيه پھرين ٻوليون رڳو ڳالهائي سگهبيون هيون، پر اهي لکي ڪونه سگهبيون هيون. جيئن جيئن انساني ذهن ترقي ڪئي، تئين تئين، هوريان هوريان گھرج آهر اسڪرپٽون يا لپيون ٺاهي انسان پنهنجي پنهنجي ٻولين کي لکڻ ۽ پڙهڻ لڳو. اڄ به دنيا ۾ اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي رڳو ڳالهائي سگهجن ٿيون، پر انهن کي پنهنجي لپي نه هئڻ سبب اهي لکي نٿيون سگهجن يا اهي ٻين ٻولين جي لپين ۾ لکيون وڃن ٿيون.
جڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي 52 اکري لپي ٺاهي پئي وئي ته ان ۾ سنڌي جي ڪجهه آوازن يا اُچارن لاءِ اکر ڪونه هئا. مثال طور، عربي الفابيٽ ۾ ڙ جي اُچار لاءِ ڪو اکر ڪو نه هو ته پوءِ عربي جي ر جي مٿان چار نقطا هڻي ڙ جو اُچار ٺاهيو ويو هو. بلڪل تيئن رومن الفابيٽ ۾ جيڪي سنڌي اُچار ڪونهن، انهن لاءِ رومن الفابيٽ جي اکرن کي ملائي نوان اچار ٺاهيا آهن. باقي هتي ان دور جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي فارسي لپي هجڻ کپي يا ديوناگري لپي، جنهن ۾ ان دور جي انگريزن جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي جا حمايتي هئا تن جو ٻين ڪيترن ئي اعتراضن سان گڏ هڪ وڏو اعتراض اهو هئو ته عربي فارسي لپي, فونيٽڪ يا آوازن جي اُچارڻ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جون فطري لساني گهرجون پوريون ڪري سگهڻ جي صلاحيت ۽ اهليت ئي نه ٿي رکي. سنڌو رومن سنڌي کي ٺاھڻ دوران ڪجھ ٻين آوازن سان گڏ ک کٽ ۽ خ خچر جي آوازن ۾ فرق ڏيکارڻ جو مسئلو آڏو پئي آيو ته ڪيئن ٻنهي ۾ فرق ڏيکارجي.
سکر جي اسپيلنگ ۽ ک جو اُچار
سکر (Sukkur) هن اسپيلنگ سان سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي يعني جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن کان سکر (Sukkur) هن اسپيلنگ سان لکجندي اچي پئي. يعني ”ک“ لاءِ ”ڊبل ڪي (KK) ۽ ”خ“ خچر لاءِ اڳم ئي ”ڪي ايڇ“ (KH) ڪتب اچي پئي. جيڪڏهن اسان جا سنڌي انگريزن پاران اسان تي (ک) لاءِ مڙهيل ڊبل ڪي مڃي سگهن ٿا ته پوءِ ضرور رومن سنڌي ۾ لاءِ (ک) لاءِ ڪي ايڇ ايڇ مڇڻ يا قبول ڪرڻ ۾ کين گهڻي ڏکيائي ڪونه ٿيندي. تنهنڪري رومن سنڌيءَ جي الفابيٽ (صورتخطيءَ) ۾ ”ک“ لاءِ ”ڪي ايڇ يڇ (KHH) ۽ ”خ“ خچر لاءِ ”ڪي ايڇ“ (KH) رکي وئي آهي. پر ڪجھ دوست ک کٽ لاءِ ڪي ايڇ ايڇ (KHH) تي به راضي نه پيا ٿين. ڪجهه سڄڻن جي راءِ آهي ته خ ۽ ک لاءِ الڳ سان ڪي ايڇ (KH) ۽ ڪي ايڇ ايڇ (KHH) نيٺ ڇو ضروري آهن. ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن آواز جو اکر صورتختيءَ ۾ نٿو رکيو وڃي ته پوءِ ٻن ٽن پيڙهين گذرڻ کان پوءِ اهو آواز ان ٻولي مان ختم ٿي وڃي ٿو. مثال طور، سنڌي ٻولي ۾ هڪ آواز يا اُچار اهڙو به هئو، جيڪو شايد (ڇ، ش، چ) کي ملائي ڪڍيو ويندو هو. پر انگريزن جي دور ۾ گاڏڙ عربي فارسي سنڌي لپيءَ ۾ ان آواز لاءِ ڪو اکر ٺاهي نه رکيو ويو هئو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز يا اُچار سنڌي ٻولي مان ختم ٿي ويو. پر اڃان به شايد ڪجهه ٺيٺ بروهي يا براهوڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا اهو آواز اچاري سگهن ٿا. پر سنڌي ٻوليءَ مان اهو آواز مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي. ڪجھ جهونن سڄڻ کي جيڪر ياد هجي ته اڄ کان لڳ ڀڳ 25 يا شايد 30 ورهيو پهرين حليم بروهي ان حوالي سان پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ان آواز جي ختم ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو هو.
