ڇا ڪجي اهڙي دنيا کي (عبدالواحد آريسر)

 اهڙي دنيا جتي لذت جي مٺاڻ نه هجي، ڪنهن گناه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪي جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاھنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي…
اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگھي ٿي پر انسان لاءِ نه ….
هيءَ به نه وسارڻ گھرجي ته زندگي رڳو ٽهڪ ناهي ۽ نه وري رڳو ڳوڙهو…
زندگي ٽهڪ به آهي، ڳوڙهو به آهي، چُميءَ جي مٺاڻ به آهي ۽ ٿوهر جو گرھه به …
(عبدالواحد آريسر)
اردہ میں ترجمہ
خاک میں جائے ایسی دنیا کہ جس میں :
نہ لذت کی چاشنی ھو نہ کسی گناہ کا سرور ، نہ کسی نیکی کی لطافت ہو نہ کسی سزا کی اذیت ، جہاں کسی تخلیق کا درد نہ ہو ، نہ کسی چاھت کی تمنا ، نہ کسی خواہش کی گرمی ہو نہ کسی کاوش کا جمال نہ ھی کسی ناکامی کا ملال ہو۔
ایسی دنیا مسکن ملائک تو ہو سکتی ھے کسی انسان کا استھان نہیں ۔ ۔
یہ بھی نہیں بولنا چاہیئے کہ زندگی محض ایک قہقہہ نہیں اور نہ ہی محض سیل اشک ۔ ۔
زندگی قہقہہ بھی ہے ، اشک رواں بھی ، بوسے کی چاشنی بھی ھے تو کانٹوں بھرا نوالہ بھی ۔ ۔
(عبدالواحد آريسر)
نوٽ؛ مٿيون ٽڪرو سوشل ميڊيا تان ورتل آهي

اوشو

”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪيو ٿا تہ وچ ۾ آزاديءَ جو ناتو هجڻ گهرجي. سڀاڻي جيڪڏهن توهان پنهنجي زال کي ٻئي سان ڀاڪر پائيندي ڏسو تہ حسد جي ڪا ضرورت ڪانهي. اُها تہ مالا مال ٿئي پئي، اُها تہ محبت جي هڪ نئين ذائقي کي چکي رهي آهي. بلڪل ائين جيئن توهان ڪڏهن هندوستاني کاڌا ڇڏي ڪنهن چائنيز ريسٽورينٽ ۾ هليا ويندا آهيو. ذائقو بدلائڻ لاءِ“…
ڪتاب: عورت, ص: ٥٧
سنڌيڪار: الطاف ملڪاڻي

Osho Bhagwan Shri Rajneesh

شيلا ۽ جارج پنهنجي هَني مون جي پهرين رات فرانس جي قديم شهر ۾ گذاري رهيا هئا. شيلا هن قديم شهر جي بخت ڀري رات ۾ اڃان وڌيڪ تانگهه ڀريل جادو ڀرڻ لاءِ رِٿ ڏني ته اڄ رات جڏهن شهر جو پوڙهو چوڪيدار رات جو هر هڪ ڪلاڪ کانپوءِ گهِنڊ وڄائيدو ته پاڻ ٻئي مست الست پيار ڪنداسين. جارج مسڪرائي اها رِٿ قبول ڪري ورتي. پر اڃا چار ڪلاڪ به نه گذريا هئا جو جارج سگريٽَ وٺڻ جي بهاني سان شهر جي گهنٽا گهر تي آيو ۽ چوڪيدار کي چيائين ته تون مون سان ٿورڙو سهڪار ڪندين، اهو هنيئن ته، ڇا تون اڄ رات هر  ڪلاڪ جي بدرآن هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِِ گهِنڊ وڄائي سگهين ٿو. چوڪيدار، جارج کي چيو ته مون کي توسان سهڪار ڪري ڏاڍي خوشي ٿئي ها، پر آئون ائين نٿو ڪري سگهان. جارج چوڪيدار کي چيو ته ائين نه ڪر، مون تي ڀلائي ڪر، مان توکي ان ڪم جا پئسا ڏيندس. پوڙهي چوڪيدار جارج کي چيو ته نه ائين نٿو ٿي سگهي سائين، ڇالاءِ جو اڄ هڪ نوجوان کڙيل گل جهڙي سهڻي ڇوڪري مون وٽ آئي هئي ۽ مون کي پهرين ئي خرچي ڏئي وئي آهي ته اڄ رات آئون هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ گهِنڊ وڄايان.
گرو رجنيش اوشو
ڪتاب عورت، جنس ۽ مذهب