ڇا ڪجي اهڙي دنيا کي (عبدالواحد آريسر)

 اهڙي دنيا جتي لذت جي مٺاڻ نه هجي، ڪنهن گناه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪي جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاھنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي…
اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگھي ٿي پر انسان لاءِ نه ….
هيءَ به نه وسارڻ گھرجي ته زندگي رڳو ٽهڪ ناهي ۽ نه وري رڳو ڳوڙهو…
زندگي ٽهڪ به آهي، ڳوڙهو به آهي، چُميءَ جي مٺاڻ به آهي ۽ ٿوهر جو گرھه به …
(عبدالواحد آريسر)
اردہ میں ترجمہ
خاک میں جائے ایسی دنیا کہ جس میں :
نہ لذت کی چاشنی ھو نہ کسی گناہ کا سرور ، نہ کسی نیکی کی لطافت ہو نہ کسی سزا کی اذیت ، جہاں کسی تخلیق کا درد نہ ہو ، نہ کسی چاھت کی تمنا ، نہ کسی خواہش کی گرمی ہو نہ کسی کاوش کا جمال نہ ھی کسی ناکامی کا ملال ہو۔
ایسی دنیا مسکن ملائک تو ہو سکتی ھے کسی انسان کا استھان نہیں ۔ ۔
یہ بھی نہیں بولنا چاہیئے کہ زندگی محض ایک قہقہہ نہیں اور نہ ہی محض سیل اشک ۔ ۔
زندگی قہقہہ بھی ہے ، اشک رواں بھی ، بوسے کی چاشنی بھی ھے تو کانٹوں بھرا نوالہ بھی ۔ ۔
(عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

عبدالواحد آريسر جا اسلام جي ٺيڪيدارن کان سوال

ڇا اسلام دهلي ءَ ۾ شاه ولي الله ۽ نظام الدين اوليا جي ذخيرن ۾ موجود نہ هيو؟ اسلام اجميري درگاه ۾ نہ هيو؟ڇا اسلام دارالعلوم ديوبند ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھ ۾ ختم ٿي ويو هيو.اسلام جي انهن ادارن کي هندستان ۾ ڇڏي اوهان ڀڄڻ ڇو مناسب سمجهيو؟اوهان کي جيڪڏھن اسلام سان محبت هجي ها تہ انهن جاين ڇڏي نہ اچو ها. اوهان جي ايم سيد تي بم ٿا ڪيرايو تہ هو اسلام کان ڦري ويو آهي،پراوهان حسين احمد مدني (جنهن 14 سال اوهانجي چواڻي روضه رسول۾پاڇي ۾ حديث پڙھائي) جي ڏاڙھي ۾ شراب هاريو،اوهان قرآن جي مفسر ابوالڪلام آزاد جي ڏاڙھي پٽي،اوهان احمد سعيد جهڙي پرهيز گار انسان کي پٿر هنيا. اوهان جي مُلن انقلاب جي پيغمبر عبيد الله سنڌي ءَ تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون. ان مان معلوم ٿيو تہ اوهان جو اسلام اوهانجو پيٽ آھي. اوهان جو خدا نفساني خواهشون آهن، اوهان جو رسول ڪليم ۾ ورتل جائدادون آهن. ( عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان کنيل آهي.

چاونڊوڪيون ۽ چيٽ

عبدالواحد آريسر

تون ڏاڍي سھڻي آھين. تنھنجي جسم جي خوشبوءِ ۾ شئمپين جي بوتل جو نشو آھي. تنھنجو بدن ڀاڪر ۾ اچي ٿو، ڄڻ ٺٽي جي ريشم سان ڀاڪر ڀرجيو وڃن. تنھنجي چپن تي نظر پوي ٿي ڄڻ ڄامشوري جي پھاڙن جي پويان لهندڙ سج جو آخري ڪنارو ياد اچيو وڃي. تنھنجي وارن جي واس وٺڻ لاءِ جبرئيل به لهي اچي ٿو. تنھنجي نيڻن جي ڪوملتا کي ڏسي ڀيڄ ڀنيءَ جا تل ۽ ترايون ياد اچيو وڃن. تنھنجي اُرھن کي ڪوھيڙي جي ڌنڌ ۾ ويڙھيل ٽڪرين جون چوٽيون ذھن ۾ ھونديون آھن ۽ ھڪ پراڻي تشبيھ ذھن ۾ ايندي آھي ته گلاب جي ھنن گلن ۾ ٻه ڀؤنر ويھي انھن جو واس وٺي رھيا آھن. تنھنجي کلڻ تي مور پنھنجا ٽھوڪا وساري ڇڏيندو آھي. تنھنجي مرڪڻ سان سڄي سنڌ پرھه جي روشنيءَ سان پالوٽجي ويندي آھي. تون ڳالهاائيندي آھين ته تنھنجي آواز سانيزدان جي دل ۾ اڌما اٿندا آھن. تون منھنجي محبت آھين، تو تان منھنجو سڀ ڪجھ قربان، پر اي منھنجي ماڪ جي ڦڙن جھڙي مقدس محبت، تون به سنڌ تان قربان.