چندراماڻي رومنائزڊ سنڌي
انڊيا جي چندراماڻي جي رومن سنڌي لپي ۾ خ ۽ ک ٻنهي لاءِ (KH) ڪتب آندي وئي آهي. ڇو جو اتي ڳالهائڻ جو لهجو صفا لسو آهي ۽ اتي ک ۽ خ ۾ فرق نٿو ڪيو وڃي، بلڪي خ کي ک ڪري ئي اُچارين ٿا. جيئن خچر جي بدرآن کچر اُچارين ٿا. ک ۽ خ ٻنهي لاءِ (KH) رکڻ سان لازمي طور تي اڳتي هلي، سنڌي ٻولي مان خ جو آواز يا اچار ختم ٿي ويندو. پر پوءِ به انهن مانوارن دوستن جي ان راءِ کي کڻي مڃون به ته خ ۽ ک ٻنهي لاءِ ڪي ايڇ (KH) رکون ته به مسئلو نبرندي نظر نٿو اچي. پر ان حوالي اڃان وڌيڪ اڳيان هلي لکبو. اصل ۾ مسئلو اهو آهي ته صدين تائين غلامي ۾ رهڻ سبب اسان جي نفسيات به غلاماڻي ٿي وئي آهي، تنهنڪري اسان ڪنهن به مسئلي تي جمهوري انداز سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ ٽيڪاٽپڻي ڪري پنهنجو پاڻ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت ۽ صلاحيت وڃائي ويٺا آهيون. انڊيا جي چندراماڻي رومنائيزڊ سنڌي سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن. هڪ ته ان ۾ آڏيون ابتيون سبتيون نشانيون گهڻيون آهن، جنهن جي ڪري ان ۾ لکيل ڄڻڪ ٻولي جي لپي کان وڌيڪ انگي حسابن جي مساوات لڳي ٿي. ان ۾ سنڌي جي اکر ٻ لاءِ هي نشاني B^ ڪتب آندل آهي، جيڪا ٻ لاءِ BB لکڻ کان وڌيڪ ڏکي آهي ۽ سٺي ۽ سهڻي به ڪونه ٿي لڳي ۽ هيڙيون نشانيون ^ ~ جملن ۾ صفا سٺيون ڪو نه ٿيون لڳن. انڊيا واري رومنائيزڊ لپيءَ ۾ سنڌي صورتخطي جي اکر (ڙ) لاءِ انگريزي الفابيٽ جي (ڊي) ڪتب آندل آهي، جنهن جي ڪري (د) ۽ (ڙ) جي خبر ئي نٿي پوي ته (ڊي) ” د“ لاءِ ڪتب آندل آهي يا ”ڙ“ لاءِ. ان کان سواءِ به ان رومنائزڊ سنڌي ۾ ٻيون به گهڻيون ڏکيايون آهن ۽ اها هڪ مڪمل رومن سنڌي لپي ڪونهي. ان رومنائزڊ سنڌي ۾ وڏي خرابي اها آهي جو اها وڏي اي بي سي ۾ نٿي لکي سگهجي اها رڳو ننڍي اي بي سيءَ ۾ لکي سگهجي ٿي. پر ان جي ڀيٽ ۾ انڊس رومن سنڌي اسڪرپٽ ننڍي، وڏي ۽ گڏيل ننڍي ۽ وڏي سڀني طريقين سان لکي سگهجي ٿي. ساڳي نموني ”حليم بروهي جي رومن سنڌي“ پڻ اڻپوري هئي، سندس رومن سنڌي سان به ڪيترائي مسئلا هئا. هونئن ته ”حليم بروهيءَ جي ترتيب ڏنل رومن سنڌي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون چڪون هيون، پر سندس ترتيب ڏنل رومن سنڌي ۾ هڪ وڏي چُڪ، غلطي يا مسئلو اهڙو هئو، جنهن جي ڪري سندس ٺاهيل رومن سنڌي اسڪرپٽ اڳيان هلي يا وڌي نه سگھي ۽ سنڌي ماڻهن ان کي قبول نه ڪيو. حليم بروهي جي رومن سنڌي ۾ هڪ وڏي چُڪ اها هئي ته
ڌ لاءِ پنهنجي رومن سنڌي ۾ TH
يا THD ٽي ايڇ ڊي رکي هئائين
۽ ٻيو ته (ي) لاءِ رڳو E & EE مقرر ڪيائين، ان جي نتيجي ۾ حليم بروهيءَ جي رومن سنڌي ۾ سنڌ، سنڌي ۽ ڪراچي هيٺئين ريت لکي سگھجي پئي.
