علي بابا
اسين وڙھنداسين، ستادرو، پروشني، وستنا، اسڪني
ڪرومر، سويتيءَ ۽ سنڌوءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، ھن سرڳ سمان دراوڙن جي ڌرتيءَ لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پوڄارن ۽ پوڄارڻين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن اوڏن ۽ اوسارن لاءِ،
اسين وڙھنداسين، سون ورنين سوڍين لاءِ،
اسين وڙھنداسين، پنھنجن ھندورن ۾ لڏندڙ ٻارڙن لاءِ،
اسين جنگ ڪنداسين، ھن ڌرتيءَ جي امن ۽ اھنسا لاءِ،
” او ڌرتيءَ، او ماتا وڌاتا !
اسان کي جنگ جي آگيا ڏيج،
سونمياڻيءَ مٿان سولو ڍارو ڍاريج،
۽ آرين مٿان اسان کي سوڀيارو ڪريج،
جو اسين تنھنجا پوڄارا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ تي امن ۽ اھنسا جا رکولا آھيون،
جو اسين ھن ڌرتيءَ جي اوندھ جا اُجاريندڙ آھيون.
” او ڌرتي، او ماتا وڌاتا !
او شڪتيءَ ۽ مُڪتي جي ديوي !
او جنم ڀومي، جنم ورني !
سڀ پوڄارا ۽ پڙلاوَ تو لاءِ آھن.
آءُ سونمياڻيءَ جو مھاراجا،
پنھنجي مھاراڻيءَ، لڇمڻن، لڇمين ۽ ساريءَ پرجا سان، تنھنجن چرنن ۾ سجدو ڪريان ٿو.”

“Courtesy: Sindhi Novel “Mohen Jo Darro

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي تان ورتل ٽڪرو

اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسي خيز ناول لکندڙ، اگاٿا ڪرسٽي، ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛ هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينين سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئا سين ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ _ هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته
”ڪڏهن آيو آهين؟“
”اڄ صبح جو.“
”ڇاتي؟“
”جيپ تي.“
”ڪنهن کان ورتي اٿيئي جيپ؟“
”پنهنجي آهي.“
”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي! مان ته اڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ _ هائوس وٽ ڪار روڪي ۽ هنن کي اتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها ته ڪپڙا لٽا سب ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“
”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم.“
”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا.“ ائين چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو، ۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:
”منهنجي مڌُ کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،
تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.“
سو، اها هئي هڪ تعليم يافته سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت _ اها تهذيب جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي!
شيخ اياز – جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي