بلوچستان ۾ ڳالهجندڙ ٻوليون

بلوچستان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.

بلوچي:

بلوچستان ۾ بلوچيءَ جا ٻه لهجا آهن. جن مان هڪ اولهه وارو يا مڪراني لهجو آهي. بلوچي جو هي لهجو سڌو سنئون پهلوي ۽ سيٺي ٻولين جي پاڻ ۾ گڏجڻ سان وجود ۾ آيو آهي. هن لهجي ۾ گهڻو ڪري خالص عربي اکر ڪونهن، جيڪا پهلوي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. هن لهجي ۾ خو جي جاءِ تي و ڪتب آندو ويندو آهي ۽ جن لفظن ۾ ج ايندو آهي انهن جي جاءِ تي ح کي سنهو ڪري يا آواز کي ڪيرائي ڪڍيو ويندو آهي يا ح جي بدران ه ڪتب آندو ويندو آهي. مثال جي طور تي خواب کي واب ۽ خان کي وان چيو ويندو آهي.

بلوچيءَ جو ٻيو لهجو اوڀر وارو لهجو سڏجي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري خالص بلوچي سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به سنڌي، پنجابي ۽ پشتو جا گهڻا ئي ٻولَ شامل آهن. جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ نموني جي سختي اچي وڃي ٿي. جنهن تحت ان ۾ شروعاتي بندشي اکر ک، پ، ت ۽ ٽ هڪ خاص سختيءَ يا زورائتي نموني سان ڳالهايا ويندا آهن. هي هندستاني بندشي اکرن کان گهڻا مختلف ۽ الڳ آهن، پر پوءِ به ٻنهي ۾ گهڻو فرق به ڪونه آهي ۽ بلوچ هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ويندا آهن.

ان کان سواءِ رخشاڻي مڪراني بلوچن کان الڳ نموني جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جيڪا رخشاني بلوچي سڏجندي آهي.

براهوي:

بلوچستان ۾ براهوي يا بروهي ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي آهي. هي دراوڙي گروهه جي زبان آهي. هن جي باري ۾ سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گريرسن ٻڌايو هئو ته براهوي اصل ۾ دراوڙي زبان آهي. براهوي ۾ ۾ گهڻا ٻولَ سنڌي، بلوچي ۽ فارسيءَ جا آهن. پر حالتن جي جبر ڪارڻ براهوي زبان جا گهڻا تڻا دراوڙي لفظَ نه واپرائجڻ ۽ واهپي ۾ نه هئڻ سبب ختم ٿي ويا آهن، پر پوءِ به براهوي جو بنيادي ڍانچو اڄ به دراوڙي ئي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. سرواڻي براهوي ٻيو جهالاڻي براهوي جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو اَثر خاص طور تي نظر اچي ٿو.

پشتو:

بلوچستان ۾ پشتو خاص ڪري اوڀر واري بلوچيءَ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان جا به ڪيترا ئي لهجا آهن. انهن مان سبيءَ جي بلوچي سنڌي گاڏڙ ۽ مَري قبيلي جا پٺاڻ جيڪي بلوچ قبيلي ۾ شامل آهن بلوچي گاڏڙ پشو ڳالهائيندا آهن. غلزئين ۽ ڪاڪڙن جي پشتو ۾ پڻ فرق آهي. اهڙي نموني دڪي، بوري، ترنيائو ان جا مخلتف لهجا آهن ۽ سبيءَ جي علائقي ۾ سنڌي گاڏڙ پشتو ڳالهائي ويندي آهي.

ٻيون ٻوليون

ڄاٽڪي ٻولي ڪڇي لهجي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. ان کي ڄاٽ ۽ ڪجهه بلوچي قبيلا ڳالهائين ٿا. ڪٿراني ۽ جدگالي سڄي اولهه بلوچستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي سنڌي زبان جي هڪ شاخ آهي ۽ جڳدالي ۽ سنڌي زبان ۾ رڳو لهجي جو فرق آهي.

ساڳي نموني لاسي جيڪا لس ٻيلي ۾ ڳالهائي ويندي آهي، اها به سنڌي زبان جي ئي هڪ شاخ آهي يا لهجو آهي ۽ ان کي براهوي يا بروهي جدگالي به چيو ويندو آهي.

دهواري، فارسيءَ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ هن جا مصدر براهوي مان ٺاهيل آهن ۽ اها به بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جو ئي لهجو آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻيو لوهري لهجو به آهي جنهن کي مڪا چيو وڃي ٿيو.

ان کانسواءِ بلوچستان ۾ اهڙي به ڪيتري ئي آبادي رهي ٿي جن جي زبان فارسي آهي. ان جا به ٻه لهجا آهن. هڪ افغاني ۽ ٻيو ايراني، جيڪا گهڻو ڪري مڪران جي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کانسواءِ بلوچستان ۾ دري، تاجڪ، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻوليون به وڏي انگ ۾ ماڻهو ڳالهائين ٿا.

نوٽ: مٿيون مواد يا ڄاڻ سوشل ميڊيا (فيس بڪ) تان ورتل آهي.

نوٹ: مندرجہ بالا معومات سوشل میڈیا (فیسبک) سے لی گئی ہے۔

سنڌي ٻوليء تي فارسيء جو اثر

سنڌ ۽ فارس جا اوائلي ناتا رهيا آهن. ڪجھ عرصو سنڌ ، فارس شهنشاهت جو حصو به رھي آهي تنهنڪري ٻنهي ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيڻ هڪ فطري عمل آھي.

اسان گهڻون پوئتي نٿا وڃون پر ويجهڙائي واري تاريخ مان خبر پئي ٿي ته سومرن جي آخري دؤر ۾ پارسيءَ کي سنڌ جي حڪومت ۾ درٻاري زبان جو درجو ملي چڪو هو. ان کان پوءِ سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي شروعاتي دؤر تائين پارسي نه صرف سنڌ جي مڪتبن، مدرسن جي زبان رهي، پر ان کي درٻاري زبان جو درجو حاصل رهيو. انهن دورن ۾ نه صرف سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان جو مطالعو ڪيو، پر ان ۾ سخن سنجي ڪئي. انهيءَ زماني ۾ پارسيءَ جي اهميت جو اندازو هنن ٻن چوڻين مان، جي ان وقت مشهور هيون، لڳائي سگهجي ٿو.