Sindh/Sinthd, Sindhi/Sinthdee, , Karachi/Kaarachee
ان کان سواءِ حليم بروهي پنهنجي رومن سنڌيءَ جي صورتخطي جي ڪجھ اکرن لاءِ هيڙيون ( ) ڏنگيون يا بريڪيٽون نشانيون هڻي ڇڏيون هيون، جنهن جي ڪري حليم بروهيءَ جي رومن سنڌي ۾ لفظَ يا جملا لَسي نموني يا رواني سان لکڻ ڏاڍو ڏکيو هو. اهي ئي ڪارڻ هئا جو جڏهن ”حليم بروهي جي رومن سنڌي“ ماڻهن ۾ پَرک لاءِ هيٺ لٿي ته سوڀاري نه ٿي سگهي ۽ سنڌي ماڻهن ان کي ڏکي لپي چئي ڪتب آڻڻ جي لائق ئي نه سمجھيو. ائين حليم بروهي جي رومن سنڌي اسڪرپٽ ۾ ٻيا به سنها ٿلها ڪيترائي مسئلا هئا، جنهن جي ڪري اها سنڌي ٻوليءَ جون پوري نموني سان گهرجون پوريون نه پئي ڪري سگهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته حليم بروهي جي ترتيب ڏنل رومن سنڌي لپي هڪ اڻپوري لپي هئي.
ٻي ڳالھ اها ته حليم بروهي باقائدي رومن سنڌيءَ تي ڪو ڪمپوز ٿيل ڪتاب ڪونه ڇپرايو هو. ها حليم بروهي پنهنجي هٿ لکيل اکرن سان هڪ چوپڙي ضرور ڇپرائي هئي، جيڪڏهن ڪير ان هٿ لکيل چوپڙي کي ڪتاب چئي ٿو ته اها ان جي مرضي آهي.
زيردست بالادست
صدين کان غلاميءَ هئڻ سبب اسان بالادستن جا زيردست ٿي حڪم مڃڻ جا هيراڪ ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجي آزاد سوچ تي عمل ڪرڻ جا اهل نه رهيا آهيون يا ائين کڻي چئجي ته Hierarchy جي نفسيات جا شڪار آهيون. 22 گريڊ وارو آفيسر 21 گريڊ واري کي، 21 گريڊ وارو وري پنهنجي ماتحت کي حڪم ڪري يا انهن کان به مٿاهين طاقت حڪم ڪري، پنهنجو حڪم لاڳو ڪري ته پوءِ اسان ان کي بنا ڪنهن چُون چران جي مڃي، ان تي عمل ڪيون ٿا. اسان کي هر حال ۾ مالڪ ۽ مالڪي کپي، باقي اسان پاڻ ڪجھ به نه آهيون، ٺليون دٻليءَ ۾ ٺڪريون آهيون. هي ساڳي ئي اندس رومن سنڌي، جيڪڏهن آمريڪا، برطانيا يا جرمني جو ڪو ٽرمپ اسان کي ٺاهي ڏي ها ته اسان جهٽ سان ان تي راضي ٿي وڃون ها، پر جي پاڻ ۾ ويهي گڏجي ٺاهينداسين تي ان تي راضي نه ٿينداسين. سکر وارو مثال اڳ ۾ ئي ڏئي آيو آهيان ته انگريزن طرفان سکر ۽ بکر ۾ ک لاءِ استعمال ڪيل ڊبل ڪي (KK) کي ته اسان مڃون ٿا ۽ سکر ۾ اڄ تائين ک لاءِ ڊبل ڪي ئي لکون ٿا. پر انڊس رومن سنڌي (ک) لاءِ ٺاهيل (ڪي ايڇ ايڇ) کي قبول ڪرڻ لاءِ راضي نٿا ٿيون.
ڻ جو اُچار يا آواز
ساڳي نموني محمد علي جناح جي جئين ته اصل ۾ ذات جناح نه پر جيڻا هئي، ان ڪري جيڻا جي (ڻ) لاءِ انگريز ڊبل اين (NN) ڪتب آڻيندا هئا ۽ جيڻا کي هنيئن (Jinnah) ڪري لکندا هئا ته جيئن ان مان ڻ جو آواز اچاري سگهجي، نه ته جناح لکڻ لاءِ ته هڪ اين (N) ئي ٺيڪ هئي. ساڳي ريت سنڌو رومن سنڌي الفابيٽ ۾ (ن) لاءِ اين (N) ۽ (ڻ) لاءِ ڊبل اين (NN) ٺاهي رکي آهي. پر اسان مان گهڻا الائي ڇو (ڻ) لاءِ ڊبل اين (NN) تي راضي ڪونه پيا ٿين. سنڌي دنيا جي واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ اسين چار چوُسڻا ” آوازي تت“ سنڌي جي هنن اکرن (ڳ gg، ڄ jj ،ڏ dd ، ٻ bb) ۽ نوناسڪ يا نڪوان يا (وينجڻ) ( ڱ ngn، ڃ njn ) جي سنڌي آوازن کي اچاريون ٿا ۽ اسان سنڌي ئي رڳو اهي آواز ڪڍي سگهون ٿا. انهن آوازن جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ صحيح اُچار نه ڪڍبو ته گهربل معنا نه ملندي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪو ٻيو غير سنڌي يا نئون سنڌي، اهي چار چوسڻا آوازي تَتَ يعني ڳ ڄ، ڏ، ٻ، ۽ ڱ ۽ ڃ جا نوناسڪ آواز اچاريندو آهي ته اسان کي تڪڙو خبر پئجي ويندي آهي ته اهو شخص اهي آواز صحيح نموني سان نه پيو اُچاري. جيئن مان اڳواٽ ئي مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته مسئلو رڳو خ ۽ ک جي آوازن ۾ فرق جو ڪونهي جو ٻنهي جي لاءِ اسين رومن سنڌي الفابيٽ ۾ ڪي ايڇ (KHH) رکي ڇڏيون ته مسئلو حل ٿي ويندو.

RS 198
اصل ۾ مسئلو هي آهي ته اسان ٿ، ٺ، چ. ڇ، گھ، ڳ، ڱ، غ، ر، ڙ، ڊ،ڌ،ڍ ۽ ڏ سميت ٻين سنڌي آوازن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ به اسان رومن سنڌي الفابيٽ تي راضي ڪو نه پيا ٿيون. هاڻي جيڪڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ جي نئين ٺاهيل رومن صورتخطيءَ مان هيترا گهڻا آواز ڪڍي ڇڏيون ته پوءِ ڇا سنڌي ٻولي، سنڌي رهندي. اسان ب (B) ۽ ٻ (BB) جي بدرآن ٻنهي لاءِ (B) واپرايون پيا، ٿ، ۽ ٺ ٻنهي لاءِ رڳو (TH) پيا استعمال ڪيون، ائين ڪرڻ سان اڳتي هلي ڪجھ پيڙهين کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ مان اهي آواز ختم ٿي ويندا، ساڳي نموني ڏ، ڍ ، ڌ ۽ ڊ سڀني لاءِ رڳو (DH) ئي ڪتب آڻيندا رهياسين ته اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي انهن آوازن سميت ٻيا سڀئي چوسڻا اُچار يا آواز ۽ نوناسڪ اُچار يا آواز جن تي اسين فخر ٿا ڪيون ته دنيا ۾ اسان ئي واحد قوم آهيون، جيڪي اهي آواز سولائي سان اُچاري سگهون ٿا، سي سڀ ختم ٿي ويندا. اسان کي جيڪڏهن سنڌي ٻولي جي ٺيٺ آوازن لاءِ رومن سنڌي ۾ ٺاهيل اکر مڃڻا ئي ڪونه آهن ۽ انهن کي واهپي ۾ آڻڻو ئي ڪونهي ته پوءِ نيٺ رومن سنڌي لپي ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. پوءِ ته اسان کي اردو يا هندي رومن لپي استعمال ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو رومن سنڌي لپيءَ تي گڏيل نموني راضي نه هئڻ سبب اسان جا گهڻا ئي نوجوان اردو يا هندي رومن لپيءَ ذريعي لکن پيا، ان نتيجو اهو نڪرندو جو اڳتي هلي سنڌي ٻولي ختم ٿي ويندي، ڇو جو هاڻي ٻولي اها ئي بچي سگهندي، جنهن جي رومن لپي هوندي. اڳتي هلي انهن ٻولين جن جون لپيون عربي فارسي آهن تن جي عربي فارسي لپين جو واهپو هوريا هوريان گهٽجندو ويندو ۽ انهن جي جاءِ تي رومن لپين جو واهپو وقت سان گڏ وڌندو ئي ويندو.
نيٺ رومن سنڌي ڇو ضروري آهي.