عبدالواحد آريسر
چاونڊوڪيون ۽ چيٽ

ٿي نه محبت مات — عبدالواحد آريسر

آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن مذهب جو وجود ڪو نه هو. آءٌ ان وقت به سنڌي هوس، جڏهن سنڌوءَ جي ڪنارن تي چانڊوڪين ۾ منهنجي ڌرتيءَ جو دراوڙ، سومرس جون جمنيون اندر ۾ اوتي وحشيانه ناچ ڪندو هو ۽ آءٌ ان وق به سنڌي هوس، جڏهن سانجهي ٽاڻي مُوهن جي ميدانن ۾ زندگيءَ جو فطري رقص، ڪائنات جي دل ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيندو هو.

انساني پيدائش کان وٺي مون ڪيئي مذهب مٽايا آهن، پر سنڌيت جو لباس نه لاٿو اٿم. ڪنهن وقت آءٌ عناصر اربع جو پرستار هوس. ٻئي وقت آءٌ هزارها ديوتائن جو پوڄاري هوس. آءٌ سالن جا سال مڪتيءَ جي تلاش ۾ مهاتما ٻڌ جي جي چرنن ۾ مٿو ٽيڪيندي رهيو آهيان، جڳن تائين منهنجي چتا، برهمڻ ازم جي چکيا تي چڙهندي رهي آهي. ۽ پوءِ آءٌ خداءِ واحدجي سامهون جهڪڻ لڳس.

اُنهن سڀني مذهبن مون کان منهنجي ’سنڌيت ۽ سنڌي زبان‘ نه ڦري ۽ آءٌ اَڄ به هڪ سنڌي محب وطن ملزم جي حيثيت ۾ اوهان جي سامهون بيٺو آهيان، آءٌ مناسب سمجهان ٿو ته پنهنجي تخليل واري سنڌ جي وضاحت ڪريان، جنهن جي وجود سان لاڳاپيل هجڻ سبب آءٌ هتي بيٺو آهيان.

نوٽ هي ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ

تاريخ ۾ عظيم مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ فرد کي پنهنجن روايتي حقن تان هٿ کڻڻو پوندو آهي. گهر ۽ سنسار جي وِچ تي هڪ چانئٺ ئي ته هوندي آهي. اڪثر عظمتن کي اُنهن چانئٺن جي ٻِچتائيءَ جي ڪيفيت ۾ پَسيو ويو آهي. دنيا جي شاعريءَ ۾ اُن ڪيفيت کي ڪافي چٽيو ويو آهي، جنهن ڪيفيت گهڻن گهوٽن کي ان ريت اُلجهائي رکيو آهي ته:
هيڏانهن دار اسان جي يار،
هوڏانهن پاڻياريءَ سان پيار!
اياز تي به اُن ڪيفيت، اُن وقت ڀرپور حملو ڪيو هو، جڏهن هو سکر جيل ۾ قيد هو ۽ هن جا ٻارَ، هن سان سَهمي سَهمي ملاقاتون ڪندا هئا!
پر جڏهن در ٻاهريون دُک، در اندرئين دُک تي غالب ٿي ويندو آهي، تڏهن انسان اُن حيثيت کي ماڻي وٺندو آهي، جو عظيم شاعرن جا اهڙا شعر، هن مٿان گُلن جي پنکڙين جيان نڇاور ٿيندا آهن ته:
مينديءَ رَتا هٿڙا، ڪجل ڀِنا نيڻ،
سڀني وِڌا ويڻ، پر ويندڙ، ويندا ئي رهيا!
(اياز)
هُو جي کَڙيون کُوههَ تي، ٻانهُن پائي کَنجَ،
ڏسي روئڻهارڪيون، سنجيل گهوڙا سنجَ،
هر هر ڇِڪي هنجَ، چُمن پنهنجا ٻارڙا!
(اياز)
ڪتاب — اميد جو قتل
ليکڪ — عبدالواحد آريسر
جي مهاڳ ۾ لکيل اعجاز منگي جا ڪجھ لفظ
نوٽ: هي  مواد سوشل ميڊيا تان کنيل آهي