حقيقت جو اولڙو

وتائي فقير سان ماڻس گلا ڪئي ته ابا، تنهنجي ماني پچائي ٿي رکان ته ڪتا کڻيو وڃن، جي ڪوٺيءَ کي دروازو هجي ته ڪڙو ڏئي سانڍي رکي ڇڏيان، پوءِ اويل سويل ڪيڏي مهل به گهر اچين ته پنهنجي ماني کائين. هن چيو اجهو در کڻي ٿو اچان. پوءِ ويو، مسيت جو در پٽي گهر کڻي اچي، پنهنجي ٻارٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. مسيت جو مُلان آيو، ڏسي ته در ٺهي ئي ڪونه. سو پيرو کڻي سڌو وتايي جي گهر وٽ آيو. سڏ ڪري چيائين ته ”ميان، تون ته هاڻ ماڳهين ارڪانن مان نڪرندو ٿو وڃين. توکي شرم ڪونه آيو جو خدا جي گهر جو دروازو لاهي کڻي اچي پنهنجي گهر تي چاڙهيو اٿئي؟“ وتايي چيو شرم ته گهڻو ئي آيم پر ماني ڪتا کڻيو ٿي ويا. سوچيم ته جڏهن مون کي دروازي جيتري توفيق ٿيندي، تڏهن دروازو واپس وڃي رکندس، ڇو ته مون کي ڏيڻ وارو به اهوئي آهي، کيس خبر آهي ته وتايي وٽ در ڪونهي، هنن کي تڪليف آهي. مُلان چيو آءٌ در لاهيو ٿو وڃان. وتايي چيو در اهو لاهيندو جنهن جو آهي. باقي تون ٻڌاءِ تنهنجو ساڻس ڪهڙو لاڳاپو آهي. ڪهڙي مٽي مائٽي آهي يا توکي خود پاڻ چيو اٿس ته مون ۾ سگهه ڪانهي، تون وڃي وتايي کان دروازو وٺي اچ. ٻڌاءِ، ته توکي ڇا چيو اٿس؟ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ملان خار ۾ گاريون ڏيڻ ۽ وڦلڻ لڳو. وتايي چيو هن کي جهليو، مون هن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ خدا جو عيوضي ٿيو آهي. مون کي خدا ڏيندو ته واپس (در) ڏئي ويندس.

نوٽ؛ وتائي فقير جي حوالي سان هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.