پهرين چوڻي: پارسي گهوڙي چاڙهسي.
ٻي چوڻي: پڙهي پارسي وڪڻي تيل، ڏسو قدرت جو کيل.
پارسي زبان سان ايتري پراڻي ۽ ويجهي ناتي سببان پارسي زبان جو سنڌي زبان تي وڌ ۾ وڌ اثر ٿيو آهي. ايتريقدر جو لاتعداد لفظ، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي مستقل جاءِ والاري ان ۾ اهڙو رلي ملي ويا آهن جو اهي سنڌي ٿا لڳن.
پهريون اثر جو سنڌي ٻوليءَ پارسي زبان کان قبوليو آهي، سو آهي، سنڌي آئيويٽا يعني الف بي ۾ اضافو. پ- چ- گ پارسيءَ جا حرف آهن، جي سنڌي الف بي ۾ اهڙا شامل ٿي ويا آهن، جو اهو پتو ئي نٿو پوي ته اهي ڪي ڌاريا آهن.
ڪي پارسي لفظ پنهنجي اصلي شڪل ۾ ئي سنڌيءَ ۾ اهڙيءَ طرح رائج ٿي ويا آهن، جو اهي پنهنجا لڳن ٿا ۽ نه صرف هرڪو ماڻهو انهن کي سمجهي سگهي ٿو، بلڪ انهن کي پنهنجي روزمره گفتگوءَ ۾ رواني سان پنهنجن سنڌي لفظن وانگر استعمال ڪري ٿو. ڪي لفظ هي آهن:
دل، حسن، عشق، عاشق، دلبر، جنگ، آواز، آرام، خوشي، شادي، آباد، برباد، شاه، شهنشاه وغيره.
ڪن پارسي لفظن وري پنهنجي ٿوري گهڻي صورت بدلائي ڇڏي آهي. جهڙوڪ پارسيءَ جي پيرهن لفظ کي اسين پهراڻ چئون، لته کي لٽو، مزدور کي مزور ۽ مزدوريءَ کي مزوري، پالان کي پالاڻ، ڪنج کي ڪنڊ، ڪرته کي ڪڙتو، مرهم کي ملم چئون.
پارسي زبان جو سنڌي گرامر تي پڻ گهرو اثر آهي.
سنڌي زبان ۾ ڪيترا فعل پارسي زبان وارا مروج ٿي ويا آهن ۽ انهن کي اسان پنهنجو بنائي ڇڏيو آهي. مثلاً: آزمودن مان آزمائڻ، خريدن مان خريدڻ، بخشيدن مان بخشڻ، فرمودن مان فرمائڻ.
پارسيءَ جا ظرف به اسين سنڌيءَ ۾ استعمال ٿا ڪريون جهڙوڪ: اڪثر، آخر، آئينده، بغير، جلد، هرگز وغيره.
۽ هي حرف پڻ عام جام استعمال ڪندا آهيون: اگر، مگر، البته، ليڪن.
ڪي حرف ندا اسان پنهنجا بڻائي ڇڏيا آهن: بس، خبردار، خوب، شاباس.
اسان سنڌي زبان ۾ ڪيتريون پارسيءَ جون اڳياڙيون ۽ پارسي اڳياڙين وارا لفظ استعمال ڪندا آهيون، جن مان ڪي آهن: هر، در، بر، با، بد، بي، با. اسان سنڌيءَ ۾ چئون ’بي ڍنگو‘. هاڻي ان جي اڳياڙي ’بي‘ جنهن جي معنيٰ آهي کان سواءِ، سنڌي لفظ ’ڍنگو‘ سان استعمال ڪيل آهي ۽ لفظ جي معنيٰ ٿي بي ترتيب. ساڳيءَ طرح چئون بي لڄو، بي پتو، بي ڌڙڪ.
ساڳيءَ طرح پارسي اڳياڙي ’هر‘ سنڌي لفظن سان ملائي چئون هرڪو، هرهڪ، هرڏينهن، هرهنڌ.
جهڙيءَ طرح پارسي اڳياڙيون سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پڇاڙيون پڻ استعمال ٿين ٿيون، جهڙوڪ ري، باز.
اسان سنڌي لفظ ’ٺڳ‘ جي پٺيان ’باز‘ لڳائي چئون ’ٺڳ باز‘ ساڳيءَ طرح چئون مڪي باز، ٺونشي باز، چالباز.
اسان سنڌيءَ ۾ خاص طرح ڪجهه وقت پارسيءَ جو انڪاري لفظ ’م‘ يعني ’نه‘ عام جام استعمال ڪندا هئاسين. جيئن: م ڪر، م چئو.
شاهه صاحب چوي ٿو:
هو چون تون م چؤ واتان ورائي
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
م ڪي رڙ، م ڪي رو، م ڪي ڪر ڪيهون
پارسي زبان جا ڪيترا محاورا ۽ لفظ اسان ساڳيا استعمال ڪندا آهيون يا انهن جا ترجما استعمال ڪندا آهيون.
ڪي جملا اسان ساڳيا پارسيءَ وارا ئي استعمال ڪندا آهيون:
همت مردان مدد خدا.
اول خويش پو درويش.
از تو حرڪت از خدا برڪت.
اول طعام بعد ڪلام.
سنڌيءَ ۾ هي پهاڪا پارسي پهاڪن جو ترجمو آهن: اسان چئون، ’جيڪو کڏ ٻين لاءِ کڻندو سو پاڻ ان ۾ پوندو‘. ان جو پارسي پهاڪو آهي ’چاه ڪندان را چاه درپيش‘.
اسان چئون ’ڪوه ولو پر پنڌ ڀلو‘. پارسيءَ ۾ چون: ’راه راست به رو گرچه دور است‘.
پارسي ۾ چون، آب نديده موزه ڪشيده. اسان چئون پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.
پارسي شاعريءَ جو به سنڌي شاعريءَ تي گهرو اثر آهي. سنڌ ۾ پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري عروضي شاعري مقبول ٿي آهي. پارسي شاعريءَ جي اثر ڪري ڪيتريون صنفون جهڙوڪ: غزل، مثنوي، قصيدو، مرثيه وغيره سنڌ ۾ مقبول ٿي ويا آهن.
پارسي شاعريءَ جي خيالن جو پڻ سنڌي شاعرن تي گهڻو اثر آهي، جيڪو شاه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي اڄ تائين هليو اچي. مثلاً: شاه ڪريم جو هي بيت:
پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،
جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
روميءَ جي هن شعر کان متاثر ٿي چيل آهي:
خار را از چشم دل گرير ڪني،
چشم جان را حق به بخشد روشني.