هن سڄي بحث کان پوءِ ڪي دوست هي سوال اُٿاري سگهن ٿا ته پوءِ نيٺ اسان کي رومن سنڌي لپي ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي، سٺو آهي ته عربي فارسي 52 اکري تي ئي ڪم هلايون. بلڪل جيڪڏهن آئون ان کي پنهنجي ذاتي حوالي سان ڏسان ته پوءِ مان به اهو ئي چوندس ته عربي فارسي 52 اکري صورتخطي ئي هلڻ گهرجي. ڇو جو مون سنڌي ان ۾ ئي پڙهي آهي ۽ مون کي انڊس (سنڌو) رومن سنڌي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ 52 اکري عربي صورتخطيءَ ذريعي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. پر مسئلو هي آهي ته تاريخ جي جبر (ڏاڍ) جو بلڊوزر وري پنهنجي مرضي سان هلي ٿو، تاريخ جي ڏمر وارو اهو چرخو يا بلڊوزر ڏاڍو ظالم آهي، تاريخ جو اهو چرخو اهڙو ظالم آهي جو اهو ڪنهن تي به ڪهل ڪونه ٿو کائي. پهرين عالمگير جنگ ۾ ڪروڙين معصوم انسانن جو قتل ٿيو، 1947ع ۾ پنهنجا گهر گهاٽ، ڳوٺ، شهر، زمينون ۽ ماڳ ڪنهن ٿي ڇڏڻ چاهيا. ورهاڱي جا وڌ جن کي لڳا آهن تن کان پڇو يا انهن جون لکڻيون پڙهو ته انهن تاريخي جبر (ڏاڍ) تحت ڪهڙا ڪهڙا سور سَٺا آهن. ورهاڱي کان پوءِ هندستان ريفيوجيز اچي اسان وٽ لٿا، ان کان پوءِ سوويت يونين طرفان افغانستان ۾ گهڙي پوڻ ۽ افغانستان جي گهرو ويڙھ ۽ ڇڪتاڻ سبب 30 لک کان به مٿي افغان ريفيوجيز هتي اچي، اسان جي پرڳڻي جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي. ايتر حد تائين جو ڪن انگن اکرن موجب هاڻي اسان سنڌي پنهنجي سنڌ ۾ ئي ٿورائي ۾ اچي چڪا آهيون. مطلب ته ڄڻڪ ريڊ انڊين بڻجي چڪا آهيون. ڇا اسان اهو سڀ ڪجھ چاهيو پئي ته ائين ٿئي. ورهاڱي کان پهرين ته اسان جي اڳواڻن ۽ سرواڻن جي خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪو صورتحال ائين ٿي ويندي، جئين اڄ آهي. ان زماني ۾ ته اهي هندو قوم ۽ مسلمان قوم جي ٻه قومي نظريئي ۾ ڦاٿل هئا.
اسٽيفن زويگ
اسٽيفن زويگ هڪ جرمن مالدار يهودي اديب هو، هن جون ڪئين نه ادبي لکڻيون وڪامنديون هيون ۽ سندس ڪتابن تي ڪيئن نه کيس وڏيون وڏيون رائلٽيون ملنديون هيون. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ ڪيئن کيس پنهنجي وطن مان جلاوطن ٿي تڙجي نڪرڻو پيو هئو، ڪيئن سندس حالتون خراب ٿي ويون، ڪيئن نيٺ هن حالتن کان مايوس ٿي خودڪشي يا آتم گھات ڪئي هئي. اهو سڀ ڇا هو، اهو حالتن جو جبر يا ڏاڍ ئي ته هو. تاريخ جو جبر يا ڏاڍ چئبو ئي ان کي آهي، جنهن کي روڪي نه سگهجي يا ايندڙ وقت جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهڻ سبب حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي وڃجي. بنگلا ديش هنن جي هٿن مان نڪري ويو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته جيڪڏهن هنن جي هٿ وس هجي ها ته هي بنگال کي ائين پنهنجي هٿن مان وڃڻ ڏين ها.
ڪوڊڪ ڪمپني
1998ع ۾ ڪوڊڪ ڪمپني جا سڄي دنيا ۾ هڪ لک ستر هزارن کان وڌيڪ ملازم هئا ۽ دنيا ۾ فوٽوز جي ڌنڌي سان لاڳاپيل پنجاسي سيڪڙو ڪاروبار تي هن ڪمپنيءَ جو قبضو هو، پر پوءِ اها ڪمپني فيل ٿي وئي، ڇو جو ڊجيٽل ڪيمرا مارڪيٽ ۾ اچي وئي، جنهن جي ڪري ڪوڊڪ جو ڪاروبار تباھ ٿي ويو. جڏهن ته ڊجيٽل ڪئيمرا 1972ع ڌاري ايجاد چڪي هئي. پر ڪوڊڪ ايندڙ وقت جو صحيح ڪاٿو لڳائي پاڻ ۾ تبديلون آڻيندي، پاڻ کي اَپ ڊيٽ نه ڪري سگهي، نه ته ان وٽ ڪجھ وقت هو ته اها پاڻ ۾ تبديليون آڻي، پاڻ کي ايندڙ زماني جي حالتن آهر تبديل ڪري پاڻ کي بچائي وٺي هئا، پر ائين نه ڪري سگهڻ تي، اها تاريخي عمل جو شڪار ٿي تباھ ٿي وئي. ڊرائيور ليس اليڪٽرڪ آٽونامس ڪارون، ٿري ڊي پرنٽرز، ڪوانٽم ڪمپيوٽرس ۽ هائر لوپ ٽيڪنالاجي، ڊرونز ۽ ٻيون اچڻ واريون نيون ٽيڪنالاجيون الائي ٻين ڪيترين ئي انهن سڀني انڊسٽريز کي تباھ ڪري ڇڏينديون، جيڪي ايندڙ وقت جي ساڃاھ يا ادراڪ ڪرڻ جون اهل ناهن ۽ پاڻ ۾ تبديلون آڻي اَپ ڊيٽ نٿيون ڪري سگهن. ٻيا به تاريخ جي ڏاڍ جا الائي ڪيترا واقعا آهن، جيڪي اسان جي اکين آڏو ٿيا آهن، پر انهن کي هتي ڳڻائي نٿو سگهان، ڇو جو نه ته ڳالهه موضوع کان هٽي ويندي. سڌي ڳالھ اها ته ويهين صديءَ ۾ ڪل نوَ هزار ٻوليون بچيون هيون، هاڻي اهي گهٽجي رڳو ڇهه هزار بچيون آهن ۽ انهن بچيل ٻولين مان به گهڻيون ئي ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ختم ٿي وينديون. ٿوري گهڻي فائدي ۾ وري به اهي ٻوليون رهنديون جن جون لپيون رومن لپيءَ ۾ به هونديون.
رومنائيزڊ سنڌي ايندڙ وقت جي سچائي
اڄڪلھ جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي وجود جي حوالي سان خطرا آهن ۽ جهڙي نموني سان سنڌي ٻوليءَ جا لڳ ڀڳ سڀئي لفظ (ٻول) هاڻي واهپي مان نڪري ٻاهر ٿي چڪا آهن، جهڙي نموني سان اسان جا سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جا ٻول وساري انهن جي جاءِ تي سئو سيڪڙو اردو (هندي، عربي، فارسي وغيره) لفظَ ڪتب پيا آڻين ۽ جهڙي نموني سان سنڌين جو سنڌي ٻولي سان ورتاءُ يا سلوڪ آهي ۽ جھڙي نموني سان سنڌين جي سنڌي ٻولي مان دلچسپي گهٽجندي پئي وڃي ۽ اسان جا سنڌي ڄاڻائي يا اڻڄائي مان، جنهن تيزي سان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ڇڏي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌي ٻولي انهن سڀني خطرن مان پاڻ کي بچائي نڪري ٿي اڇي ته پوءِ پڪ ڄاڻو رومن سنڌي ايندڙ وقت جي هڪ وڏي سچائي ٿي اڀري ايندي. پوءِ ڀلي اسين چئون يا نه چئون، اسين چاهيون يا نه چاهيون، اسان مان ڪير ان حقيقت کي مڃي يا نه مڃي، ان سان ڪو فرق نه پوندي. سچائي ته سچائي ئي رهندي، پوءِ ڀلي ڪير ان کي مڃي يا حقيقت جو انڪار ڪندي، ضد تي اڙيو رهي يا ايندڙ وقت جي گهرجن کي مرڳو سمجهي ئي نه سگهي. اسان جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلايون ته پوءِ نظر اچي ٿو ته مولانا محمد علي جوهر، جنا ح جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڏو انسان ۽ اڳواڻ هو. مولانا جوهر ۽ سندس ساٿين کان غلطي اها ٿي جو اهي عالمي صورتحال جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيا ۽ پنهنجي وقت جي گهربل گهرجن کي سمجهي نه سگهيا. پر مولانا جي ڀيٽ ۾ جناح ان دور ۾ دنيا جي عالمي مرڪز يعني لنڊن ۾ تعليم پرائڻ سبب عالمي صورتحال کي وڌيڪ سٺي نموني ڄاتو پئي، تنهنڪري ان خلافت تحريڪ جي مخالفت ڪئي. تنهنڪري تاريخ فيصلو جناح جي حق ۾ ڏنو.