 سنڌ ويزن, Courtesy: Sindh Vision

نوٽ؛ مٿيون مواد علي مردان راهوجو جي ٿورن سان سوشل ميڊيا (فيس بُڪ) تان ورتل آهي

ڇا سنڌي ٻولي مري چڪي آهي؟ هاڻي رڳو ان جي جنازي نماز ۽ فاتح پڙهڻي آهي!؟

sindhi-bboliسنڌي ٻولي مري چڪي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مارڻ وارا ٻيا ڪي به نه پر اسين سنڌي پاڻ آهيون. ڪي موت اهڙا ٿيندا آهن، جن جي موت، ڪفن ۽ دفن جو اعلان ڪو نه ٿيندو آهي. ڇو جڏهن ڪنهن قوم جي گهڻائي پنهنجي ٻولي وساري ويهندي آهي ته پوءِ ان ٻوليءَ جي بچڻ جو آسرو ڏاڍو گهٽ هوندو آهي. پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ کي جيارڻ لاءِ آخري اميد رکي ”اِن ڊفينس آف سنڌي لينگويج“ جو هي گروپ ٺاهيو آهي. جيئن ڪو شخص دل جي دوري يا ٻئي ڪنهن حادثي ۾ مري ويندو آهي ته ان شخص کي فرسٽ ايڊ اينڊ ڪارڊيو پلمونري رسسٽيشن (سي پي آر) ڏئي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪن حالتن ۾ مئل مريض وري جيئرو به ٿي پوندو آهي.
سنڌي ۽ اردو انڊو آريائي ٻوليون
سنڌي ۽ هندي (اردو) انڊو آرين ٻوليون آهن. توڙي جو سنڌي ٻولي تي ڪجهه شروعاتي پراڪرتي ۽ دراوڙي اَثَرَ آهن، پر بنيادي طور تي سنڌي ٻولي، انڊو آريائي ٻولين جي ڪُٽنب مان ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ۽ هندي (اردوءَ) ۾ 75 سيڪڙو لفظ ۽ گرامر ساڳيو ئي آهي ۽ باقي سنڌي ۽ اردو جي وچم جيڪو 25 سيڪڙو فرق هو، جنهن جي ڪري سنڌي الڳ ٻولي ليکي ويندي هئي، انهن کي اسان پاڻ پنهنجي ٻولي جا تُز، سولا ۽ سادا لفظ هوندي سوندي به روزآنو پنهنجي انهن لفظن کي قتل ڪري، ٻين ٻولين جا لفظ واپرائي لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهي سولا سادا ۽ تُز سنڌي لفظ استعمال نه ڪرڻ سبب هاڻي اهي سنڌي لفظ مئل لفظن ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.
اردو ۽ گوگل
اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن دنيا کي به سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ بلڪل ائين خبر پئجي ويندي، جيئن گوگل وارن کي ان ڳالهه جي خبر پئجي چڪي آهي ته اصل ۾ اردو ۽ هندي ٻئي ساڳيون ٻوليون آهن، رڳو ٻنهي ۾ لکڻ جي لپيءَ جو فرق آهي. جهڙي رفتار ۽ جهڙي وڏي انگ ۾ اسان پنهنجا سنڌي لفظ ختم ڪري يا قتل ڪري انهن جي جاءِ اردو جا لفظ واپرائي رهيا آهيون، ان حساب سان ٻنهي ٻولين ۾ فرق لڳ ڀڳ ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ کي لڳ ڀڳ اردو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي يا ته سنڌي ٻولي جو ضد ڇڏيون ۽ سڀ هلون اردو زبان واري پاسي يا وري ڄمي سنڌي ٻوليءَ جو گڏجي بچاءُ ڪيون. آئون ڪو ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ جو مخالف ڪو نه آهيان. منهنجو رڳو هي چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا نج نبار لفظ هوندي سوندي انهن جي جائي تي ٻي ٻوليءَ جا سوين لفظ ڏهاڙي استعمال ڪنداسين ته پوءِ پنهنجي ٻولي ته پنهنجي نه رهندي . گوگل ٽرانسليٽ، گوگل اردو ٽرانسليٽ کي گوگل هندي ٽرانسٽليٽ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن به ڪو، جيڪو ڪجهه به اردو مان انگريزيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪري ٿو ته پهرين اهو هندي ۾ ٽرانسليٽ ٿئي ٿو ۽ اتان پوءِ اهو انگريزيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو.
اباڻي ٻوليءَ جو مرتيو
اسان مان جن کي ٿوري به ساڃاهه آهي ته اهي ته رڳو اندازو لڳائڻ مان ئي سمجهي سگهن ٿا ته هاڻي سنڌي ٻولي جا پڇاڙڪا ڏينهن آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن کي اسان جي اباڻي ٻوليءَ جي ٿيل مرتيئي جو هرڀرو ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ ڏسڻ سان ئي پڪ ٿيندي ته اسان پنهنجي اباڻي ٻوليءَ کي ڪئين ٻوساٽي ماريو آهي ته پوءِ ان جو سائينٽيفڪ ثبوت به اسين هٿ ڪري سگهون ٿا. اهو هئين ته سنڌي ليونگويج اٿارٽي هڪ ڪيس اسٽڊي پئي ڪري، جنهن ۾ ڪجهه چونڊ ٽيڪسٽ بيسڊ سنڌي ويب سائٽن تان مواد کڻي ڊيٽابيس ۾ رکيو ويندو، جنهن کان پوءِ فلٽر ڪوڊ هڻي ڪمپيوٽنگ ڪيوري ذريعي ڏٺو ويندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ سئو لفظ ڪهڙا استعمال ٿي رهيا آهن. پھريان ھڪ سئو لفظ، جيڪي وڌ کان وڌ سنڌي ٻولي ۾ واپرائجي رهيا آهن ان جو مطلب اهو ٿيو ته اھي لڳ ڀڳ سڄي ڳالهائي ۽ پڙھي ويندڙ ٻوليءَ جو پنجاھ سيڪڙو کن ٿي ويندا ۽ جيڪڏھن گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندڙ پھريان اڍائي سئو لفظ ۽ پوءِ پنج سئو لفظ جدا ڪبا تہ پاڻمرادو خبر پئجي ويندي تہ سڄي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ پنجھتر سيڪڙو استعمال ٿين ٿا. حوالو؛ ڏسو اَمر فياض جو ”سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت“ وارو فيسبڪ تي اسٽيٽس، 28 سيپٽمبر، 2016
ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ڪم ڪرڻو پوندو. ساڳي نموني اردو ٻولي اٿارٽي پاران اردو ٻولي جي ڪيل اسٽڊي جا اردو ٻوليءَ ۾ پهريان وڌ ۾ وڌ استعمال ايندڙ هڪ سئو لفظ ۽ پوءِ وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ ايندڙ پهريان اڍائي سئو ۽ پوءِ پنج سئو لفظن جي لسٽ هٿ ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي لسٽن جي پنج سئو لفظ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو. آئون اوهان کي پڪ سان ٿو ٻڌايان ته ٿورن لفظن کي ڇڏي ٻنهي لسٽن ۾ گهڻو ڪري لفظ ساڳيا ئي هوندا. ڇو جو اسين سنڌي ٻولي جي نالي ۾ اصل ۾ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ جا لفظ ڇڏي اردو ٻوليءَ جا لفظ واپريون پيا.
قومي ٻوليءَ جا مطالبا
اسان مان گهڻا بنا ڪنهن سوچ، سمجهه ۽ ساڃاهه جي هي مطالبا پيا ڪندا آهن ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ڪيو يا فلاڻن فلاڻن پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي. تنهنڪري سرڪار کان گُهر ٿا ڪيون ته انهن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لاڳو ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جا ڀلي مطالبا ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻين پرائيويٽ اسڪولن ۾ نيٺ سرڪار ڪهڙي سنڌي ٻولي لاڳو ڪري. جيڪا سنڌي ٻولي هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي ڳالهائي رهي آهي يا لکي رهي آهي سا سواءِ ڪجهه لفظن جي فرق ۽ لپيءَ جي ڦيرگير سبب ڪجهه نقطن جي فرق جي اصل ۾ اردو ئي آهي ۽ اها ڳالهه آئون مثالن ۽ ثبوتن سان اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته هاڻي اسان سنڌين جي گهڻائي سنڌي نه پر اردو اسپڪينگ ٿي چڪي آهي
سنڌي وڪيپيڊيا
جن لاءِ اسين چئون ٿا ته اهي قوم ڪونهن ۽ انهن جي ٻولي، قومي ٻولي ڪونهي، انهن جي اردو وڪيپيڊيا تي علم جي خزاني جا مختلف موضوعن هڪ لک کان مٿي مضمون رکيل آهن ۽ اردو وڪيپيڊيا جا هزارين ايڪٽو يوزرز آهن، جيڪي لاڳيتو پنهنجي وڪيپيڊيا کي علم جي خزاني سان ڀريندا رهن ٿا. وڪيپيڊيا تي سڀني ٻولين جي درجيوار فهرست رکيل آهي ته ڪهڙين ٻولين جا وڪيپيڊياز تي گهڻا مضمون رکيل آهن. هڪ هزار مضمونن واريون ٻوليون، 10 هزار مضمونن واريون ٻوليون، لک کان مٿي مضمونن واريون ٻوليون، 10 لکن کان مٿي واريون ٻوليون ۽
ڪروڙ کان مٿي رکيل مضمونن واريون ٻوليون. ان حوالي سان ڏسون ته سنڌي وڪيپيڊيا 2006ع ۾ ٺهي هئي ۽ 10 سال گذرڻ کان پوءِ به پنج هزار کان مٿي مضمون آهن ۽ اها اڃان تائين ڏهه هزار مضمونن واري لسٽ ۾ به اچي نه سگهي آهي ۽ سنڌي وڪيءَ تي رکيل مضمونن مان به گهڻا هڪ ٻن سٽن وارا آهن يا معياري ۽ علمي ڪونهن، اهي رڳو مضمونن جو وڌيڪ انگ ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.
سنڌي وڪشنري
سنڌي وڪشنري تي به رڳو هزار کان ڪجھ مٿي لفظ رکيل آهن، جڏهن ته ٻين ٻولين جي وڪشنرين ته لکين لفظن جو خزانو پيو آهي.
سنڌي وڪي نيوز
اسين ٽڪي ٽڪي جي اخباري سٺين کي پنهنجون خبرون ڏيڻ جون منٿون پيا ڪندا آهيون، جن جون اخبارون ٽيڪسٽ بيسڊ به ناهن. يعني باقي دنيا يا انساني حقن جون تنظيمون وغيره رياست طرفان اسان سان ڪيل نا انصافين جون خبرون يا دنيا جا ٻيا ادارا ڪي ٻيون خبرون يا ڳالهيون اسان جي باري ۾ ڳولڻ چاهين ته اهي کين نه ملنديون، ڇو جو انٽرنيٽ جون سرچ انجڻيون ٽيڪسٽ بيسڊ مواد کي ڳولي ڏيکاري سگهن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ وڪيپيڊيا وارن اسان کي بلڪل مفت سنڌي وڪي نيوز (وڪي اخبار) جي سهولت ڏني ته جيئن اسين ان تي سنڌ جي جهرجهنگ مان خبرون اَپ ڊيٽ ڪري دنيا کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا رهون، پر اسان، سنڌين وڪي نيوز سان ڇا ڪيو. اسان ان کي استعمال ۾ ئي نه آندو، ڇو جو اسان پنهنجي ٻولي کي اهميت نٿا ڏيون يا ان کي اهم نٿا سمجهون. نيٺ وڪيپيڊيا وارن سنڌي وڪي نيوز جي سهولت کي بند ڪري ڇڏيو. سنڌي وڪيپيڊيا به ڪجهه دوستن جي ڪري پئي هلي. ائين به ڪونهي جو اسان اهو چئي سگهون ته اسان کي سنڌي وڪيپيڊيا جي خبر ڪا نه هئي، نه ته اسان ته سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ وڪيپيڊيا تي تير هڻي وڏا ڦاڙها ماريون هئا. ڇو جو سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن، وڪيپيڊيا فيس بُڪ پيج ۽ ٽوئٽر اڪائونٽ کولي رکيو آهي، ان ذريعي اهي اسان سڀني کي سنڌي وڪيپيڊيا جي سرگرمين سان گڏوگڏ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ درخواست به ڪندا رهندا آهن ته سنڌي وڪيپيڊيا تي اچي اڪائونٽ کولي سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي مواد رکو. وڪيپيڊيا تي اڪائونٽ کولڻ لاءِ ته وڪيپيڊيا وارا ايميل ايڊريس به نٿا گهرن. ڪنهن به نالي سان اڪائونٽ کولي اوهان وڪيپيڊيا تي اچي ڪم ڪري سگهو ٿا. سنڌي وڪيپيڊيا جي دوستن جي ايترين اپيلن جي باوجود به سنڌي يوزرز جو انگ نه وڌي سگهيو. ان کان پوءِ مانواري اَمر فياض صاحب سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان پنهنجي ٺاهيل هڪ وڊيو، هتي فيس بُڪ تي اَپ لوڊ ڪئي. ان وڊيو ۾ اَمر فياض، سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان سڀ ڳالهيون ڏاڍي سهڻي نموني سان سمجهايون. اَمر فياض جي ان وڊيو کي ڏسي لڳو ته هاڻي گهڻا ئي سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ ۽ پروانا سنڌي وڪيپيڊيا تي پنهنجو اڪائونٽ کولي هٿ ونڊائيندا، پر نتيجو ڇا نڪتو، اهي ئي دٻليءَ ۾ ٺڪريون، ڇڻ ڇڻ.
گوگل ۽ سنڌي ٻولي
گوگل طرفان سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ تي سرچ جي سهولت ڏنل آهي، اسان مان گهڻا آهن، جيڪي گوگل جي ان سهولت کي استعمال ڪن ٿا. ڇا سڄي دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ۽ سمجهي ڪو نه پئي ڇا؟ اصل ۾ دنيا اهي سڀ ڳالهيون ڏسي به پئي ۽ سمجهي به پئي، پر ان جي باوجود به اها اسان کي انڊس سولائيزيشن جو وارث سمجهي، اسان جي مدد ڪرڻ چاهي پئي. اهو ئي سبب آهي جو گوگل، سنڌي ٻولي کي گوگل ٽرانسليٽ ۾ شامل ڪيو آهي، پر اسان ان سان ڇا ڪيو؟ گوگل وارن اسان کي جيڪي انگريزي لفظ يا اصلاح موڪليا انهن جا هڪ ته اسان 60 يا 70 سيڪڙو ترجما غلط ڪري موڪليا بلڪي ڪن لفظن جو غلط يا صحيح ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش بدرآن انگريزيءَ جي انهن لفظن جي ترجمي جي بدرآن مشڪري ۾ پنهنجي دوستن يا ڳوٺن جا نالا لکي ڇڏيا باقي جن دوستن ڪجهه صحيح ترجما گوگل ڏانهن اُماڻيا، انهن مان ڪجهه کي ڇڏي باقين انگريزي جي لفظن لاءِ پنهنجا سنڌي لفظ هوندي به اردو جا لفظ ترجمي ۾ ڏياري موڪليا. مثال طور انگريزي جي لفظ ”فلڊ“ جو سنڌي ترجمو ”ٻوڏ“ وڌيڪ سٺو ٿو لڳي، پر اسان جي سنڌي دوستن ان جو ترجمو ”سيلاب“ ڪري اماڻيو. ائين سوين لفظ آهن جن جا سنڌي ٻوليءَ جا پنهنجا نج نبار لفظ آهن، پر اسان انهن جي جاءِ تي اردو جا لفظ گوگل سنڌي ٽرانسٽليٽ ڏانهن اماڻي موڪليا. اهي سڀ ڳالهيون مون کي ان ڪري خبر آهن جو مان گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ڪميونٽي ۾ شامل آهيان ۽ اهي ترجما جڏهن مون وٽ ايندا هئا ته آئون پنهنجو مٿو جهلي بيهي رهندو هوس ۽ پوءِ نيٺ پنهنجي وس آهر انهن کي صحيح ڪري واپس گوگل ڏانهن اُماڻي موڪليندو هئس. ڇا اهي سڀ نشانيون اوهان کي ڪو نه ٿيون ٻڌائين ته سنڌي ٻولي گذاري چڪي آهي. هتي فيس بُڪ تي ڪجهه دوستن پنهنجي مخلتف پوسٽن تي خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي اسان جا سنڌي، جيڪي سنڌي ۾ اردوءَ جا لفظ پيا استعمال ڪن، يا سنڌي ٻولي جي بيهڪ، گرامر ۽ جملن کي غلط بيهڪ سان پيا لکن، اهي اهو ائين فيشن لاءِ پيا ڪن. نه منهنجا سائين، اسان جا سنڌي، اها غلط سنڌي فيشن لاءِ ڪو نه پيا لکن ۽ ڳالهائين، بلڪي اهي، اها غلط سنڌي لکن ۽ ڳالهائين ان ڪري پيا جو اسان پنهنجي ٻولي وساري ويٺا آهيون.
سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهيا آهن
آئون ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي ڀائٽين، ڀائٽِين، ڀاڻيجِين ۽ ڀاڻيجن جا وڃي فيس بُڪ پيج ڏسندو آهيان ته مون کي حيراني ٿيندي آهي ته اهي سڀ پنهنجي فيس بُڪ تي پوسٽون اردو ۾ يا رومن اردو ۾ لکن پيا ۽ هيٺان انهن جي سنڌي دوستن ۽ ساهيڙين جا ڪمينٽس به اردو ۾ يا رومن اردو ۾ ئي هوندا آهن.
جڏهن ته اهي سڀ سنڌي آهن ۽ انهن سڀني جا ماءُ پيءُ پڻ سنڌي آهن. هتي ڪو ادارو ته آهي ڪو نه جو اهو ان حوالي سان صحيح انگ اکر گڏ ڪري اسان کي ٻڌائي، باقي اسان سڀني کي اندازو آهي ۽ پنهنجي اکين سان به ڏسون پيا ته سنڌين جي آبادي ته وڌي آهي، پر سنڌي ڳالهائڻ وارن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا هاڻوڪا سنڌي جيڪا سنڌي ڳالهائين ۽ لکن پيا، اها اصل ۾ سنڌي نه پر ڪجهه لفظن جي فرق سان اردو ئي آهي، پر اسان کي اهو احساس ئي ڪونهي ته ڪو اسان سنڌي بدرآن اردو ڳالهائي ۽ لکي رهيا آهيون. اسان پنهنجي اباڻي سنڌي ٻوليءَ سان ايڏو ته ظلم ڪيو آهي جو هاڻي اردو گاڏڙ سنڌي کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.
ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي
اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي ۾ سنڌي آباد ڪرڻ سان به سنڌ ۽ سنڌين کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو، ڇو جو اُتي پهچي اسان جا سنڌي پهرين فرصت ۾ سنڌيءَ مان ڦري اردو اسپڪينگ ٿي وڃن ٿا. ٻولين جي بقا لاءِ ڪنهن به پرڳڻي جون ٻهراڙيون آڪسيجن جون ڪم ڪنديون آهن، پر هتي اسان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي ته پاڻ شهرن ۾ رهندڙ سنڌي کان به وڌيڪ بگاڙ جو شڪار ٿي چڪي آهي.
ٻين ٻولين جا لفظ
ٻوليون ٻين ٻولين کان لفظ وٺنديون رهنديون آهي، خاص طور جڏهن پنهنجي ٻولي ۾ ڪو لفظ نه هجي ته ان لاءِ ٻين ٻولين کان لفظ وٺڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. آئون ائين نٿو چوان، جيئن اردو جي ڪجهه دانشورن ڪوشش ڪئي هئي، تئين اسان به ڪيون. قصو هنئين آهي ته اردوءَ جي ڪجهه دانشورن کي اچي ڳڻتي لڳي ته اردو ۾ تمام گهڻا انگريزي جا لفظ شامل ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن لاڳيتو ائين ٿيندو رهيو ته پوءِ ته اردو اردو ئي نه رهندي، تنهنڪري انهن انگريزي جي لفظن جي جاءِ تي زوريءَ اردو جا لفظ ٺاهڻ شروع ڪيا. مثال جي طور تي انگريزي جا ڪجهه لفظ هي آهن جن جي جاءِ تي هيٺيان اردو لفظ ٺاهيا ويا.
Lawyer = ڀاڙو
Judge = مها ڀاڙو
Letter Box = پَتر گهسيڙ
Typewriter = ڪٽماڪٽ
Loud speaker = آله مڪبر الصُوت
Thermometer = مقياس الحراره
ساڳي نموني، سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙيون ڪوششون ٿيون، جيئن ريڊيو جي جاءِ تي ٻڌڻو، فرج جي جاءِ تي ٿڌڻو ۽ ڪمپيوٽر جي جاءِ تي ڳڻپوڪر جهڙا لفظ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ظاهر آهي ته اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿيڻيون هيون، سو ڪامياب نه ٿيون. ڇو جو جڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ جيڪڏهن نوان لفظ ٺاهيا به ويندا آهن ته اهي نوان لفظ پنهنجي ٻوليءَ جي صورت سان ملائي اهڙي نموني ٺاهيا ويندا آهن، جو انهن نون ٺهيل لفظن کي ٻڌڻ سان مزو اچي يعني اهي نوان لفظ ڪن رس ڏين. مون کي خبر ناهي ته ڪمپيوٽر لاءِ نئون سنڌي لفظ اسان جي ڪهڙي احترام لائق مانواري دوست ٺاهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان مانواري دوست پنهنجي حساب سان صحيح ئي ٺاهيو هجي پر سچ ته اهو آهي ڪمپيوٽر لاءِ ٺاهيل اهو نئون لفظ ڪن رس بلڪل به ڪو نه ڏيئي پر ان جي ڀيٽ ۾ ”انٽرنيٽ“ لاءِ ٺاهيل سنڌيءَ جو نئون لفظ ”ڳنڍڄار“ ڪن رس ڏيئي ٿو، تنهنڪري اڳتي هلي ڳنڍڄار جو واهپو وڌي سگهي ٿو. خير جنهن به مانواري دوست ڪمپيوٽر لاءِ نئون لفظ ڳڻپوڪر ٺاهيو آهي، ان لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي عزت آهي ڇو جو اهو دوست گهٽ ۾ گهٽ، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجي ان ڪوشش جي ذريعي عملي جاکوڙ ته ڪري پيو.
دنيا ۾ اسان جو حصو
جون ايليا جي لفظن ۾ ته، ”اسان تاريخ جي دسترخوان تي ويهي ٻه هزار سالن کان رڳو حرامخوري ڪندي کائيندا پيا اچون.“ مطلب ته اسان دنيا جي پيداوار ۾ پنهنجو حصو ڪو نه پيا وجهون. ظاهر آهي ته اسان وٽ سائنس، طب، ٽيڪنالاجي، ڪامرس، اڪنامڪس، فنانس ۽ ٻين فليڊن ۾ نه ڪا تحقيق ۽ نه ئي ڪا اڳڀرائي ٿئي پئي ته پوءِ جيڪي قومون انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ڪن پيون، انهن جون ئي ٽرمنالاجيون اسان کي مڃڻيون پون ٿيون. هونئن به وڏي وقت کان سنڌي ٻوليءَ ڪو به سائنسي ۽ تخليقي مواد تخليق ڪو نه پيو ٿئي. هي جيڪي اسان وٽ لکجي پيو اهو 10 ڪتاب ۽ ڪجهه مضمون پڙهي، انهن مان نئون ڪتاب ٺاهڻ برابر آهي، جيڪا سهولت وڪيپيڊيا تي اڳواٽ ئي موجود آهي، جنهن تحت اوهان وڪيپيڊيا جي مواد مان جيترا وڻي وڪي بُڪس ٺاهي سگهو ٿا.
مختصر اهو ته سنڌي ٻولي سان هي جيڪو ظلم ٿيو آهي ان ۾ اسان سڀ شامل آهيون، جنهن ۾ اسان جي ميڊيا، چئنلَ، ادارا سڀ شامل آهن. مون کي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اسان جا هي هزارين سنڌي استاد، خاص طور تي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ وارا استاد ڇا پيا ڪن. ظاهر آهي ته اسان جا استاد اسڪولن ۾ صحيح سنڌي ڪو نه پيا پڙهائين، تڏهن ئي ته اسان سنڌين جي گهڻائي پنهنجي اباڻي ٻولي وساري ويٺي آهي.
سنڌي ٻولي لاءِ احساس
فيس بڪ تي مانواري ستار زنگيجي ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي سنڌي ٻولي سان ٿيندڙ هاڃن جو احساس آهي ۽ کين سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ان ظلم تي مون پڄرندي ۽ فيسبُڪ تي احتجاج ڪندي ڏٺو آهي، نه ته اسان سنڌين جي گهڻائيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪو فڪر ڪو نه رهيو آهي. باقي حلالي پٽن وارو ڊاڙون ۽ ٺلهيون ڦوڪون هڻڻ ۾ ته اسان کان وڌيڪ ڪو ماهر آهي ئي ڪو نه. هاڻي اهو رٽيل راڳ ور ور ورجهائڻ ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ٺاهيو، اجاين ترڪتالين کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڇو جو ٻوليون، مطالبن ۽ نوٽيفيڪشنن سان قومي نه پر ٻوليءَ لاءِ عملي ڪم ۽ ٻوليءَ جي واهپي جي واڌاري سان ترقي ڪنديون آهن.