ائين ئي رومن لپي ايندڙ وقت جي حقيقت يا سچائي آهي ۽ اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود به اڳتي هلي لازمي طور تي ان کي پنهنجو سڪو هلائڻو آهي. هندي (اردو) اڳم ئي رومن لپيءَ تي اچي چڪي آهي ۽ جئين جئين انهن ٻولين وارن جون اکيون ۽ هٿ، سندن رومن لپين تي هِرندا ويندا، تيئن تئين انهن ٻولين جو واهپو رومن لپيءَ ۾ وڌندو ويندو. سنڌي محقق سراج الحق موجب موهن جي ڌڙي کان وٺي اڄ تائين ڪيترائي ڀيرا سنڌيءَ ٻوليءَ جي صورتخطي تبديل ٿيندي آئي آهي. شايد اها ست ڀيرا تبديل ٿي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا پهريون صورتخطي ٺاهي ويئي هئي، اها اڄ ڏينهن تائين دنيا جي ٻولين جا ماهر پڙهي نه سگهيا آهن.
مختلف سنڌي لپيون
ملطب ته سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ لپيون مختلف وقتن تي تبديل ٿينديون آيون آهن ۽ ڪنهن جي چاهڻ يا نه چاهڻ جون خواهشون هئڻ جي باوجود به وقت ۽ حالتن جي گهرجن ۽ جبر يا ڏاڍ تحت اڳتي به ٻين ٻولين جي لپين وانگر سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۾ به ڦيرڦار ايندي رهندي. اوهان کي هي پڙهي جيڪر حيراني ٿئي ته دودي چنيسر جو اصل داستان خدا آبادي سنڌي (واڻڪي) اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي، جنهن کي اڄ اسين پڙهي به نٿا سگهون. محمود عزنويءَ جي زماني ۾ جڏهن البيروني سنڌ آيو هو ته هُن ڏٺو ته ان زماني ۾ سنڌي، ارڌانيگري (Ardhanagari)، سينڌو (Saindhu) ۽ مالواري (Malwari) لپين ۾ لکجي ۽ پڙهجي رهي هئي، جنهن جو ذڪر البيروني پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. سامي جا سلوڪ به اصل ۾ ديوناگري ۽ گرمکي سنڌي لپيءَ ۾ لکيل آهن. جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌي مختلف لپين ۾ لکجي رهي هئي. ٽالپر حاڪمن جي دفتري زبان فارسي هئي. باقي سنڌ ۾ عام طور تي خدا آبادي (ديوناگري، خدا آبادي لپي جي سڌريل شڪل آهي) ۽ ابو الحسن جي اڻپوري عربي فارسي لپي استعمال ٿيندي هئي.
عربي فارسي سنڌي لپيءَ جا مونجهارا
سنڌي جي هاڻوڪي عربي فارسي واري گاڏڙ ٻاونجهائي صورتخطيءَ ۾ 72 ٽٻڪا يا نقطا آهن. هاڻوڪي لپي ۾ ب ٻ ڀ ٽ ٿ ٽ ٺ ث پ يا ڏ ڍ ڊ ڌ هڪ ئي شڪل ۾ رڳو نقطن جي فرق سان آوازن ۾ تمام وڏو فرق آهي. جيڪڏهن آوازن جي فرق مطابق نشانين ۾ به فرق هجي ته ٻارن جي ٻولي جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ جي رفتار وڌي سگهي ٿي ۽ ٻولي به ترقي ڪندي. اسان جي هن گاڏڙ عربي فارسي 52 اکري لپيءَ سان ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن، مثال طور سنڌي هڪ لسي يعني monotone لينگويج آهي. عام ماڻهو هه ۽ ح، ڪ ۽ ق، ت ۽ ط، ذ، ز، ض، ظ ۾ ڳالهائڻ مهل وقت فرق نٿو رکي، پر عربي جي ڪري اهي واڌو اکر به عربي فارسي ٻاونجهائي اکري ۾ اچي ويا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل هن عربي فارسي صورتخطيءَ ۾ وسڳرن جو قاعدو يا سرشتو ئي مقرر ڪيل ڪونهي. ٿلهي ليکي وسرڳا اکر انهن کي چئبو آهي جن اکرن سان ھ يا ٽٻڪا هڻي ٻولي لاءِ وڌيڪ گهربل آواز ٺاهي سگهبا آهن. مثال طور جڏهن ب کي ھ هڻڻ سان بھ جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ ب کي واڌو ٽي نقطا هڻي اجايو ڀ جي الڳ اکر جي ڪهڙي ضرورت آهي. ج کي ھ هڻي جھ جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ الڳ جھ کي جي اکر کي صورتخطيءَ ۾ رکڻ جي ڪهڙي آهي. ساڳي نموني گ سان ھ ملائي گھ، ف سان ھ ملائي ڦ، د سان ھ ملائي ڌ جو آواز ڪڍي سگهجي ٿو ته پوءِ نيٺ ايترا اجايا واڌو اکر صورتخطيءَ ۾ رکڻ جو فائدو ڪهڙو آهي. اهڙي منجهيل صورتخطي هئڻ سبب ٻين ٻولين وارا ته سنڌي ڇا سکندا، اسان جي پنهنجي سنڌي ٻارن کي به سنڌي سکڻ ۾ وڏي ڏکيائي اچي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌو رومن سنڌي هر اهو ماڻهو سولائي سان سکي، لکي ۽ پڙهي سهگي ٿو، جنهن کي اي بي سي اچي ٿي.