قوم يا سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم
ڪم ڪرڻ جا ٽولز يا ٽيمپليٽس اسان جي آڏو پيا آهن، انهن کي استعمال ۾ آڻي سنڌي ٻولي کي قومي ته ڇا اسان عالمي ٻولي به بڻائي سگهون ٿا. اسان مان ڪنهن کي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪرڻ کان ڪنهن به روڪيو ڪونهي. بلڪي سڄي دنيا ان حوالي سان اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر جيئن مان ان حوالي سان اوهان کي گوگل سنڌي ٽرانسليٽ ۽ سنڌي وڪيپيڊيا جي حوالي سان اڳم ئي ٻڌايو ته ڪيئن نه سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي وڪشنري، نندڻڪيون پيون آهن. سنڌي وڪيپيڊيا وٽ جيئن تيئن ڪري رڳو ڏهه ويهه ايڪٽو يوزرز آهن. ڪو ٿو چوي ته سنڌي قوم پنج ڪروڙ آهي، ڪو ٿو چوي ته سنڌي ڇهه ڪروڙ آهن، ڇا پنج ڇهه ڪروڙن جي سوڪالڊ (هٿ گهڙيل) قوم اهڙي ٿيندي آهي، جو ان سوڪالڊ (هٿ ٺوڪي) قوم مان سنڌي وڪيپيڊيا تي 50 يا 60 ڄڻا ئي ڪم ڪرڻ لاءِ ملي سگهن. مان جهونو ماڻهو ٿي ڪري، وڪيپيڊيا جي سسٽم سمجهي سگهان ٿو ته پوءِ اڄ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن ڄمڻ ساڻ ئي ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ موبائل فون ڏٺا آهن، سي ڪيئن نٿا وڪيپيڊيا جي صفا سولي سسٽم کي سمجهي سگهن. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي نوجوانن جي پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي.
ٻڏندڙ جهاز ۽ ڪوئا
جنهن ٻوليءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هوندا آهن ته ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي دانشورن ۽ اديبن کان پهرين ان ٻولي ڳالهائڻ وارن جي عام ماڻهن کي اڻ محسوس ڪندڙ انداز ۾ اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي. جيئن جهاز ٻڏڻ جي سڀ کان پهرين ڄاڻ ڪوئن کي پئجي ويندي. بلڪل ساڳي نموني عام سنڌين جي گهڻائي تيزي سان سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي رهي آهي.
آخري ڳالهه
سڀ ڳالهيون هن هڪڙي پوسٽ ۾ نه ٿيون ڪري سگهجن. رڳو آخري ڳالهه هي ڪرڻي آهي ته اسان کي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي فرسٽ ايڊ ۽ سي پي آر ڏئي بچائڻو آهي ته پوءِ اسان جي ميڊيا سميت سڄي قوم ۽ ادارن کي گڏجي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. باقي ٻن چار ڏينهن جي جوش مان، جيئن کير اُڀامي وري ويهي رهندو سان ڪم ڪو نه هلندو. ياد رکو اسان سنڌين جي گهڻائي، پنهنجي اباڻي ٻولي کي وساري ويٺي آهي، ان ڪري سنڌين کي پنهنجي ٻولي ڏانهن آڻڻ لاءِ ٻه چار ڏينهن نه پر ڏهاڪن تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪرڻي پوندي، ڇو جو هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ رڳو ڪجهه ٻوليدانن ۽ ڪجهه ٻولي انجنيئرن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي.
توڙي جو سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ناممڪن ڪونهي. جيڪڏهن اسان ان ڏس ۾ صحيح ڪوششون نه ورتيون ته پوءِ تاريخ جو عمل سنڌي ٻوليءَ کي ائين مِٽائي ڇڏيندو، جيئن هن کان پهرين اهو عمل ٻين ڪيترين ئي ٻولين کي ختم ڪري چڪو آهي. ڀلي مايوس نه ٿيون، پر اسان کان جيترو جلدي ٿي سگهي، اوترو جلدي بي بنياد اميد پرستيءَ، لفاظي ۽ اجائي نرگسيت مان پنهنجي جان ڇڏائي ۽ سُک درسائپ جي رستي کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ عملي ڪم ڪيون. اسان جا ڪجهه دوست ٽيڪنالاجي جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اصل ۾ اهي عربي فارسي 52 اکريءَ کي ترقي وٺائي رهيا آهن. توڙي جو ٻوليءَ جو لپيءَ سان لاڳاپو آهي ۽ ان جو سنڌي ٻوليءَ کي فائدو پهچي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيون. مسئلو هي جو اسان ته سنڌي ٻولي جا سولي کان سولا، عام، سدا ، ننڍي کان ننڍا لفظَ به وساري ويٺا آهيون. سنڌي لفظ ”پر“ جي جاءِ تي ”مگر“، سنڌي لفظ ”پوءِ“ يا ”کان پوءِ“ جي جاءِ تي ”بعد ۾“ جهڙا لفظ ۽ اهڙا ٻيا سوين لفظ ڌارين ٻولين جا پيا استعمال ڪيون. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اوهان سنڌي 52 اکريءَ ۾ ٿا لکو يا اي بي سي واري لپيءَ ۾. سنڌي ٻوليءَ جو اصل مسئلو هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو استعمال تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ۽ سنڌي پاڻ به پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت ڪو نه پيا ڏين. ف س

Read more >> In Defense of Sindhi Language

سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ختم ويل اُچار

حليم بروهي ڪاوش ۾ لکيل پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڪجهه تاريخي حوالن سان لکيو هو ته سنڌي ٻولي ۾ هڪ آواز يا اُچار اهڙو به هو، جيڪو ڇ، ش، چ کي ملائي ڪڍيو ويندو هو. پر انگريزين جي دور ۾ عربي فارسي لپيءَ ۾ ان آواز لاءِ ڪو اکر ٺاهي نه رکيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو آواز يا اُچار سنڌي ٻولي مان ختم ٿي ويو. پر اڃان به ڪجهه ٺيٺ بروهي يا براهوڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا اهو آواز اچاري سگهن ٿا. پر سنڌي ٻوليءَ مان اهو آواز بلڪل ختم ٿي ويو آهي.

سپريم ڪورٽ پاران ٻولين جو فيصلو سنڌي سمجهاڻي سميت

آئين جا شارح ۽ لڪل جهالت:
گذريل هفتي، خيرپور ميرس شهر ۾ موجود اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي تعليمي اداري ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي“ جي انتظاميا ۾ موجود ڪجهه نالائق ماڻهن جا ڪنهن اچي ڪَنَ ڀريا ته جي هو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪيل فيصلي موجب اردو ٻولي لاڳو ڪرڻ جهڙو ”عاليشان“ ڪم ڪندا ته سندن واهه… واهه ٿي ويندي. انهن سوداگر ذهنيت جي ماڻهن انتظاميا جي ماڻهن کي ٻڌايو هو ته ” سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب هاڻي هر شيءِ اردو ٻولي ۾ لکي ويندي، ڇوته اردو ٻولي پاڪستان جي دفتري زبان آهي“. جيئن ته اڄ تائين اسان جي يونيورسٽين ۽ انهن جي انتظاميا ۾ موجود ڪجهه ”سوداگر ذهنيت“ جي ماڻهن نه پاڪستان جو آئين پڙهيو آهي، نه آئين جي 18هين ترميم کي ملائي پڙهيو آهي. ان ڪري انهن کي رڳو هڪ جملو ٻڌايل آهي ته اوهان جڏهن به ڪا ڳالهه ڪريو ته رڳو ان ڳالهه کان اڳ ايئن چوندا رهو ته….. جيئن پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته….. ٻڌنڌڙ سمجهندو ته آئين جو حوالو ڏيندڙ شايد آئين جو وڏو شارح هوندو. پر جيئن ته ٻڌائيندڙ ۽ ٻڌنڌڙ ٻنهي ڄڻن آئين پڙهيو ئي ناهي هوندو، تنهن ڪري ٻئي پنهنجي پنهنجي جهالت جي لڪ لڪوٽيءَ ۾ خوش رهندا آهن، پر ، ان سان جيڪو تمام وڏو نقصان ٿيندو آهي، تنهن جي نه کين اون هوندي آهي ۽ نه ئي کين پرواهه هوندي آهي.
سو، ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي“ وارن ملڪ جي دفاع ۽ آئين جي عظمت واسطي سنڌيءَ کي هڪ ڌڪ سان ڍير ڪري ڏيکاريو.
 سنڌي ٻولي جي تباهي ۽ بحالي لاءِ وڄ جهڙي تيزي:
ان وڄ جي تيزيءَ سان سنڌي ڊاهڻ واري عمل بابت اسان جي دوست ۽ آئين توڙي قانون پڙهيل انجنيئر نصير ميمڻ سنجيدگي سان ”سوشل ميڊيا“ تي ڳالهه رکي. اربع 27 اپريل تي سنڌيءَ ۾ لکيل 18 بورڊ ڊاهرائي انهن تي رڳو اردو لکرائي آئين، قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي پاسداري ڪئي وئي. 28 اپريل تي اها ڳالهه ”سوشل ميڊيا“ ۾ آئي. 29 اپريل تي وري وڄ جي تيزيءَ سان سمورن بورڊن تي اردو ۾ لکيل اکر ڊهرائي ڇڏيائون. 30 اپريل تي انهن سمورن بورڊن تي ( برسات کان ٽپڙ اندر ڪرڻ واري تڙتڪڙ وانگر) انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ بورڊ لکرائي ڇڏيائون. مطلب ته جنهن تيزيءَ سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ ”سوداگر ذهنيت“ جو چيو مڃيو ويو، ان ئي تيزيءَ سان سوشل ميڊيا جي دٻاءَ سبب هر شيءِ بدلائي سپريم ڪورٽ کي ڄڻ ته پُٺي ڏني ويئي.
سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهڻ گهرجي:
مون کي ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي“ جي هڪ عوام دوست پروفيسر فون ڪري چيو ته ” اسان کي نه جسٽس جواد ايس خواجا جو فيصلو پڙهيل آهي، نه سنڌ اسيمبلي جو 1972ع وارو ”سنڌي ٻولي پڙهائڻ“ وارو بل پڙهيل آهي ۽ نه ئي خداداد مملڪت پاڪستان جو آئين پڙهيل آهي، تنهن ڪري اوهان اهي موڪليو“ هن فون بند ڪرڻ کان اڳ چيو ته: ” آئين ته دڪان تان ملي ويندو، باقي بار اوهان تي آهي“.
Continue reading

سنڌ جون يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهن ٿيون

ڊاڪٽر ايوب شيخ
هڪ هفتي کان، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ انهن بورڊن جو ذڪر هليو آهي، جنهن ۾ اُتر سنڌ جي ان اهم يونيورسٽيءَ  ۾ اهڙا 18 بورڊ هيا ، جن تي رڳو انگريزي ۽ اردو ٻولي لکي ويئي هئي. ڀلو ٿيو سوشل ميڊيا تي رڳو هڪ شخص اسان جي دوست ۽ دانشور ۽ اين جي او سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر نصير ميمڻ جو، جنهن ان جي نشاندهي ڪئي. بس! سڄي سوشل ميڊيا تي وارو… وارو ٿي ويو. سنڌي ٻولي جي گمشدگي کي لاڳاپيل يونيورسٽي وارن به محسوس ڪيو ۽ انهن 18 ئي بورڊن تي سنڌي ٻولي پڻ شامل ڪيائون. اهو ڪم سٺو ٿيو. پنهنجي غلطين کي ايئن ئي سڌاربو هلبو ته ڪم سٺو ٿيندو ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجا ۽ پراوا خطرا چُهٽي نه سگهندا. انهن خطرن نه هجڻ جي ڪري، سنڌي پوءِ ٻيا اهم ڪم ڪري به سگهندا.
ڳالهه نڪتي آهي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي، ته انهن جي انتظاميا کي گهرجي ته بنا دير هڪ نئون شعبو کولين، جنهن شعبي ۾ هڪ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هجي. ان ماهر کي هڪ ڪم اهو ڏيڻ گهرجي ته، جيڪي به بگاڙيل سنڌي لفظ آهن، انهن جي به نشاندهي ڪري ۽ جتي جتي سنڌي هجڻ گهرجي اها به ان هنڌ موجود ڪري ڏيکاري
شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وئب سائيٽ
اوهان هڪ ٻي اهم ڳالهه ڏانهن ڏسو! شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي هڪ شاندار وئب سائيٽ آهي. جنهن جي کاٻي هٿ تي ٽي ٻوليون يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڄاڻايل آهن. ان جو رڳو مقصد اهو هوندو آهي ته اها سائيٽ ڏسندڙ جيڪا ٻولي به سمجهي سگهن يا ڄاڻي سگهن، اها کولي پڙهن ۽ يونيورسٽي پاران جنهن جنهن شعبي ۾ جيڪي به ترقيون، تحقيق، پروگرام، داخلائون، استاد، پروفيسر وغيره جي باري ۾ ڄاڻ هجي، سا حاصل ڪري سگهن. پر، اوهان هڻي هڻي بيهندئو ته سواءِ انگريزيءَ جي ٻي ڪابه ٻولي نه کلندي. هُجي ته کُلي. حيرت ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ”سنڌي شعبي“ کي ڳوليندا ته ان ۾ رڳو اياز گل جي تصوير سنڌي ۾ نظر ايندي، باقي ڪُل پيران دا خير لڳي پيئي آهي. اردو ٻولي واري شعبي سان به اها ئي ڪار آهي. اتي به محترما ڊاڪٽر صوفيا يوسف صاحب جي تصوير سنڌي ۾ موجود آهي، باقي هر شيءِ انگريزي ۾ آهي.
آئون اها ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان ته ، گذريل ڪئين ورهين کان اها وئب سائيٽ يونيورسٽي بجيٽ جو ڪيترو خرچ کائيندي هوندي، پر ايترو چئي سگهان ٿو ته، اها وئب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ کي تيزيءَ سان کائي رهي آهي

Continue reading