دنيا جي ٻولين جي رومنائيزيشن
ڪوريا وارن پنهنجي ٻولي کي اڳوڻي هَان گل لپي تي قائم رکندي رومن لپيءَ تي به آڻي ڇڏيو آهي. ترڪي وارا مصطفا ڪمال اتاترڪ جي دور کان ئي ترڪي ٻولي لاءِ ماڊيفائيڊ عربي اسڪرپٽ جي جاءِ تي ليٽن اسڪرپٽ (سريليڪ) آڻي چڪا آهن. جاپانين به پنهنجي ٻولي کي هڪ کان وڌيڪ لپين تي آڻي ڇڏيو آهي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور وارن پنهنجون ٻوليون، جيڪي جاوي (ماڊيفائيد عربي صورتخطي) تي لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان لکيون ۽ پڙهيون پئي ويون کي ڦيرائي پنهنجي ٻولين کي رومن اسڪرپٽ تي آڻي ڇڏيو آهي ۽ برونائي رومن لپي کي پنهنجي ملڪ جي ڪو آفيشيل اسڪرپٽ بڻائي ڇڏيو آهي. ويٽنام وارا به هاڻ رومن ويٽنامي ۾ لکڻ ۽ پڙهن ٿا.
سربيا وارن به سربين ٻوليءَ کي جيڪا اڳ ۾ жаба تي لکي ويندي هئي، وقت ۽ هوائن جي رخ کي ڏسندي ۽ پنهنجي گهرجن کي نظر ۾ رکندي، پنهنجي لاءِ سٺو اهو ئي ڀانئيو ته سربين ٻوليءَ کي انگريزي صورتخطيءَ ذريعي لکجندڙ ‍Zaba رومن لپيءَ تي آڻڻ گهرجي، تنهنڪري انهن سربين ٻوليءَ کي ”زابا رومن لپي“ تي آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي سربين ٻوليءَ زابا رومن لپي ۽ اڳوڻي سِرلِڪ اسڪرپٽ واري жаба ٻنهي تي لکجي رهي آهي.
آخر ڪا ته ڳالهه آهي جو دنيا جون هي سڀ برڙباڪاس قومون پنهنجي ٻولين جي رومنائيزيشن پيون ڪن. ان حوالي اسين دنيا جي قومن جي قطار ۾ ڪٿي بيٺا آهيون. نيٺ اسان به هن دنيا ۾ ئي رهون ٿا ۽ اسان کي به هن دنيا سان گڏ هلڻو آهي يا نه. انٽرنيٽ ۽ سمارٽ موبائل فون اچڻ کان پوءِ ٻولين جي رومنائزيشن جي اهميت وڌي وئي آهي. دنيا جون قومون ان ڳالهه کي سمجهندي پنهنجين ٻولين کي تيزي سان رومانائيزڊ ڪري رهيون آهن. اسان به جيترو جلدي ان حقيقت يا سچائي کي مڃي وٺون ته اوترو ئي اسان کي فائدو ٿيندو. ڇو جو پُلين جي هيٺان اڳم ئي گهڻو پاڻي گذري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان اسان وٽ وقت صفا ٿورو بچيو آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي هاڻي رومانئيزيشن نٿا ڪيون ته پوءِ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي رومنائيزيشن ڪرڻ جو سنڌي ٻوليءَ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. (ف. س)

Read more about Romanzied Sindhi >> Indus Roman Sindhi Scriptيا

علي بابا
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
” او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
” او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو.”

“Courtesy: Sindhi Novel “Mohen Jo Darro